067 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
تَبٰرَكَ الَّذِيْ بِيَدِهِ الْمُلْكُ ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرُ 1ۙ
نهايت ڀلارو آهي اُهو، جنهن جي هٿ ۾ سموري بادشاهي آهي ۽ اهو هر ڪنهن چيز تي اختيار وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيۨالَّذِيْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَالْحَيٰوةَ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفُوْرُ 2ۙ
جنهن موت ۽ حياتي خلقيا، ته اوهان کي آزمائي، ته اوهان مان ڪير ٿو تمام سٺا ڪم ڪري- ۽ هو غالب بخشڻهار آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا ۭ مَا تَرٰى فِيْ خَلْقِ الرَّحْمٰنِ مِنْ تَفٰوُتٍ ۭ فَارْجِعِ الْبَصَرَ ۙ هَلْ تَرٰى مِنْ فُطُوْرٍ 3
جنهن ستن آسمانن کي تهه ڪري بنايو، تون رحمان جي خلقڻ ۾ ڪو به فرق نه ڏسندين- وري به نظر ڦيرائي ڏس، ڇا، ڪا ڦوٽ ڏسين ٿو؟
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ ارْجِعِ الْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ يَنْقَلِبْ اِلَيْكَ الْبَصَرُ خَاسِئًا وَّهُوَ حَسِيْرٌ 4
وري به ٻه دفعا نظر ڦيراءِ، نيٺ تنهنجي نظر جهڪي ٿي، ٿڪجي، تو ڏانهن موٽندي!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ زَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِمَصَابِيْحَ وَجَعَلْنٰهَا رُجُوْمًا لِّلشَّـيٰطِيْنِ وَاَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابَ السَّعِيْرِ 5
۽ بيشڪ اسان اورئين آسمان کي (تارن جي) ڏيئن سان سينگاريو آهي ۽ انهن کي شيطان کي ڌڪ هڻڻ لاءِ بنايوسين، ۽ انهن لاءِ باهه جوعذاب تيار رکيو اٿئون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلِلَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 6
۽ جن پنهنجي ڌڻيءَ جو انڪار ڪيو، تن لاءِ دوزخ جي سزا آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. (_) ۽ جڏهن انهن کي دوزخ ۾ اڇلبو، تڏهن ان جون هينگون ٻڌندا، ۽ اهو ڪاوڙ کان ائين پيو اڀامندو، جو ڄڻ اجهو ٿو ڦاٽي! جڏهن به ڪنهن ٽوليءَ کي ان ۾ پيو وجهبو، تڏهن سندس چوڪيدار انهن کان پڇندا ته ”ڇا اوهان وٽ ڪوڊيڄاريندڙ ڪو نه آيو هو؟“
— محمد عثمان ڏيپلائياِذَآ اُلْقُوْا فِيْهَا سَمِعُوْا لَهَا شَهِيْقًا وَّهِىَ تَفُوْرُ 7ۙ
۽ جڏهن انهن کي دوزخ ۾ اڇلبو، تڏهن ان جون هينگون ٻڌندا، ۽ اهو پيو اڀامندو
— محمد عثمان ڏيپلائيتَكَادُ تَمَــيَّزُ مِنَ الْغَيْظِ ۭ كُلَّمَآ اُلْقِيَ فِيْهَا فَوْجٌ سَاَلَهُمْ خَزَنَــتُهَآ اَلَمْ يَاْتِكُمْ نَذِيْرٌ 8
ائين ڪاوڙ کان ، جو ڄڻ اجهو ٿو ڦاٽي! جڏهن به ڪنهن ٽوليءَ کي ان ۾ پيو وجهبو، تڏهن سندس چوڪيدار انهن کان پڇندا ته ”ڇا اوهان وٽ ڪوڊيڄاريندڙ ڪو نه آيو هو؟“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالُوْا بَلٰي قَدْ جَاۗءَنَا نَذِيْرٌ ڏ فَكَذَّبْنَا وَقُلْنَا مَا نَزَّلَ اللّٰهُ مِنْ شَيْءٍ ښ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ كَبِيْرٍ 9
چوندا ”هائو، بيشڪ اسا ن وٽ ڊيڄاريندڙ آيوهو، پر اسان هن کي ڪوڙو سمجهيو، ۽ چيوسون ته ”الله ڪجهه به نه لاٿو آهي، اوهين ته رڳو وڏي گمراهيءَ ۾ آهيو!“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَالُوْا لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ اَوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا فِيْٓ اَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 10
۽ چوندا ته ”جيڪڏهن اسين ٻڌون يا سمجهون ها، ته جيڪر دوزخين مان ڪين ٿيون ها.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاعْتَرَفُوْا بِذَنْۢبِهِمْ ۚ فَسُحْقًا لِّاَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 11
پوءِ پنهنجو ڏوهه مڃيندا، پوءِ دوزخين لاءِ شل لعنت هجي!
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَيْبِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 12
پڪ جيڪي شخص پنهنجي ڌڻيءَ کان پرپٺ ڊڄندا آهن، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَسِرُّوْا قَوْلَكُمْ اَوِ اجْهَرُوْا بِهٖ ۭ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 13
۽ پنهنجو ڳالهاءُ آهستي ڪڍو يا وڏي سڏ، ته هو ته پڪ سان دلين جا حال ڄاڻي ٿو-
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَا يَعْلَمُ مَنْ خَلَقَ ۭ وَهُوَ اللَّطِيْفُ الْخَبِيْرُ ۧ14
اُهو ڪيئن نه ڄاڻيندو، جنهن خلقيو؟ ۽ هو ته اونهي نظر وارو، هر ڪا خبر رکندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيهُوَ الَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ ذَلُوْلًا فَامْشُوْا فِيْ مَنَاكِبِهَا وَكُلُوْا مِنْ رِّزْقِهٖ ۭ وَاِلَيْهِ النُّشُوْرُ 15
هو اهو آهي، جنهن زمين کي اوهان جو تابع ڪيو، ته ان جي رستن ۾ گهمو ۽ ان جي ڏنل رزق مان کائو ۽ ان ڏي وري جيئرو ٿي وڃڻو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيءَاَمِنْتُمْ مَّنْ فِي السَّمَاۗءِ اَنْ يَّخْسِفَ بِكُمُ الْاَرْضَ فَاِذَا هِيَ تَمُوْرُ ۙ16
ڇا اوهين آسمان واري کان بي ڊپا آهيو؟ ته متان اوهان کي زمين ۾ ڳيهائي ڇڏي ۽ اها يڪدم ڌڏي؟
— محمد عثمان ڏيپلائياَمْ اَمِنْتُمْ مَّنْ فِي السَّمَاۗءِ اَنْ يُّرْسِلَ عَلَيْكُمْ حَاصِبًا ۭ فَسَتَعْلَمُوْنَ كَيْفَ نَذِيْرِ 17
يا ڇا، اوهين آسمان واري کان بي ڊپا آهيو، ته متان هو اوهان تي پهڻ وسائيندڙ هَوا موڪلي؟ پوءِ جلد ئي ڄاڻندؤ ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ كَذَّبَ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيْرِ 18
۽ بيشڪ انهن کان اڳين به ڪوڙ سمجهيو هو، پوءِ ڪهڙي نه هئي منهنجي سزا!
— محمد عثمان ڏيپلائياَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الطَّيْرِ فَوْقَهُمْ صٰۗفّٰتٍ وَّيَقْبِضْنَ ڪ مَا يُمْسِكُـهُنَّ اِلَّا الرَّحْـمٰنُ ۭ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَيْءٍۢ بَصِيْرٌ 19
ڇا، هو سندن مٿان پکين کي نٿا ڏسن، جي کنڀ کوليندا ۽ بند ڪندا آهن؟ انهن کي فقط ٻاجهارو ئي جهلي رکي ٿو- بيشڪ اهو هر چيز کي ڏسندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَمَّنْ هٰذَا الَّذِيْ هُوَ جُنْدٌ لَّكُمْ يَنْصُرُكُمْ مِّنْ دُوْنِ الرَّحْمٰنِ ۭ اِنِ الْكٰفِرُوْنَ اِلَّا فِيْ غُرُوْرٍ ۚ20
ڀلا اوهان جو اهو ڪهڙو لشڪر آهي، جو ٻاجهاري کان سواءِ اوهان کي مدد ڏئي؟ ڪافر فقط ڀولي ۾ آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائي