060 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 13 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَّخِذُوْا عَدُوِّيْ وَعَدُوَّكُمْ اَوْلِيَاۗءَ تُلْقُوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ وَقَدْ كَفَرُوْا بِـمَا جَاۗءَكُمْ مِّنَ الْحَقِّ ۚ يُخْرِجُوْنَ الرَّسُوْلَ وَاِيَّاكُمْ اَنْ تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ رَبِّكُمْ ۭ اِنْ كُنْتُمْ خَرَجْتُمْ جِهَادًا فِيْ سَبِيْلِيْ وَابْتِغَاۗءَ مَرْضَاتِيْ ڰ تُسِرُّوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ ڰ وَاَنَا اَعْلَمُ بِـمَآ اَخْفَيْتُمْ وَمَآ اَعْلَنْتُمْ ۭ وَمَنْ يَّفْعَلْهُ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ 1
اي مؤمنوَ جيڪڏهن اوهين منهنجي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ لاءِ ۽ منهنجي رضا مندي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيو، ته منهنجي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بنايو، انهن ڏانهن دوستيءَ جي ڪري پيغام موڪليو ٿا، مگر جيڪو اوهان وٽ سچ آيو آهي، تنهن جا ته اهي منڪر آهن_ رسول کي ۽ اوهان کي هن ڪري (وطن مان) ڪڍن ٿا، جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ الله تي ايمان آندو آهي_ اوهين ته انهن لاءِ دوستيءَ جي ڪري ڳجها نياپا ٿا موڪليو، مگر جيڪي ڳجهو ڪريو ٿا يا پڌرو ڪريو ٿا، اهو آءُ چڱي طرح ڄاڻيندڙ آهيان_ ۽ اوهان مان جيڪو ائين ڪندو، سو بيشڪ سڌو رستو ڀُليو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنْ يَّثْقَفُوْكُمْ يَكُوْنُوْا لَكُمْ اَعْدَاۗءً وَّيَبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ وَاَلْسِنَتَهُمْ بِالسُّوْۗءِ وَوَدُّوْا لَوْ تَكْفُرُوْنَ 2ۭ
جيڪڏهن هو اوهان کي هٿ ڪندا، ته اوهان جا پڪ دشمن هوندا ۽ اوهان ڏانهن پنهنجا هٿ ۽ پنهنجيون زبانون بُري ارادي سان وڌائيندا ۽ گهرندا ته جيڪر اوهين به ڪافر ٿيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيلَنْ تَنْفَعَكُمْ اَرْحَامُكُمْ وَلَآ اَوْلَادُكُمْ ڔ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ڔ يَفْصِلُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 3
اوهان جا مائٽ خواهه اوهان جو اولاد قيامت جي ڏينهن اوهان کي هر گز فائدو نه پهچائيندا، (الله) اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو ۽ جيڪي ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيقَدْ كَانَتْ لَكُمْ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ فِيْٓ اِبْرٰهِيْمَ وَالَّذِيْنَ مَعَهٗ ۚ اِذْ قَالُوْا لِقَوْمِهِمْ اِنَّا بُرَءٰۗؤُا مِنْكُمْ وَمِـمَّا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ ۡ كَفَرْنَا بِكُمْ وَبَدَا بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةُ وَالْبَغْضَاۗءُ اَبَدًا حَتّٰى تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَحْدَهٗ ٓ اِلَّا قَوْلَ اِبْرٰهِيْمَ لِاَبِيْهِ لَاَسْتَغْفِرَنَّ لَكَ وَمَآ اَمْلِكُ لَكَ مِنَ اللّٰهِ مِنْ شَيْءٍ ۭ رَبَّنَا عَلَيْكَ تَوَكَّلْنَا وَاِلَيْكَ اَنَبْنَا وَاِلَيْكَ الْمَصِيْرُ 4
بيشڪ ابراهيم ۽ سندس ساٿين ۾ اوهان لاءِ چڱي پيروي آهي_ جڏهن پنهنجي قوم کي چيائون ”بيشڪ اسين اوهان کان ۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيو ٿا، تن کان بيزار آهيون، اسين اوهان جا منڪر ٿي چڪاسون ۽ اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ هميشه لاءِ دشمني ۽ وير پڌرو ٿي چڪو، جيسين هڪ الله تي ايمان نه آڻيندا_ سواءِ هن ڳالهه جي، جو ابراهيم جو پنهنجي پيءُ کي چوڻ ته ”تولاءِ ضرور بخشش گهرندس، پر الله کان تو لاءِ ڪجهه به ڪري نٿو سگهان.“ (۽ چيائون) ”اي اسان جا ڌڻي! اسان توتي ڀروسو رکيو، تو ڏانهن موٽياسون ۽ تو ڏي ئي موٽڻ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيرَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا فِتْنَةً لِّلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَاغْفِرْ لَنَا رَبَّنَا ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 5
اي اسان جا ڌڻي! اسان کي ڪافرن لاءِ آزمائش نه بناءِ_ اي اسان جا ڌڻي! اسان کي بخش، بيشڪ تون غالب ۽ ڏاهپ وارو آهين.“
— محمد عثمان ڏيپلائيلَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِيْهِمْ اُسْوَةٌ حَسَـنَةٌ لِّمَنْ كَانَ يَرْجُوا اللّٰهَ وَالْيَوْمَ الْاٰخِرَ ۭ وَمَنْ يَّتَوَلَّ فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيْدُ 6ۧ
بيشڪ انهن ۾ توهان لاءِ سٺو طريقو آهي، جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکندڙ آهي_ ۽ جيڪو منهن موڙيندو، ته بيشڪ الله سڀ کان بي پرواهه ساراهيل آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيعَسَى اللّٰهُ اَنْ يَّجْعَلَ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَ الَّذِيْنَ عَادَيْتُمْ مِّنْهُمْ مَّوَدَّةً ۭ وَاللّٰهُ قَدِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 7
ٿي سگهي ٿو؛ جو الله اوهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ دوستي پيدا ڪري، جن سان انهن مان دشمني رکي اٿوَ، الله سگهارو آهي ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيلَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ لَمْ يُقَاتِلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَلَمْ يُخْرِجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ اَنْ تَبَرُّوْهُمْ وَتُقْسِطُوْٓا اِلَيْهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 8
جن شخصن اوهان سان دين ۾ نه جنگ ڪئي آهي ۽ نڪي اوهان جي گهرن مان اوهان کي ٻاهر ڪڍيو آهي، تن سان احسان ڪرڻ ۽ ساڻن انصاف ڪرڻ کان الله اوهان کي نٿو روڪي_ بيشڪ الله انصاف ڪندڙن سان محبت ٿو رکي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّـمَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ قٰتَلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَاَخْرَجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ وَظٰهَرُوْا عَلٰٓي اِخْرَاجِكُمْ اَنْ تَوَلَّوْهُمْ ۚ وَمَنْ يَّتَوَلَّهُمْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 9
الله فقط انهن سان دوستي رکڻ کان اوهان کي منع ڪري ٿو، جن شخصن اوهان سان دين بابت جنگ ڪئي، اوهان کي اوهان جي گهرن مان ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ ٻين جي مدد ڪئي_ جيڪي انهن سان دوستي رکندا، سي ئي ظالم آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا جَاۗءَكُمُ الْمُؤْمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامْتَحِنُوْهُنَّ ۭ اَللّٰهُ اَعْلَمُ بِـاِيْـمَانِهِنَّ ۚ فَاِنْ عَلِمْتُمُوْهُنَّ مُؤْمِنٰتٍ فَلَا تَرْجِعُوْهُنَّ اِلَى الْكُفَّارِ ۭ لَا هُنَّ حِلٌّ لَّهُمْ وَلَا هُمْ يَحِلُّوْنَ لَهُنَّ ۭ وَاٰتُوْهُمْ مَّآ اَنْفَقُوْا ۭ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ اَنْ تَنْكِحُوْهُنَّ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ ۭ وَلَا تُمْسِكُوْا بِعِصَمِ الْكَوَافِرِ وَاسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقْتُمْ وَلْيَسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقُوْا ۭ ذٰلِكُمْ حُكْمُ اللّٰهِ ۭ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 10
اي مؤمنو! جڏهن اوهان وٽ مؤمنياڻيون وطن ڇڏي اچن، تڏهن کين جاچيو، الله انهن جي ايمان کي چڱو ڄاڻنيدڙ آهي_ پوءِ جيڪڏهن کين مؤمنياڻيون ڄاڻو، ته انهن کي ڪافرن ڏانهن موٽائي نه موڪليو_ اُهي ڪافرن لاءِ حلال ناهن ۽ نڪي ڪافر انهن لاءِ حلال آهن_ ۽ جيڪو خرچ ڪيائون، سو انهن مڙسن کي ڏيو ۽ جڏهن کين سندن مهر ڏيو، ته انهن جي نڪاح ڪرڻ ۾ اوهان تي گناهه نه آهي_ ۽ اوهين به ڪافرياڻين جي لاڳاپن کي پاڻ وٽ نه روڪيو ۽ جيڪو اوهان خرچ ڪيو، سو ڀلي انهن کان گهرو ۽ جيڪي هنن خرچ ڪيو، سو به ڀل اوهان کان گهرن، اهو الله جو حڪم آهي، جو اوهان جي وچ ۾ فيصلو ٿو ڪري ۽ الله ڄاڻيندڙ ڏاهپ وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنْ فَاتَكُمْ شَيْءٌ مِّنْ اَزْوَاجِكُمْ اِلَى الْكُفَّارِ فَعَاقَبْتُمْ فَاٰتُوا الَّذِيْنَ ذَهَبَتْ اَزْوَاجُهُمْ مِّثْلَ مَآ اَنْفَقُوْا ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْٓ اَنْتُمْ بِهٖ مُؤْمِنُوْنَ 11
۽ جيڪڏهن اوهان جي زالن مان ڪا ڪافرن ڏانهن ويئي هجي، پوءِ اوهان (ڪافرن تي) سوڀ ڪئي، ته جن جون زالون ويون هجن تن کي اوترو ڏين، جيترو انهن خرچ ڪيو هو، ۽ انهي الله کان ڊڄو، جنهن تي اوهين ايمان آڻيندڙ آهيو.
— محمد عثمان ڏيپلائييٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا جَاۗءَكَ الْمُؤْمِنٰتُ يُبَايِعْنَكَ عَلٰٓي اَنْ لَّا يُشْرِكْنَ بِاللّٰهِ شَـيْـــــًٔــا وَّلَا يَسْرِقْنَ وَلَا يَزْنِيْنَ وَلَا يَقْتُلْنَ اَوْلَادَهُنَّ وَلَا يَاْتِيْنَ بِبُهْتَانٍ يَّفْتَرِيْنَهٗ بَيْنَ اَيْدِيْهِنَّ وَاَرْجُلِهِنَّ وَلَا يَعْصِيْنَكَ فِيْ مَعْرُوْفٍ فَبَايِعْهُنَّ وَاسْتَغْفِرْ لَهُنَّ اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 12
اي نبي! جڏهن تو وٽ مؤمن زالون تو سان بيعت ڪرڻ لاءِ اچن، ته ”ڪنهن کي الله سان شريڪ نه ڪنديون، نڪي چوري ڪنديون، نڪي زنا ڪنديون، نڪي پنهنجي اولاد کي قتل ڪنديون، نڪي اهڙي ڪوڙي تهمت رکنديون، جنهن کي پنهنجي هٿن پيرن سان ٺاهيو هجنِ، ۽ نڪي ڪنهن چڱي ڪم ۾ تنهنجي نافرماني ڪنديون؛“ تڏهن ساڻن بيعت ڪر ۽ انهن لاءِ الله کان بخشش گهر، بيشڪ الله بخشڻهار مهربان آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَوَلَّوْا قَوْمًا غَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ قَدْ يَىِٕسُوْا مِنَ الْاٰخِرَةِ كَـمَا يَىِٕسَ الْكُفَّارُ مِنْ اَصْحٰبِ الْقُبُوْرِ ۧ13
اي مؤمنو! اوهين انهي قوم سان دوستي نه رکو، جنهن تي الله ڏمريو آهي_ بيشڪ اهي آخرت کان اهڙا نا اميد ٿيا آهن، جهڙو ڪافر قبرن وارن (جي جيئري ٿيڻ) کان نا اميد ٿيا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائي