006 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 165 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنُّوْرَ ڛ ثُـمَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ يَعْدِلُوْنَ 1
هر ڪا واکاڻ الله کي ئي جڳائي ٿي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ اونداهين ۽ روشنيءَ کي بڻايائين، پوءِ به ڪافر (ٻين کي) پنهنجي ڌڻيءَ جي برابر سمجهن ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائيهُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ طِيْنٍ ثُـمَّ قَضٰٓى اَجَلًا ۭ وَاَجَلٌ مُّسَمًّى عِنْدَهٗ ثُـمَّ اَنْتُمْ تَـمْتَرُوْنَ 2
اهوئي آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ (موت جو) وقت مقرر ڪيائين. هڪ مقرر وقت ان وٽ (ٻيو به) آهي، پوءِ به اوهين شڪ ڪريو ٿا؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَهُوَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَفِي الْاَرْضِ ۭ يَعْلَمُ سِرَّكُمْ وَجَهْرَكُمْ وَيَعْلَمُ مَا تَكْسِبُوْنَ 3
اهوئي الله آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ به. اهو اوهان جي ڳجهين ۽ پڌرين ڳالهين کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي عمل ڪريو ٿا، انهن کي ڄاڻي ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَا تَاْتِيْهِمْ مِّنْ اٰيَةٍ مِّنْ اٰيٰتِ رَبِّهِمْ اِلَّا كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِيْنَ 4
سندن رب وٽان سندس نشانين مان جيڪا به نشاني ٿي اچي، اهي ان کان منهن موڙين ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَقَدْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۭ فَسَوْفَ يَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 5
جڏهن وٽن حق آيو، ته ان کي به ڪوڙو ڪيائون. پوءِ جن ڳالهين تي چٿرون ڪندا هئا. تن جي خبر کين جلدي پوندي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَمْ يَرَوْا كَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ مَّكَّنّٰهُمْ فِي الْاَرْضِ مَا لَمْ نُـمَكِّنْ لَّكُمْ وَاَرْسَلْنَا السَّمَاۗءَ عَلَيْهِمْ مِّدْرَارًا ۠ وَّجَعَلْنَا الْاَنْھٰرَ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمْ فَاَهْلَكْنٰهُمْ بِذُنُوْبِهِمْ وَاَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا اٰخَرِيْنَ 6
ڇا هنن نه ڏٺو آهي؟ ته کانئن اڳ اسان ڪيترين اهڙين امتن کي ناس ڪيو، جن کي زمين ۾ اهڙو ڄمايو هوسون، جو اوهانکي به نه ڄمايو اٿئون. ۽ مٿن آسمان مان لڳو لڳ، مينهن وسايو سون ۽ انهن لاءِ نهرون بڻايون سين، جي سندن (ڳوٺن) هيٺان وهيون ٿي، پوءِ سندن گناهن ڪري کين ناس ڪيوسون ۽ انهن کان پوءِ ٻيون امتون پيدا ڪيون سين.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَوْ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ كِتٰبًا فِيْ قِرْطَاسٍ فَلَمَسُوْهُ بِاَيْدِيْهِمْ لَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ هٰذَآ اِلَّا سِـحْـرٌ مُّبِيْنٌ 7
جيڪڏهن اسين توتي ڪاغذن تي لکيل ڪتاب نازل ڪريون ها ۽ اهي ان کي سندن هٿن سان به ڇهن ها، ته به ڪافر ائين ئي چون ها، ته ”هي پڌري جادوءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَالُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ مَلَكٌ ۭ وَلَوْ اَنْزَلْنَا مَلَكًا لَّقُضِيَ الْاَمْرُ ثُـمَّ لَا يُنْظَرُوْنَ 8
۽ چون ٿا ته ”مٿس فرشتو ڇو نه آيو؟“ جيڪڏهن اسين فرشتو موڪليون ها ته ڳالهه ئي فيصل ٿي وڃي ها. پوءِ کين مهلت به نه ملي ها.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَوْ جَعَلْنٰهُ مَلَكًا لَّـجَعَلْنٰهُ رَجُلًا وَّلَـلَبَسْنَا عَلَيْهِمْ مَّا يَلْبِسُوْنَ 9
۽ جيڪڏهن اسين فرشتو (رسول ڪري) موڪليون ها، ته به ماڻهوءَ جي شڪل ۾ هجي ها ۽ اسين کين انهيءَ شڪ ۾ وجهون ها، جو شڪ هو ڪري رهيا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّنْ قَبْلِكَ فَحَاقَ بِالَّذِيْنَ سَخِرُوْا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
توکان اڳ به رسولن سان مسخريون ٿينديون رهيون آهن، پوءِ جي ماڻهو انهن سان مسخريون ڪندا هئا، تن کي مسخرين جي سزا گهيري ورتو.
— محمد عثمان ڏيپلائيقُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ ثُـمَّ انْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِيْنَ 11
چئو ته زمين جو سير ڪريو، ۽ ڏسو ته (رسولن کي) ڪوڙو ڪندڙن جي ڪهڙي پڇاڙي ٿئي!
— محمد عثمان ڏيپلائيقُلْ لِّمَنْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلْ لِّلّٰهِ ۭ كَتَبَ عَلٰي نَفْسِهِ الرَّحْمَةَ ۭ لَيَجْمَعَنَّكُمْ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 12
(انهن کان) پڇ ته ”جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، اهو ڪنهن جو آهي؟“ چئو ”الله جو،“ ان پنهنجي پاڻ تي رحمت کي لازم ڪيو آهي. هو اوهان سڀني کي قيامت ڏينهن ضرور ڪٺو ڪندو، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. جن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو آهي سي ايمان نه آڻيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَهٗ مَا سَكَنَ فِي الَّيْلِ وَالنَّهَارِ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 13
۽ جيڪا مخلوق رات ۽ ڏينهن ۾ رهي ٿي. اها سندس آهي ۽ هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيقُلْ اَغَيْرَ اللّٰهِ اَتَّـخِذُ وَلِيًّا فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَهُوَ يُطْعِمُ وَلَا يُطْعَمُ ۭ قُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ مَنْ اَسْلَمَ وَلَا تَكُوْنَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِيْنَ 14
چئو ڇا. آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪندڙ الله کي ڇڏي، ڪنهن ٻئي کي ڪارساز بڻايان؟ ۽ اهو (سڀ کي) روزي ڏئي ٿو، ۽ ڪو به کيس روزي نه ٿو ڏئي. چئو ته مون کي حڪم مليو آهي ته آءٌ سڀ کان اڳ حڪم مڃيندڙ ٿيان ۽ تون هرگز ان سان ٻيا ڀائيوار بڻائيندڙ نه ٿيءُ.
— محمد عثمان ڏيپلائيقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْـمٍ 15
چئو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي رب جي نافرماني ڪندس ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَنْ يُّصْرَفْ عَنْهُ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِمَهٗ ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْمُبِيْنُ 16
جنهن کان ان ڏينهن عذاب ٽري ويو ته ان تي برابر الله جي مهرباني ٿي ۽ اها پڌري ڪاميابي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنْ يَّـمْسَسْكَ اللّٰهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهٗ ٓ اِلَّا هُوَ ۭ وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ بِـخَيْرٍ فَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 17
۽ جيڪڏهن الله توکي ڏک ڏئي، ته ڪو به ان کي ٽارڻ وارو ڪو نه آهي ان کان سواءِ (اِلّا هو) ۽ جيڪڏهن توکي فائدو ڏئي ته هو هر ڳالهه تي وس وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ ۭ وَهُوَ الْـحَكِـيْمُ الْـخَبِيْرُ 18
۽ اهو پنهنجي بندن تي غالب آهي ۽ اهو داناءُ ۽ خبردار آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيقُلْ اَيُّ شَيْءٍ اَكْبَرُ شَهَادَةً ۭ قُلِ اللّٰهُ ڐ شَهِيْدٌۢ بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۣ وَاُوْحِيَ اِلَيَّ هٰذَا الْقُرْاٰنُ لِاُنْذِرَكُمْ بِهٖ وَمَنْۢ بَلَغَ ۭ اَىِٕنَّكُمْ لَتَشْهَدُوْنَ اَنَّ مَعَ اللّٰهِ اٰلِهَةً اُخْرٰي ۭ قُلْ لَّآ اَشْهَدُ ۚ قُلْ اِنَّـمَا هُوَ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ وَّاِنَّنِيْ بَرِيْۗءٌ مِّـمَّا تُشْرِكُوْنَ ۘ19
تون پڇ ته سڀ کان وڏو گواهه ڪير آهي؟ چئو ته الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ گواهه آهي ۽ هي قرآن مون ڏانهن هن ڪري لاٿو ويو آهي، ته آءٌ ان سان اوهان کي ۽ جن کي (اهو قرآن) پهچي، ڊيڄاريان، ڇا اوهين اها شاهدي ڏيو ٿا ته الله سان ٻيو به ڪو بندگيءَ جو لائق آهي؟ چئو ته گواهي نه ٿو ڏيان. چئو ته اهو ئي هڪ بندگيءَ جو لائق آهي ۽ جن کي اوهين ان جا ڀائيوار بڻايو ٿا، آءٌ انهن کان بيزار آهيان.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَّذِيْنَ اٰتَيْنٰهُمُ الْكِتٰبَ يَعْرِفُوْنَهٗ كَـمَا يَعْرِفُوْنَ اَبْنَاۗءَهُمْ ۘ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۧ20
جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، سي ان کي ائين سڃاڻن ٿا، جيئن پنهنجي پٽن کي سڃاڻن ٿا. جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو آهي، سي ايمان نه آڻيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائي