056 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 96 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
اِذَا وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُ 1ۙ
جڏهن قيامت ايندي.
— محمد عثمان ڏيپلائيلَيْسَ لِوَقْعَتِهَا كَاذِبَةٌ 2ۘ
جنهن جي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيخَافِضَةٌ رَّافِعَةٌ 3ۙ
جا ڪن کي هيٺ ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿانهين ڪرڻ واري آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذَا رُجَّتِ الْاَرْضُ رَجًّا 4ۙ
جڏهن زمين سخت ڌوڏبي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّبُسَّتِ الْجِبَالُ بَسًّا 5ۙ
۽ جبل پوريءَ طرح پڻي ڪبا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَكَانَتْ هَبَاۗءً مُّنْۢبَثًّا 6ۙ
پوءِ اُڏامندڙ دز وانگر ٿيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّكُنْتُمْ اَزْوَاجًا ثَلٰثَةً 7ۭ
۽ اوهين تڏهن ٽي ٽوليون ٿيندؤ-
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ ڏ مَآ اَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ 8ۭ
پوءِ سڄي پاسي وارا، ۽ سڄي پاسي وارا ڪهڙا نه (چڱا) هوندا-
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَصْـحٰبُ الْمَشْـَٔــمَةِ ڏ مَآ اَصْـحٰبُ الْمَشْــَٔــمَةِ 9ۭ
۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪهڙا نه (بُرا) هوندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالسّٰبِقُوْنَ السّٰبِقُوْنَ ڌ 10
۽ اڳرائي ڪرڻ وارا، اڳي ٿيڻ وارا آهن-
— محمد عثمان ڏيپلائياُولٰۗىِٕكَ الْمُقَرَّبُوْنَ ۚ11
اُهي الله کي ويجها آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيفِيْ جَنّٰتِ النَّعِيْمِ 12
نعمتن وارن باغن ۾ هوندا،
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـلَّةٌ مِّنَ الْاَوَّلِيْنَ ۙ13
گهڻا پهرين مان
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَلِيْلٌ مِّنَ الْاٰخِرِيْنَ ۭ14
۽ ٿورا پوين مان-
— محمد عثمان ڏيپلائيعَلٰي سُرُرٍ مَّوْضُوْنَةٍ ۙ15
سينگاريل تختن تي
— محمد عثمان ڏيپلائيمُّتَّكِـــِٕيْنَ عَلَيْهَا مُتَقٰبِلِيْنَ 16
هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي مٿن ٽيڪ ڏيئي ويٺل هوندا.
— محمد عثمان ڏيپلائييَــطُوْفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَ ۙ17
هميشه رهڻ وارا ڇوڪرا وٽن پيا ايندا ويندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيبِاَكْوَابٍ وَّاَبَارِيْقَ ڏ وَكَاْسٍ مِّنْ مَّعِيْنٍ ۙ18
جڳن ۽ ڪوزن سان ۽ پيئڻ جي وهندڙ شيءِ جا پيالا (آڻيندا)
— محمد عثمان ڏيپلائيلَّا يُصَدَّعُوْنَ عَنْهَا وَلَا يُنْزِفُوْنَ ۙ19
جنهن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندو ۽ نڪي بيهوش ٿيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَفَاكِهَةٍ مِّـمَّا يَتَخَيَّرُوْنَ ۙ20
پڻ هر قسم جو ميوو، جتان وڻندن،
— محمد عثمان ڏيپلائي