054 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 55 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
اِقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَانْشَقَّ الْقَمَرُ 1
ساعت ويجهي آئي ۽ چنڊ چير جي پيو-
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنْ يَّرَوْا اٰيَةً يُّعْرِضُوْا وَيَقُوْلُوْا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ 2
۽ جيڪڏهن ڪا نشاني ڏسندا ته منهن موڙيندا ۽ چوندا ته ”هي ته اڳوڻو جادو آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَكَذَّبُوْا وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ وَكُلُّ اَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ 3
۽ ڪوڙ ڄاتائون ۽ پنهنجن سڌن تي هليا- هر ڪو ڪم پنهنجي وقت تي ٺهرايل آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ جَاۗءَهُمْ مِّنَ الْاَنْۢبَاۗءِ مَا فِيْهِ مُزْدَجَرٌ 4ۙ
۽ بيشڪ انهن وٽ اُهي خبرون آيل آهن؛ جن ۾ جِهڻڪ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيحِكْمَةٌۢ بَالِغَةٌ فَـمَا تُغْنِ النُّذُرُ 5ۙ
پوري ڏاهپ آهي؛ پوءِ عبرت جون ڳالهيون کين فائدو نٿيون ڏين.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ الدَّاعِ اِلٰى شَيْءٍ نُّكُرٍ 6ۙ
تنهن ڪري انهن کان منهن موڙ، جنهن ڏينهن سڏيندڙ اڻ وڻندڙ شيءِ ڏانهن سڏيندو؛
— محمد عثمان ڏيپلائيخُشَّعًا اَبْصَارُهُمْ يَخْرُجُوْنَ مِنَ الْاَجْدَاثِ كَاَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنْتَشِرٌ 7ۙ
تڏهن قبرن مان جِهڪين اکين سان ائين ٻاهر نڪرندا؛ جو ڄڻڪ اهي پکڙيل مڪڙ آهن!
— محمد عثمان ڏيپلائيمُّهْطِعِيْنَ اِلَى الدَّاعِ ۭ يَقُوْلُ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌ 8
سڏيندڙ ڏانهن ڊوڙندا ويندا_ ڪافر چوندا ته ”هيءُ سخت ڏينهن آهي!“
— محمد عثمان ڏيپلائيكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ فَكَذَّبُوْا عَبْدَنَا وَقَالُوْا مَجْنُوْنٌ وَّازْدُجِرَ 9
انهن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙ ڀانيو؛ پوءِ اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو ڄاتائون ۽ چيائون ته ”چريو آهي“ ۽ ساڻس سخت ڳالهايو ويو.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَدَعَا رَبَّهٗ ٓ اَنِّىْ مَغْلُوْبٌ فَانْتَصِرْ 10
پوءِ هن پنهنجي رب کي سڏ ڪيو ته ”تحقيق آءُ هيڻو آهيان؛ تنهن ڪري تون انهن کي پهچ.“ (يعني مدد ڪريمِ)
— محمد عثمان ڏيپلائيفَفَتَحْنَآ اَبْوَابَ السَّمَاۗءِ بِـمَاۗءٍ مُّنْهَمِرٍ ڮ 11
پوءِ آسمان جا دروازا گهڻي وهندڙ پاڻي سان کولياسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّفَجَّــرْنَا الْاَرْضَ عُيُوْنًا فَالْتَقَى الْمَاۗءُ عَلٰٓي اَمْرٍ قَدْ قُدِرَ ۚ12
۽ زمين مان چشما جاري ڪياسون، پاڻي جنهن ڪم لاءِ مقرر ٿيل هو، انهي لاءِ اچي گڏيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَحَمَلْنٰهُ عَلٰي ذَاتِ اَلْوَاحٍ وَّدُسُرٍۙ13
۽ نوح کي تختن ۽ ميخن واريءَ ٻيڙيءَ تي چاڙهيوسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيتَـجْرِيْ بِاَعْيُنِنَا ۚ جَزَاۗءً لِّمَنْ كَانَ كُفِرَ 14
جا اسان جي اکين آڏو هلي ٿي_ انهي شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ، جنهن کي نه مڃيو ويو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ تَّرَكْنٰهَآ اٰيَةً فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 15
۽ بيشڪ انهي (سزا) کي هڪ نشاني ڪئي سون، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
— محمد عثمان ڏيپلائيفَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 16
پوءِ ڏس، ته منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ ڪيئن هو!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 17
بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ سولو ڪيو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
— محمد عثمان ڏيپلائيكَذَّبَتْ عَادٌ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 18
عاد جي قوم (نبيءَ کي) ڪوڙو ڀانيو، پوءِ منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو!
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّآ اَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْ يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ ۙ19
اسان سخت طوفان کي وڏي نڀاڳي ڏينهن ۾ انهن تي موڪليو.
— محمد عثمان ڏيپلائيتَنْزِعُ النَّاسَ ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنْقَعِرٍ 20
جنهن ماڻهن کي اُکيڙيو ٿي، ڄڻڪ اهي پاڙون پٽيل کجيءَ جا ٿڙ آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائي