053 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 62 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
وَالنَّجْمِ اِذَا هَوٰى 1ۙ
”لهندڙ تارو“ شاهد آهي
— محمد عثمان ڏيپلائيمَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوٰى 2ۚ
ته اوهان جو دوست (محمدﷺ) نڪي ڀُليو ۽ نڪي بي راهه ٿيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَا يَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰى 3ۭ
۽ نڪي هو دل جي سڌ کان ڳالهائيندو آهي،
— محمد عثمان ڏيپلائياِنْ هُوَ اِلَّا وَحْيٌ يُّوْحٰى 4ۙ
پر رڳو وحي آهي، جو موڪليو ويندو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيعَلَّمَهٗ شَدِيْدُ الْقُوٰى 5ۙ
اهو کيس وڏيءَ سگهه واري سيکاري آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيذُوْ مِرَّةٍ ۭ فَاسْتَوٰى 6ۙ
جو زور وارو آهي، اهو سڌو ٿيو،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَهُوَ بِالْاُفُقِ الْاَعْلٰى 7ۭ
۽ اهو آسمان جي مٿانهين ڪناري تي هو_
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ دَنَا فَتَدَلّٰى 8ۙ
وري ويجهو ٿيو ۽ پوءِ هيٺ لٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ اَوْ اَدْنٰى 9ۚ
پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وٿي هئي يا ان کان به ويجهو هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَوْحٰٓى اِلٰى عَبْدِهٖ مَآ اَوْحٰى ۭ10
پوءِ پنهنجي ٻانهي ڏانهن جيڪو حڪم رسائڻو هوس، سو وحي ڪيائين.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَا كَذَبَ الْفُؤَادُ مَا رَاٰى 11
جيڪي انجي دل ڏٺو، سو ڪوڙ نه سمجهيائين،
— محمد عثمان ڏيپلائياَفَتُمٰرُوْنَهٗ عَلٰي مَا يَرٰى 12
جيڪي (نبي) ڏسندو آهي، تنهن بابت ساڻس جهڳڙو ڇو ٿا ڪريو؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ رَاٰهُ نَزْلَةً اُخْرٰى ۙ13
بيشڪ هن ته انهي کي ٻيو ڀيرو به ڏٺو هو،
— محمد عثمان ڏيپلائيعِنْدَ سِدْرَةِ الْمُنْتَهٰى 14
”سدرة المنتهيٰ“وٽ
— محمد عثمان ڏيپلائيعِنْدَهَا جَنَّةُ الْمَاْوٰى ۭ15
اتي رهڻ جو بهشت آهي،
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ يَغْشَى السِّدْرَةَ مَا يَغْشٰى ۙ16
جڏهن سدرة کي انهي ڍڪڻ واري ڍڪيو ٿي_
— محمد عثمان ڏيپلائيمَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغٰى 17
رسول جي اک نڪي ٿڙي، نڪي حد کان لنگهي،
— محمد عثمان ڏيپلائيلَقَدْ رَاٰى مِنْ اٰيٰتِ رَبِّهِ الْكُبْرٰى 18
بيشڪ، هن پنهنجي ڌڻيءَ جون ڪي وڏيون نشانيون ڏٺيون.
— محمد عثمان ڏيپلائياَفَرَءَيْتُمُ اللّٰتَ وَالْعُزّٰى ۙ19
ڇا؛ اوهان ”لات“ ۽ ”عزا“ کي ڏٺو آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَنٰوةَ الثَّالِثَةَ الْاُخْرٰى 20
۽ پوئينءَ ٽئين ”منات“ کي به؟
— محمد عثمان ڏيپلائي