052 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 49 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
وَالطُّوْرِ 1ۙ
شاهد آهن؛ طور جبل،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَكِتٰبٍ مَّسْطُوْرٍ 2ۙ
۽ لکيل ڪتاب،
— محمد عثمان ڏيپلائيفِيْ رَقٍّ مَّنْشُوْرٍ 3ۙ
جو کليل ورقن ۾ آهي،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّالْبَيْتِ الْمَعْمُوْرِ 4ۙ
۽ آباد گهر،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالسَّقْفِ الْمَرْفُوْعِ 5ۙ
۽ مٿاهين ڇت،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالْبَحْرِ الْمَسْجُوْرِ 6ۙ
۽ اڀامندڙ سمنڊ،
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَاقِعٌ 7ۙ
ته بيشڪ تنهنجي رب جو عذاب اچڻو آهي،
— محمد عثمان ڏيپلائيمَّا لَهٗ مِنْ دَافِعٍ 8ۙ
ان کي ڪو به ٽارڻ وارو ڪونهي.
— محمد عثمان ڏيپلائييَّوْمَ تَـمُوْرُ السَّمَاۗءُ مَوْرًا 9ۙ
جنهن ڏينهن آسمان موج هڻي چُرندو،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّتَسِيْرُ الْـجِبَالُ سَيْرًا ۭ10
۽ جبل چڱيءَ طرح هلندا،
— محمد عثمان ڏيپلائيفَوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ ۙ11
تنهن ڏينهن انهن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آهي؛
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ خَوْضٍ يَّلْعَبُوْنَ ۘ12
جيڪي اجائي ڳالهائڻ ۾ راند ڪندا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائييَوْمَ يُدَعُّوْنَ اِلٰى نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّا ۭ13
جنهن ڏينهن دوزخ جي باهه ڏانهن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا،
— محمد عثمان ڏيپلائيهٰذِهِ النَّارُ الَّتِيْ كُنْتُمْ بِهَا تُكَذِّبُوْنَ 14
(چئبن ته) ”هيءَ اها باهه آهي؛ جنهن کي ڪوڙ ڀائيندا هئؤ!“
— محمد عثمان ڏيپلائياَفَسِحْرٌ ھٰذَآ اَمْ اَنْتُمْ لَا تُبْصِرُوْنَ ۚ15
ڇا؛ هي جادو آهي، يا اوهين نٿا ڏسو؟
— محمد عثمان ڏيپلائياِصْلَوْهَا فَاصْبِرُوْٓا اَوْ لَا تَصْبِرُوْا ۚ سَوَاۗءٌ عَلَيْكُمْ ۭ اِنَّـمَا تُـجْزَوْنَ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 16
ان ۾ گهڙو، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو، اوهان لاءِ ساڳي ڳالهه آهي_ بيشڪ اوهان کي رڳو ان جو بدلو ڏبو، جيڪي ڪريو ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّنَعِيْمٍ ۙ17
بيشڪ، نيڪ باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفٰكِهِيْنَ بِـمَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۚ وَوَقٰىهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ الْـجَحِيْمِ 18
جيڪي کين سندن رب ڏنو، تنهن سان خوش هوندا ۽ انهن جي رب کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.
— محمد عثمان ڏيپلائيكُلُوْا وَاشْرَبُوْا هَنِيْۗــــًٔـــۢا بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۙ19
(چئبن ته) ”مزي سان کائو ۽ پيئو، هن ڪري جو اوهين چڱا ڪم ڪندا هئا.“
— محمد عثمان ڏيپلائيمُتَّكِــــِٕيْنَ عَلٰي سُرُرٍ مَّصْفُوْفَةٍ ۚ وَزَوَّجْنٰهُمْ بِـحُوْرٍ عِيْنٍ 20
هڪ ٻئي جي برابر وڇايل تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هوندا ۽ انهن کي وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسين.
— محمد عثمان ڏيپلائي