051 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
وَالذّٰرِيٰتِ ذَرْوًا 1ۙ
شاهد آهن؛ چڱيءَ طرح اُڏائيندڙ هوائون
— محمد عثمان ڏيپلائيفَالْـحٰمِلٰتِ وِقْرًا 2ۙ
پوءِ بار کڻڻ وارا ڪڪر،
— محمد عثمان ڏيپلائيفَالْـجٰرِيٰتِ يُسْرًا 3ۙ
پوءِ آسانيءَ سان هلندڙ (ٻيڙيون)،
— محمد عثمان ڏيپلائيفَالْمُقَسِّمٰتِ اَمْرًا 4ۙ
پوءِ حڪم وراهڻ وارا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَصَادِقٌ 5ۙ
ته بيشڪ جيڪو اوهان سان انجام ڪجي ٿو سو سچو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاِنَّ الدِّيْنَ لَوَاقِــعٌ 6ۭ
۽ بيشڪ بدلو ضرور ملڻو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْحُبُكِ 7ۙ
واٽن وارو آسمان شاهد آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّكُمْ لَفِيْ قَوْلٍ مُّـخْتَلِفٍ 8ۙ
ته اوهين پاڻ ۾ اختلاف وار ي ڳالهه ۾ پيل آهيو،
— محمد عثمان ڏيپلائييُّؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ اُفِكَ 9ۭ
(قرآن کان) اهو ڦيرائبو آهي، جيڪو ڦريل آهي،
— محمد عثمان ڏيپلائيقُتِلَ الْـخَــرّٰصُوْنَ ۙ10
اهي ڪوڙ هڻندڙ ناس ٿيا
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ غَـمْرَةٍ سَاهُوْنَ ۙ11
جيڪي اڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائييَسْـَٔـلُوْنَ اَيَّانَ يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ12
پڇن ٿا ته ”قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟“
— محمد عثمان ڏيپلائييَوْمَ هُمْ عَلَي النَّارِ يُفْتَنُوْنَ 13
(هائو) انهي ڏينهن، جڏهن انهن کي باهه ۾ تپائبو.
— محمد عثمان ڏيپلائيذُوْقُوْا فِتْنَتَكُمْ ۭ ھٰذَا الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تَسْتَعْجِلُوْنَ 14
(چئبن ته) ”پنهنجو عذاب چکو، هي اُهو آهي، جنهن کي اوهين جلد گهرندا هئا!“
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّعُيُوْنٍ ۙ15
بيشڪ نيڪ، باغن ۽ چشمن ۾ هوندا،
— محمد عثمان ڏيپلائياٰخِذِيْنَ مَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَبْلَ ذٰلِكَ مُحْسِنِيْنَ ۭ16
جيڪي سندن رب کين ڏنو، اُهو وٺڻ وارا هوندا، بيشڪ اهي هن کان اڳ نيڪيون ڪندڙ هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَانُوْا قَلِيْلًا مِّنَ الَّيْلِ مَا يَهْجَعُوْنَ 17
رات جو ٿورو سمهندا هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَبِالْاَسْـحَارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُوْنَ 18
اهي اسرن جو بخشش گهرندا هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَفِيْٓ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّاۗىِٕلِ وَالْمَحْرُوْمِ 19
۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ محتاج جو حصو هوندو هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَفِي الْاَرْضِ اٰيٰتٌ لِّلْمُوْقِنِيْنَ ۙ20
۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائي