050 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
قۗ ڗ وَالْقُرْاٰنِ الْمَجِيْدِ 1ۚ
ق_ سڳورو قرآن شاهد آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيبَلْ عَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا شَيْءٌ عَـجِيْبٌ 2ۚ
بلڪ هن ڳالهه ڪري عجب ۾ پيا، جو انهن وٽ منجهانئن هڪ ڊيڄاريندڙ آيو، پوءِ ڪافرن چيو ته ”هيءَ عجيب ڳالهه آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا ۚ ذٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِيْدٌ 3
ڀلا جڏهن مرنداسون ۽ مٽي ٿي وينداسون، تڏهن اهووري جيئرو ٿيڻ عقل کان پري!“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْ ۚ وَعِنْدَنَا كِتٰبٌ حَفِيْظٌ 4
مگر انهن مان جيڪي زمين گهٽائي ٿي، اسين اهو به ڄاڻون ٿا ۽ اسان وٽ هڪ سنڀاليل ڪتاب آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيبَلْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ فَهُمْ فِيْٓ اَمْرٍ مَّرِيْــجٍ 5
بلڪ جڏهن سچو دين وٽن آيو، ته ان کي ڪوڙ ڄاتائون، پوءِ اهي منجهيل ڪم ۾ آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياَفَلَمْ يَنْظُرُوْٓا اِلَى السَّمَاۗءِ فَوْقَهُمْ كَيْفَ بَنَيْنٰهَا وَزَيَّنّٰهَا وَمَا لَهَا مِنْ فُرُوْجٍ 6
پوءِ سندن مٿان جيڪو آسمان آهي، ان کي نٿا ڏسن، ته اُهو ڪيئن بنايو اٿئون؟ ۽ ان کي سينگاريو اٿئون ۽ ان ۾ ڪا به ڦوٽ ڪانهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 7ۙ
۽ زمين کي پکيڙيوسون، منجهس جبل وڌاسون ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن وڻندڙ جنس مان سَلا ڄماياسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيتَبْصِرَةً وَّذِكْرٰى لِكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 8
سڀ ڪنهن (الله ڏي) موٽندڙ ٻانهي جي واٽ ڏيکارڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَنَزَّلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً مُّبٰرَكًا فَاَنْۢبَتْنَا بِهٖ جَنّٰتٍ وَّحَبَّ الْـحَصِيْدِ 9ۙ
۽ آسمان مان برڪت وارو پاڻي لاٿوسون، پوءِ انهيءَ سان باغ ۽ لُڻڻ واري پوک جو اَن ڪڍيوسين.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالنَّخْلَ بٰسِقٰتٍ لَّهَا طَلْعٌ نَّضِيْدٌ ۙ10
۽ ڊگهيون کجيون؛ جن جا گوشا تهه بتهه ٿيل آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيرِّزْقًا لِّلْعِبَادِ ۙ وَاَحْيَيْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۭ كَذٰلِكَ الْـخُرُوْجُ 11
ٻانهن جي رزق لاءِ. ۽ ان (برسات) سان برباد ٿيل ڳوٺ کي آباد ڪيوسون- اهڙيءَ طرح (قبرن مان) نڪرڻ به آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّاَصْـحٰبُ الرَّسِّ وَثَـمُوْدُ ۙ12
انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ رس (شهر) وارن ۽ ثمود (جي قوم) ڪوڙ ڀانيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ وَاِخْوَانُ لُوْطٍ ۙ13
۽ عاد، فرعون، لوط جي ڀائرن،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّ اَصْـحٰبُ الْاَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ ۭ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ وَعِيْدِ 14
۽ اَيڪه وارن ۽ ”تبَع“ جي قوم. انهن سڀني رسولن کي ڪوڙ ڄاتو، انهن ڪري مٿن منهنجو عذاب لازم ٿيو.
— محمد عثمان ڏيپلائياَفَعَيِيْنَا بِالْــخَلْقِ الْاَوَّلِ ۭ بَلْ هُمْ فِيْ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ۧ15
ڇا؛ اسين پهرئين ڀيري پيدا ڪرڻ ۾ ٿڪا هئاسون؟ پر اهي نئين پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ وَنَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِهٖ نَفْسُهٗ ښ وَنَــحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ 16
بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو ۽ سندس نفس جيڪو وسوسو وڌو، سو ڄاڻون ٿا- ۽ اسين ان ڏانهن سندس ساهه جي رڳ کان به ويجها آهيون.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ يَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّيٰنِ عَنِ الْيَمِيْنِ وَعَنِ الشِّمَالِ قَعِيْدٌ 17
جڏهن ته ٻه لکندڙ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ويٺل لکندا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَـدَيْهِ رَقِيْبٌ عَتِيْدٌ 18
جيڪا ڳالهه به (انسان) ڪري ٿو ان لاءِ وٽس هڪ نگهبان موجود آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَاۗءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْـحَقِّ ۭ ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَـحِيْدُ 19
۽ موت جي سختي سچ پچ ايندي. (اي انسان) اها اُها آهي، جنهن کان پاسو ڪندو هئين.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَنُفِخَ فِي الصُّوْرِ ۭ ذٰلِكَ يَوْمُ الْوَعِيْدِ 20
۽ ڏنڊ (صور) ڦوڪيو ويندو، اهو عذاب جي انجام جو ڏينهن آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائي