1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

005 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 120 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن

البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

5:1

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَوْفُوْا بِالْعُقُوْدِ ڛ اُحِلَّتْ لَكُمْ بَهِيْمَةُ الْاَنْعَامِ اِلَّا مَا يُتْلٰى عَلَيْكُمْ غَيْرَ مُـحِلِّي الصَّيْدِ وَاَنْتُمْ حُرُمٌ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ مَا يُرِيْدُ 1‏۝

مومنو! پنهنجي اقرارن کي پورو ڪيو. اوهان لاءِ چوپايا جانور حلال ڪيا ويا آهن. سواءِ انهن جي، جن بابت اوهان کي حڪم ٻڌائجي ٿو. مگر جڏهن احرام جي حالت ۾ هجو ته شڪار ڪرڻ حلال نه سمجهو. بيشڪ الله جيئن گهري ٿو، حڪم ڏئي ٿو.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:2

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـحِلُّوْا شَعَاۗىِٕرَ اللّٰهِ وَلَا الشَّهْرَ الْـحَرَامَ وَلَا الْهَدْيَ وَلَا الْقَلَاۗىِٕدَ وَلَآ اٰۗمِّيْنَ الْبَيْتَ الْـحَرَامَ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنْ رَّبِّهِمْ وَرِضْوَانًا ۭ وَاِذَا حَلَلْتُمْ فَاصْطَادُوْا ۭ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَـنَاٰنُ قَوْمٍ اَنْ صَدُّوْكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اَنْ تَعْتَدُوْا ۘ وَتَعَاوَنُوْا عَلَي الْبِرِّ وَالتَّقْوٰى ۠ وَلَا تَعَاوَنُوْا عَلَي الْاِثْـمِ وَالْعُدْوَانِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 2‏۝

اي مومنو! الله جي نالي وارين شين جي بي حرمتي نه ڪجو. نه ادب واري مهيني جي، نه (حج جي) قرباني جي، نه ڪعبي لاءِ پٽا وڌل جانورن جي ۽ نه ڪعبي ڏي ويندڙن جي، جي پنهنجي پالڻهار جي مهرباني ۽ سندس رضا طلب ڪن ٿا. جڏهن احرام لاهيو ته (ڀلي) شڪار ڪريو ۽ جنهن قوم اوهان کي عزت واريءَ مسجد کان روڪيو هو، ان جي دشمني اوهان کي حد کان اڪرڻ تي نه اڀاري. اوهين نيڪي ۽ خدا ترسيءَ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريو پر گناهه ۽ ظلم ۾ هڪ ٻئي جي مدد نه ڪريو ۽ الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله سخت عذاب ڏيندڙ آهي.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:3

حُرِّمَتْ عَلَيْكُمُ الْمَيْتَةُ وَالدَّمُ وَلَـحْمُ الْـخِنْزِيْرِ وَمَآ اُهِلَّ لِغَيْرِ اللّٰهِ بِهٖ وَالْمُنْخَنِقَةُ وَالْمَوْقُوْذَةُ وَالْمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطِيْحَةُ وَمَآ اَ كَلَ السَّبُعُ اِلَّا مَا ذَكَّيْتُمْ ۣ وَمَا ذُبِــحَ عَلَي النُّصُبِ وَاَنْ تَسْـتَقْسِمُوْا بِالْاَزْلَامِ ۭ ذٰلِكُمْ فِسْقٌ ۭ اَلْيَوْمَ يَىِٕسَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ دِيْنِكُمْ فَلَا تَـخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ ۭ اَلْيَوْمَ اَكْـمَلْتُ لَكُمْ دِيْنَكُمْ وَاَتْـمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِيْ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا ۭ فَـمَنِ اضْطُرَّ فِيْ مَـخْمَصَةٍ غَيْرَ مُتَجَانِفٍ لِّاِثْـمٍ ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 3‏۝

اوهان تي حرام ڪجن ٿا: مردار، رت، سوئر جو گوشت، جنهن کي الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي نالي سڏيو وڃي، گهٽجي مئل، ڌڪ کائي مئل، مٿاهين جاءِ تان ڪري مئل، سڱ لڳي مئل ۽ جنهن کي ڦاڙيندڙ جانور کائي، سواءِ انهيءَ جي، جو ذبح ڪجي ۽ جيڪو آستانن تي ڪهجي ۽ پُکن جي تيرن سان ورهايل (به حرام آهن) اهي گناهه جا ڪم آهن. جن ڪفر ڪيو، سي اڄ اوهان جي دين کان نا اميد ٿي ويا، تنهنڪري انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄو. اڄ مون اوهان جي دين کي اوهان لاءِ ڪامل ڪيو، مون اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ مون اوهان لاءِ اسلام جو دين پسند ڪيو. پر جيڪو بک جي ڪري لاچار ٿي گناهه ڏانهن لاڙو نه ڪرڻ واري حالت ۾ (ڪا حرام شيءِ کائي) ته الله بخشڻهار مهربان آهي.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:4

يَسْـــَٔلُوْنَكَ مَاذَآ اُحِلَّ لَهُمْ ۭ قُلْ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۙ وَمَا عَلَّمْتُمْ مِّنَ الْـجَوَارِحِ مُكَلِّبِيْنَ تُعَلِّمُوْنَهُنَّ مِـمَّا عَلَّمَكُمُ اللّٰهُ ۡ فَكُلُوْا مِـمَّآ اَمْسَكْنَ عَلَيْكُمْ وَاذْكُرُوا اسْـمَ اللّٰهِ عَلَيْهِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 4‏۝

توکان پڇن ٿا ته ”انهن لاءِ ڇا حلال آهي؟“ چئو ته اوهان لاءِ سڀ پاڪ شيون حلال آهن ۽ الله جي ڪيل حڪمن موجب اوهان جي سيکاريل شڪاري جانورن جون پڪڙيل به. پوءِ جيڪي اوهان لاءِ پڪڙي رکن، اُن مان کائو، ان تي (شڪار جي وقت) الله جو نالو وٺندا ڪريو ۽ الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آهي.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:5

اَلْيَوْمَ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۭ وَطَعَامُ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ حِلٌّ لَّكُمْ ۠ وَطَعَامُكُمْ حِلٌّ لَّهُمْ ۡ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الْمُؤْمِنٰتِ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلِكُمْ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ مُـحْصِنِيْنَ غَيْرَ مُسٰفِحِيْنَ وَلَا مُتَّخِذِيْٓ اَخْدَانٍ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِالْاِيْـمَانِ فَقَدْ حَبِطَ عَمَلُهٗ ۡ وَهُوَ فِي الْاٰخِرَةِ مِنَ الْـخٰسِرِيْنَ 5‏۝ۧ

اڄ اوهان لاءِ سڀ پاڪ شيون حلال ڪيون ويون. اڳين ڪتابن وارن جو طعام اوهان لاءِ حلال آهي ۽ اوهان جو طعام انهن لاءِ حلال آهي. ۽ پاڪدامن مومن عورتون ۽ اڳين ڪتابن وارن جون پاڪدامن عورتون به، جڏهن اوهين کين سندن مهر ڏيو. (مقصد) پاڪدامني هجي، نه بدڪاري ۽ نه ڳجهي ياراڻي ۽ جيڪو ايمان جو منڪر ٿيو، ان جا عمل چٽ ٿيا ۽ هو آخرت ۾ نقصان پائڻ وارن مان هوندو.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:6

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا قُـمْتُمْ اِلَى الصَّلٰوةِ فَاغْسِلُوْا وُجُوْهَكُمْ وَاَيْدِيَكُمْ اِلَى الْمَرَافِقِ وَامْسَحُوْا بِرُءُوْسِكُمْ وَاَرْجُلَكُمْ اِلَى الْكَعْبَيْنِ ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ جُنُبًا فَاطَّهَّرُوْا ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ مَّرْضٰٓى اَوْ عَلٰي سَفَرٍ اَوْ جَاۗءَ اَحَدٌ مِّنْكُمْ مِّنَ الْغَاۗىِٕطِ اَوْ لٰمَسْتُمُ النِّسَاۗءَ فَلَمْ تَـجِدُوْا مَاۗءً فَتَيَمَّمُوْا صَعِيْدًا طَيِّبًا فَامْسَحُوْا بِوُجُوْهِكُمْ وَاَيْدِيْكُمْ مِّنْهُ ۭ مَا يُرِيْدُ اللّٰهُ لِيَجْعَلَ عَلَيْكُمْ مِّنْ حَرَجٍ وَّلٰكِنْ يُّرِيْدُ لِيُطَهِّرَكُمْ وَلِيُتِمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 6‏۝

اي مومنو! جڏهن نماز پڙهڻ جو ارادو ڪريو، ته پنهنجو منهن ۽ هٿ ٺونٺين تائين ڌوئو، مٿي جو مک ڪريو ۽ پنهنجن پيرن کي ڌوئو ڀيڏين تائين ۽ جيڪڏهن مٿي ميرا هجو (ته وهنجي) پاڪ ٿيو ۽ جيڪڏهن اوهين بيمار آهيو، يا مسافريءَ تي هجو، يا اوهان مان ڪو پائخانه کان ٿي آيو هجي، يا اوهان عورتن سان صحبت ڪئي آهي، پوءِ پاڻي نه لهي سگهو، ته پاڪ مٽيءَ مان ڪم وٺو ۽ پنهنجي منهن ۽ هٿن تي ان مان مک ڪريو. الله اوهان تي ڪنهن طرح تنگي ڪرڻ نٿو گهري، بلڪ هو گهري ٿو، ته اوهان کي پاڪ ڪري، ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت کي پورو ڪري ان لاءِ ته اوهين شڪرگذار ٿيو.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:7

وَاذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَمِيْثَاقَهُ الَّذِيْ وَاثَقَكُمْ بِهٖٓ ۙ اِذْ قُلْتُمْ سَـمِعْنَا وَاَطَعْنَا ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7‏۝

پاڻ تي الله جي ڪيل نعمت کي ياد ڪريو ۽ ان عهد کي به جو اوهان سان پڪو ڪيائين، جڏهن اوهان چيو هو ته ”اسان ٻڌو ۽ قبول ڪيوسون“ ۽ الله کان ڊڄندا رهو، بيشڪ الله دلين جا خيال ڄاڻي ٿو.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:8

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْا قَوّٰمِيْنَ لِلّٰهِ شُهَدَاۗءَ بِالْقِسْطِ ۡ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَنَاٰنُ قَوْمٍ عَلٰٓي اَلَّا تَعْدِلُوْا ۭ اِعْدِلُوْا ۣ هُوَ اَقْرَبُ لِلتَّقْوٰى ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِــمَا تَعْمَلُوْنَ 8‏۝

اي مومنو! الله لڳ انصاف جي گواهي ڏيڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيو ۽ ڪنهن ٽوليءَ جي دشمني اوهان کي انهيءَ تي نه اُڀاري، جو اوهين انصاف نه ڪريو. (هر حال ۾) انصاف ڪريو، اهو خدا ترسيءَ کي ويجهو آهي ۽ الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله اوهان جي عملن کان خبردار آهي.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:9

وَعَدَ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 9‏۝

جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا. الله انهن کي بخشش ۽ وڏي اجر جو وعدو ڏنو آهي.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:10

وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَـحِيْـمِ ۝10

۽ جن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيائون، اُهي دوزخي آهن.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:11

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ هَمَّ قَوْمٌ اَنْ يَّبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ فَكَفَّ اَيْدِيَهُمْ عَنْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ ۝ۧ11

اي مومنو! پاڻ تي الله جي ڪيل نعمت کي ياد ڪريو. جڏهن پوريءَ جماعت ارادو ڪيو هو، ته اوهان ڏانهن هٿ وڌائين، ته ان سندس هٿن کي اوهان کان روڪي ڇڏيو. الله کان ڊڄندا رهو ۽ مومنن کي ته الله تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:12

وَلَقَدْ اَخَذَ اللّٰهُ مِيْثَاقَ بَنِيْٓ اِ سْرَاۗءِيْلَ ۚ وَبَعَثْنَا مِنْهُمُ اثْنَيْ عَشَرَ نَقِيْبًا ۭ وَقَالَ اللّٰهُ اِنِّىْ مَعَكُمْ ۭ لَىِٕنْ اَقَـمْــتُمُ الصَّلٰوةَ وَاٰتَيْتُمُ الزَّكٰوةَ وَاٰمَنْتُمْ بِرُسُلِيْ وَعَزَّرْتُـمُوْهُمْ وَاَقْرَضْتُمُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَـنًا لَّاُكَفِّرَنَّ عَنْكُمْ سَيِّاٰتِكُمْ وَلَاُدْخِلَنَّكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْھٰرُ ۚ فَـمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذٰلِكَ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ ؀12

الله يهودين کان اقرار ورتو هو. ۽ انهن ۾ ٻارهن سردار مقرر ڪيائين، پوءِ الله فرمايو ته ”آءٌ اوهان سان آهيان، جيڪڏهن اوهين نماز قائم رکندؤ، زڪواة ڏيندا رهندؤ، منهنجي رسولن تي ايمان آڻيندؤ، انهن جي مدد ڪندا رهندؤ، ۽ الله کي چڱو قرض ڏيندا رهندؤ، ته آءٌ توهان کان اوهان جون بڇڙايون ضرور ميٽي ڇڏيندس، ۽ اوهان کي ضرور باغن ۾ داخل ڪندس، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، پوءِ اوهان مان جنهن ان کان پوءِ انڪار ڪيو، سو سنئين واٽ کان برابر ڀٽڪي ويو.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:13

فَبِـمَا نَقْضِهِمْ مِّيْثَاقَهُمْ لَعَنّٰهُمْ وَجَعَلْنَا قُلُوْبَهُمْ قٰسِـيَةً ۚ يُـحَرِّفُوْنَ الْكَلِمَ عَنْ مَّوَاضِعِهٖ ۙ وَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۚ وَلَا تَزَالُ تَطَّلِعُ عَلٰي خَاۗىِٕنَةٍ مِّنْهُمْ اِلَّا قَلِيْلًا مِّنْهُمْ فَاعْفُ عَنْهُمْ وَاصْفَحْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُحْسِنِيْنَ ؀13

پوءِ اسان سندن عهد ٽوڙڻ جي ڪري مٿن ڦٽڪار وڌي ۽ سندن دلين کي سخت ڪري ڇڏيوسون، هو ڪتاب جي ڳالهين کي پنهنجي جاين تان بدلي ڇڏين ٿا جن ڳالهين جي کين نصيحت ڪئي وئي هئي، ان جو ڪجهه حصو وساري ويٺا، تون هميشه انهن جي ڪنهن نه ڪنهن ڪپت تي ڪن ٿورن کان سواءِ واقف ٿيندو رهين ٿو. تون سندن خطائون معاف ڪندو رهه ۽ انهن کان مڙي وڃ، بيشڪ الله نيڪو ڪارن کي پسند ٿو ڪري.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:14

وَمِنَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّا نَصٰرٰٓى اَخَذْنَا مِيْثَاقَهُمْ فَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۠ فَاَغْرَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاۗءَ اِلٰي يَوْمِ الْقِيٰمَةِ ۭ وَسَوْفَ يُنَبِّئُهُمُ اللّٰهُ بِـمَا كَانُوْا يَصْنَعُوْنَ ؀14

انهن کان به اسان عهد ورتو هو، جي چون ٿا ته اسين عيسائي آهيون، مگر انهن به ان نصيحت جو ڪو حصو وساري ڇڏيو هو، جا کين ڪئي وئي هئي. تنهنڪري اسان انهن ۾ قيامت تائين دشمني ۽ ڪينو وجهي ڇڏيو ۽ جلد ئي کين انهن ڪمن (جي حقيقت) کان واقف ڪندو، جي هو ڪندا رهندا هئا.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:15

يٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ كَثِيْرًا مِّـمَّا كُنْتُمْ تُـخْفُوْنَ مِنَ الْكِتٰبِ وَيَعْفُوْا عَنْ كَثِيْرٍ ڛ قَدْ جَاۗءَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ نُوْرٌ وَّكِتٰبٌ مُّبِيْنٌ ؀ۙ15

اي ڪتاب وارؤ! اوهان وٽ اسان جو رسول آيو آهي جو جيڪو اوهين ڪتاب مان لڪائيندا هئا، ان کي کولي بيان ڪري ٿو ۽ گهڻين (ڳالهين) کان پاسو ڪري ٿو، بيشڪ اوهان وٽ الله کان روشني ۽ پڌرو ڪتاب اچي چڪو آهي.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:16

يَّهْدِيْ بِهِ اللّٰهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضْوَانَهٗ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُـخْرِجُهُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ بِاِذْنِهٖ وَيَهْدِيْهِمْ اِلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَقِيْـمٍ ؀16

جنهن سان الله پنهنجي رضا تي هلڻ وارن کي سلامتيءَ جا رستا ڏيکاري ٿو، پنهنجي حڪم سان انهن کي اونداهين مان ڪڍي روشني ۾ آڻي ٿو، کين سڌي رستي جي واٽ ڏيکاري ٿو.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:17

لَقَدْ كَفَرَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْمَسِيْحُ ابْنُ مَرْيَـمَ ۭ قُلْ فَـمَنْ يَّـمْلِكُ مِنَ اللّٰهِ شَـيْـــًٔـا اِنْ اَرَادَ اَنْ يُّهْلِكَ الْمَسِيْحَ ابْنَ مَرْيَـمَ وَاُمَّهٗ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۭ يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ؀17

بيشڪ اُهي ڪافر آهن، جن چيو ته ”الله مريم جو پٽ مسيح آهي.“ (انهن کي) چئو ته ”جيڪڏهن مسيح پٽ مريم جي کي ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي به زمين ۾ آهن، تن سڀني کي الله ختم ڪرڻ گهري، ته پوءِ ڪنهن کي الله کان (بچائڻ) جو ڪجهه به اختيار آهي؟ آسمانن ۽ گهري زمين ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي ان سڀ تي خدا جي بادشاهي آهي، جيڪي وڻيس سو ٿو خلقي ۽ الله هر هڪ شيءِ تي وس وارو آهي.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:18

وَقَالَتِ الْيَھُوْدُ وَالنَّصٰرٰى نَـحْنُ اَبْنٰۗؤُا اللّٰهِ وَاَحِبَّاۗؤُهٗ ۭ قُلْ فَلِمَ يُعَذِّبُكُمْ بِذُنُوْبِكُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ بَشَرٌ مِّـمَّنْ خَلَقَ ۭ يَغْفِرُ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۡ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ ؀18

يهودي ۽ عيسائي چون ٿا ته ”اسين خدا جا پٽ ۽ سندس پيارا آهيون“ چؤ ته پوءِ هو اوهان کي اوهان جي گناهن ڪري ڇو عذاب ڏئي ٿو؟ بلڪ اوهين به سندس خلقيل ماڻهن مان آهيو. هو جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري ٿو ۽ آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي ان سڀ تي الله جي بادشاهي آهي ۽ (سڀني کي) ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:19

يٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ عَلٰي فَتْرَةٍ مِّنَ الرُّسُلِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا جَاۗءَنَا مِنْۢ بَشِيْرٍ وَّلَا نَذِيْرٍ ۡ فَقَدْ جَاۗءَكُمْ بَشِيْرٌ وَّنَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ۝ۧ19

اي ڪتاب وارؤ! اسان جو رسول اوهان وٽ آيو آهي جو رسولن جي بند ٿي وڃن کانپوءِ اوهان کي (اسان جا حڪم) کولي ٻڌائي ٿو ان لاءِ ته اوهين ايئن نه چئو ته اسان وٽ ڪو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪو نه آيو. تنهن ڪري هاڻي اوهان وٽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو آهي ۽ الله هر هڪ ڳالهه تي وس وارو آهي.

— محمد عثمان ڏيپلائي

5:20

وَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ يٰقَوْمِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَعَلَ فِيْكُمْ اَنْۢبِيَاۗءَ وَجَعَلَكُمْ مُّلُوْكًا ڰ وَّاٰتٰىكُمْ مَّا لَمْ يُؤْتِ اَحَدًا مِّنَ الْعٰلَمِيْنَ ؀20

(ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ سندس قوم کي چيو ”اي منهنجي قوم! جيڪي الله اوهان تي احسان ڪيا آهن. سي ياد ڪريو، جو هن اوهان ۾ نبي پيد اڪيا، اوهان کي بادشاهه بڻايائين ۽ اوهان کي اهو ڏنائين، جو دنيا ۾ ڪنهن کي به نه ڏنائين.

— محمد عثمان ڏيپلائي