044 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 59 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
حٰــمۗ ڔ 1
حا_ ميم
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
هي کُليو ڪتاب شاهد آهي
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ فِيْ لَيْلَةٍ مُّبٰرَكَةٍ اِنَّا كُنَّا مُنْذِرِيْنَ 3
ته بيشڪ اسان ان کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو آهي، ۽ اسين ڊيڄاريندڙ آهيون.
— محمد عثمان ڏيپلائيفِيْهَا يُفْرَقُ كُلُّ اَمْرٍ حَكِيْمٍ 4ۙ
ان رات ۾ سڀ ڪو ڏاهپ وارو ڪم فيصل ڪبو آهي
— محمد عثمان ڏيپلائياَمْرًا مِّنْ عِنْدِنَا ۭ اِنَّا كُنَّا مُرْسِلِيْنَ 5ۚ
اسان وٽان حڪم ڪيل،بيشڪ اسين ئي موڪلڻ وارا آهيون.
— محمد عثمان ڏيپلائيرَحْـمَةً مِّنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 6ۙ
هو تنهنجي رب وٽان رحمت آهي_ اُهو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻيندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيرَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۘ اِنْ كُنْتُمْ مُّوْقِنِيْنَ 7
آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به انهن ۾ آهي، تنهن جو ڌڻي آهي، جيڪڏهن اوهين وسهو ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائيلَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۭ رَبُّكُمْ وَرَبُّ اٰبَاۗىِٕكُمُ الْاَوَّلِيْنَ 8
ان کان سواءِ ٻيو سائين ڪونهي، هو ئي جيئاري ۽ ماري ٿو_ اوهان جو ڌڻي ۽ اوهان جي اڳين وڏن جو ڌڻي آهي_
— محمد عثمان ڏيپلائيبَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ يَّلْعَبُوْنَ 9
پر اهي شڪ ۾ کيڏندا رهندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَارْتَـقِبْ يَوْمَ تَاْتِي السَّمَاۗءُ بِدُخَانٍ مُّبِيْنٍ ۙ10
پوءِ تون ان ڏينهن جو انتظار ڪر، جڏهن آسمان پڌرو دونهون آڻيندو.
— محمد عثمان ڏيپلائييَّغْشَى النَّاسَ ۭ ھٰذَا عَذَابٌ اَلِيْمٌ 11
جو ماڻهن کي ويڙهي ويندو- هي ڏکوئيندڙ عذاب آهي-
— محمد عثمان ڏيپلائيرَبَّنَا اكْشِفْ عَنَّا الْعَذَابَ اِنَّا مُؤْمِنُوْنَ 12
(چوندا ته) ”اي اسان جا ڌڻي! اسان کان اهو عذاب ٽار، بيشڪ اسين مؤمن ٿا ٿيون.“
— محمد عثمان ڏيپلائياَنّٰى لَهُمُ الذِّكْرٰى وَقَدْ جَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ مُّبِيْنٌ ۙ13
انهن کي ڪيئن نصيحت ٿيندي؟ جڏهن ته انهن وٽ پڌرو رسول آيو هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ تَوَلَّوْا عَنْهُ وَقَالُوْا مُعَلَّمٌ مَّجْنُوْنٌ ۘ14
پوءِ ان کان منهن موڙيائون ۽ چيائون ته ”هي سيکاريل ۽ چريو آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّا كَاشِفُوا الْعَذَابِ قَلِيْلًا اِنَّكُمْ عَاۗىِٕدُوْنَ ۘ15
بيشڪ اسين ته ٿورو عذاب ٽاريندڙ آهيون، پر اوهين پڪ ڦري ويندڙ آهيو.
— محمد عثمان ڏيپلائييَوْمَ نَبْطِشُ الْبَطْشَةَ الْكُبْرٰى ۚ اِنَّا مُنْتَقِمُوْنَ 16
جنهن ڏينهن تمام سخت پڪڙ ڪنداسون، بيشڪ اسين سزا ڏيندڙ آهيون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ كَرِيْـمٌ ۙ17
۽ اسان انهن کان اڳ فرعون جي قوم کي آزمايو، جو انهن وٽ سڳورو نبي آيو.
— محمد عثمان ڏيپلائياَنْ اَدُّوْٓا اِلَيَّ عِبَادَ اللّٰهِ ۭ اِنِّىْ لَكُمْ رَسُوْلٌ اَمِيْنٌ ۙ18
ته ”الله جي ٻانهن کي منهنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءُ اوهان لاءِ امانت وارو رسول آهيان.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنْ لَّا تَعْلُوْا عَلَي اللّٰهِ ۭ اِنِّىْٓ اٰتِيْكُمْ بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ ۚ19
۽ هي (به ٿو چوان ته) الله اڳيان هٺ نه ڪريو، مون اوهان وٽ پڌرو دليل آندو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنِّىْ عُذْتُ بِرَبِّيْ وَرَبِّكُمْ اَنْ تَـرْجُـمُوْنِ ۡ20
۽ آءُ پنهنجي خواهه اوهان جي ڌڻيءَ کان پناهه ٿو گهران، جو اوهين مون کي پهڻن سان ماريو.
— محمد عثمان ڏيپلائي