041 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
حٰـمۗ 1ۚ
حٰ- مٓ.
— محمد عثمان ڏيپلائيتَنْزِيْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 2ۚ
(ڪتاب جو) نازل ٿيڻ ٻاجهاري مهربان وٽان آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيكِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰيٰتُهٗ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّــقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 3ۙ
اهڙو ڪتاب جنهن جون آيتون کولي بيان ڪيل آهن، قرآن عربيءَ ۾ سمجهه وارن ماڻهن لاءِ.
— محمد عثمان ڏيپلائيبَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُوْنَ 4
مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي_ پوءِ منجهانئن گهڻن منهن موڙيو، ان ڪري اهي ان کي نه ٻڌندا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَالُوْا قُلُوْبُنَا فِيْٓ اَكِنَّةٍ مِّـمَّا تَدْعُوْنَآ اِلَيْهِ وَفِيْٓ اٰذَانِنَا وَقْرٌ وَّمِنْۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِـجَابٌ فَاعْـمَلْ اِنَّنَا عٰـمِلُوْنَ 5
۽ چون ٿا ته ”تون جنهن ڏانهن اسان کي سڏين ٿو، ان کان اسان جا قلب پردي ۾ آهن، اسان جي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي ۽ اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ پردو آهي_ پوءِ تون به پيو ڪم ڪر ۽ اسين به پيا ڪم ڪريون.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقُلْ اِنَّـمَآ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوْحٰٓى اِلَيَّ اَنَّـمَآ اِلٰــهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ فَاسْتَقِيْمُوْٓا اِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوْهُ ۭ وَوَيْلٌ لِّـلْمُشْرِكِيْنَ 6ۙ
چئو ته آءُ به اوهان وانگر ماڻهو آهيان، مون ڏانهن وحي ٿيندو آهي، ته اوهان جو سائين فقط اڪيلو سائين آهي، پوءِ سڌا ان ڏي مهاڙ ڪريو ۽ انکان بخشش گهرو- ۽ مشرڪن لاءِ ويل آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْنَ لَا يُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 7ۙ
جيڪي زڪوات نه ڏيندا آهن ۽ اهي آخرت کي به نه مڃيندا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَـمْنُوْنٍ 8ۧ
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻکٽ اجر آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيقُلْ اَىِٕنَّكُمْ لَتَكْفُرُوْنَ بِالَّذِيْ خَلَقَ الْاَرْضَ فِيْ يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُوْنَ لَهٗ ٓ اَنْدَادًا ۭ ذٰلِكَ رَبُّ الْعٰلَمِيْنَ 9ۚ
چئو ته ڇا، اوهين انهي جو انڪار ٿا ڪريو، جنهن زمين ٻن ڏينهن ۾ خلقي؟ ۽ ان جا شريڪ ٿا بنايو؟ اهو ئي جهانن جو ڌڻي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِهَا وَبٰرَكَ فِيْهَا وَقَدَّرَ فِيْهَآ اَقْوَاتَهَا فِيْٓ اَرْبَعَةِ اَيَّامٍ ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 10
۽ هن چئن ڏينهن ۾ مٿس ڳرا جبل بنايا، منجهس برڪت رکيائين، ۽ منجهس سندس رهاڪن جا وقت مقرر ڪيائين_ پڇندڙن لاءِ برابر بيان ڪيل آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ اسْتَوٰٓى اِلَى السَّمَاۗءِ وَهِىَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا اَوْ كَرْهًا ۭ قَالَتَآ اَتَيْنَا طَاۗىِٕعِيْنَ 11
پوءِ وري آسمان ڏانهن مهاڙ ڪيائين، جو ان وقت دونهون هو، پوءِ ان کي ۽ زمين کي چيائين ته ”خوشيءَ سان خواهه رنج سان اچو، ”چيائون“ خوشيءَ سان اچون ٿا“_
— محمد عثمان ڏيپلائيفَقَضٰهُنَّ سَبْعَ سَمٰوَاتٍ فِيْ يَوْمَيْنِ وَاَوْحٰى فِيْ كُلِّ سَمَاۗءٍ اَمْرَهَا ۭ وَزَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِـمَصَابِيْحَ ڰ وَحِفْظًا ۭ ذٰلِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 12
پوءِ ٻن ڏينهن ۾ هنن کي ست آسمان ڪري بيهاريائين ۽ هر ڪنهن آسمان ۾ سندس ڪم جو حڪم موڪليائين ۽ اورئين آسمان کي ڏيئن سان سينگاريوسون ۽ سندس سنڀال ڪئي سون_ اها رٿ آهي غالب ڄاڻيندڙ جي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاِنْ اَعْرَضُوْا فَقُلْ اَنْذَرْتُكُمْ صٰعِقَةً مِّثْلَ صٰعِقَةِ عَادٍ وَّثَـمُوْدَ ۭ13
پوءِ جيڪڏهن هو منهن موڙين ته چئو ته مون اوهان کي اهڙي عذاب کان ڊيڄاريو آهي، جهڙو عاد ۽ ثمود جو عذاب هو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ جَاۗءَتْهُمُ الرُّسُلُ مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ قَالُوْا لَوْ شَاۗءَ رَبُّنَا لَاَنْزَلَ مَلٰۗىِٕكَةً فَاِنَّا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ كٰفِرُوْنَ 14
جڏهن سندن رسول سندن اڳيان ۽ سندن پويان وٽن آيا ته ”الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو.“ چيائون ”جي اسان جو ڌڻي چاهي ها، ته ضرور ملائڪ موڪلي ها، پوءِ اوهان کي جنهن حڪم سان موڪليو ويو آهي، اسين انهي کان انڪار ڪريون ٿا.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَمَّا عَادٌ فَاسْـتَكْبَرُوْا فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْـحَقِّ وَقَالُوْا مَنْ اَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۭ اَوَلَمْ يَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ الَّذِيْ خَلَقَهُمْ هُوَ اَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۭ وَكَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَـجْــحَدُوْنَ 15
پوءِ عاد وارن زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون ته ”اسان کان وڌيڪ طاقت وارو ٻيو ڪير آهي؟“ ڇا هنن نه ڏٺو ته بيشڪ اهو الله، جنهن کين خلقيو، سو کانئن وڌيڪ طاقت وارو آهي؟ ۽ هو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ٿي رهيا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْٓ اَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيْقَهُمْ عَذَابَ الْخِــزْيِ فِي الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۭ وَلَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَخْزٰى وَهُمْ لَا يُنْصَرُوْنَ 16
ان ڪري اسان مٿن نڀاڳن ڏينهن ۾ سخت واءُ موڪليو، ته کين دنيا جي حياتيءَ ۾ ئي خواريءَ وارو عذاب چکايون_ اڃا آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خواريءَ وارو آهي ۽ هنن کي ڪا به مدد نه ملندي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَهَدَيْنٰهُمْ فَاسْتَــحَبُّوا الْعَمٰى عَلَي الْهُدٰى فَاَخَذَتْهُمْ صٰعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُوْنِ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ ۚ17
۽ جيڪا ثمود قوم هئي ان کي اسان رستو ڏيکاريو، پر هنن سنئين واٽ وٺڻ کان انڌي هجڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو، پوءِ سندن ڪمن سبب کين خواري ڪندڙ عذاب جي ڪڙڪي اچي ورتو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَنَجَّيْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ ۧ18
۽ جن ايمان آندو هو ۽ نيڪ هئا، تن کي اسان بچائي ڇڏيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيَوْمَ يُحْشَرُ اَعْدَاۗءُ اللّٰهِ اِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 19
۽ جنهن ڏينهن الله جا دشمن باهه ڏي گڏ ڪبا، ته هڪ ٻئي لاءِ ترسائبا.
— محمد عثمان ڏيپلائيحَتّىٰٓ اِذَا مَا جَاۗءُوْهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَاَبْصَارُهُمْ وَجُلُوْدُهُمْ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 20
تان جو جڏهن سڀ اتي ايندا، تڏهن مٿن سندن ڪن، اکيون ۽ چمڙي سندن ڪيل ڪمن جي شاهدي ڏيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائي