040 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 85 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
حٰـمۗ 1ۚ
حٰ _ مٓ
— محمد عثمان ڏيپلائيتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 2ۙ
هيءَ ڪتاب الله کان لٿل آهي، جو زبردست، ڄاڻندڙ.
— محمد عثمان ڏيپلائيغَافِرِ الذَّنْۢبِ وَقَابِلِ التَّوْبِ شَدِيْدِ الْعِقَابِ ۙ ذِي الطَّوْلِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ اِلَيْهِ الْمَصِيْرُ 3
گناهه بخشيندڙ ۽ توبهه قبول ڪندڙ، سخت سزا ڏيندڙ، سگهه وارو آهي_ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَا يُـجَادِلُ فِيْٓ اٰيٰتِ اللّٰهِ اِلَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَلَا يَغْرُرْكَ تَــقَلُّبُهُمْ فِي الْبِلَادِ 4
الله جي آيتن کان انڪار فقط ڪافر ڪندا آهن، پوءِ تون سندن شهر جي اچ وڃ کان ڀنڀلجي نه وڃ.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّالْاَحْزَابُ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۠ وَهَـمَّتْ كُلُّ اُمَّةٍۢ بِرَسُوْلِهِمْ لِيَاْخُذُوْهُ وَجٰدَلُوْا بِالْبَاطِلِ لِيُدْحِضُوْا بِهِ الْـحَقَّ فَاَخَذْتُهُمْ ۣ فَكَيْفَ كَانَ عِقَابِ 5
انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ کانئس پوءِ ٻين ڪيترين ئي ٽولين به ائين ڪوڙ سمجهيو هو_ هر ڪنهن امت سندن رسولن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هو ناحقي ڳالهين سان بحث ڪندا رهيا، ته انهن سان سچيءَ ڳالهه کي ناس ڪن. پوءِ مون کين ورتو_ پوءِ ڪهڙي هئي منهنجي سزا!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَكَذٰلِكَ حَقَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَي الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اَنَّهُمْ اَصْـحٰبُ النَّارِ ڤ 6
۽ اهڙي طرح تنهنجي ڌڻيءَ جو حڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو، ته اهي دوزخي آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَّذِيْنَ يَـحْمِلُوْنَ الْعَرْشَ وَمَنْ حَوْلَهٗ يُسَبِّحُوْنَ بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيُؤْمِنُوْنَ بِهٖ وَيَسْتَغْفِرُوْنَ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ رَبَّنَا وَسِعْتَ كُلَّ شَيْءٍ رَّحْـمَةً وَّعِلْمًا فَاغْفِرْ لِلَّذِيْنَ تَابُوْا وَاتَّبَعُوْا سَبِيْلَكَ وَقِهِمْ عَذَابَ الْـجَــحِيْمِ 7
جيڪي ملائڪ عرش کي کڻن ٿا ۽ جيڪي ان جي چوگرد آهن، سي سڀ پنهنجي ڌڻيءَ جي پاڪائي واکاڻ سان بيان ڪندا آهن، ۽ ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ مؤمنن لاءِ بخشش گهرن ٿا، ته ”اي اسان جا ڌڻي! تو هر ڪنهن چيز تي پنهنجي رحمت پکيڙي آهي، ان ڪري جن شخصن توبهه ڪئي ۽ تنهنجي واٽ تي هليا، انهن کي بخش ڪر ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ!
— محمد عثمان ڏيپلائيرَبَّنَا وَاَدْخِلْهُمْ جَنّٰتِ عَدْنِ ۨالَّتِيْ وَعَدْتَّهُمْ وَمَنْ صَلَحَ مِنْ اٰبَاۗىِٕـهِمْ وَاَزْوَاجِهِمْ وَذُرِّيّٰــتِهِمْ ۭ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 8ۙ
اي اسان جا ڌڻي! تون کين انهن هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر، جن جو انهن سان وعدو ڪيو اٿيئي- ۽ جيڪي سندن وڏن ۽ عورتن ۽ ٻارن مان سڌريل هجن، تن کي به- بيشڪ تون ئي غالب، ڏاهپ وارو آهين.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقِهِمُ السَّيِّاٰتِ ۭ وَمَنْ تَقِ السَّيِّاٰتِ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِـمْتَهٗ ۭ وَذٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 9ۧ
تون هنن کي سختين کان بچاءِ، جنهن کي تو ان ڏينهن سختين کان بچايو، تنهن تي بيشڪ رحم ڪيئه ۽ اها وڏي مراد ماڻڻ آهي!“
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا يُنَادَوْنَ لَمَقْتُ اللّٰهِ اَكْبَرُ مِنْ مَّقْتِكُمْ اَنْفُسَكُمْ اِذْ تُدْعَوْنَ اِلَى الْاِيْـمَانِ فَتَكْفُرُوْنَ 10
بيشڪ جن ڪفر ڪيو، تن کي سڏي چئبو ته ”اڄ الله جو ڏمرجڻ اوهان جي پاڻ مٿي ڏمرجڻ کان گهڻو وڏو آهي، جڏهن اوهان کي ايمان ڏي سڏبو هو ۽ اوهين انڪار ڪندا هئا!“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالُوْا رَبَّنَآ اَمَتَّنَا اثْنَتَيْنِ وَاَحْيَيْتَنَا اثْنَتَيْنِ فَاعْتَرَفْنَا بِذُنُوْبِنَا فَهَلْ اِلٰى خُرُوْجٍ مِّنْ سَبِيْلٍ 11
چوندا ”اي اسان جا ڌڻي! تو اسان کي ٻه دفعا ماريو ۽ ٻه دفعا جيئاريو، هاڻ اسان پنهنجا گناهه مڃيا، پوءِ آهي ڪا نڪرڻ جي واهه؟“
— محمد عثمان ڏيپلائيذٰلِكُمْ بِاَنَّهٗ ٓ اِذَا دُعِيَ اللّٰهُ وَحْدَهٗ كَفَرْتُمْ ۚ وَاِنْ يُّشْرَكْ بِهٖ تُؤْمِنُوْا ۭ فَالْحُكْمُ لِلّٰهِ الْعَلِيِّ الْكَبِيْرِ 12
(چئبو) ”اوهان جو اهو عذاب انهي ڪري آهي، جو جڏهن اڪيلي الله کي سڏبو هو ته اوهين انڪار ڪندا هئا- ۽ جيڪڏهن ان سان ٻين کي ڀائيوار ڪبو هو، ته اهو اوهين مڃيندا هئا- هاڻي ته حڪم فقط الله جي وس ۾ آهي، جو مٿاهون ۽ وڏو آهي!“
— محمد عثمان ڏيپلائيهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمْ اٰيٰتِهٖ وَيُنَزِّلُ لَكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ رِزْقًا ۭ وَمَا يَتَذَكَّرُ اِلَّا مَنْ يُّنِيْبُ 13
الله اهو آهي، جو اوهان کي سندس نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ اوهان لاءِ آسمان مان رزق موڪلي ٿو- نصيحت ته فقط اهو وٺندو، جيڪو الله ڏي موٽندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَادْعُوا اللّٰهَ مُـخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ وَلَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ 14
پوءِ پنهنجي عبادت کي خاص الله لاءِ ڪري، ان کي سڏيو، ڀل کڻي ڪافرن کي مٺيان لڳي.
— محمد عثمان ڏيپلائيرَفِيْعُ الدَّرَجٰتِ ذُو الْعَرْشِ ۚ يُلْقِي الرُّوْحَ مِنْ اَمْرِهٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ لِيُنْذِرَ يَوْمَ التَّلَاقِ ۙ15
اهو مٿاهان درجا ڪندڙ ۽ عرش جو ڌڻي آهي؛ هو سندس ٻانهن مان جنهن تي وڻيس، پنهنجي حڪم سان وحي موڪليندو آهي، ته قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاري.
— محمد عثمان ڏيپلائييَوْمَ هُمْ بٰرِزُوْنَ ڬ لَا يَـخْـفٰى عَلَي اللّٰهِ مِنْهُمْ شَيْءٌ ۭ لِمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ۭ لِلّٰهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ 16
جنهن ڏينهن هو قبرن مان ٻاهر نڪرندا، الله کان انهن جي ڪا به ڳالهه ڳجهي نه رهندي، هو چوندو ”ڪنهن جي بادشاهي آهي اڄ؟“ ”اڪيلي زبردست الله جي!“
— محمد عثمان ڏيپلائياَلْيَوْمَ تُـجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا كَسَبَتْ ۭ لَا ظُلْمَ الْيَوْمَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 17
اڄ هر شخص کي سندس ڪمائي جو عيوض ڏبو- اڄ ڪو به ظلم نه ڪبو- بيشڪ الله جلد حساب وٺندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَنْذِرْهُمْ يَوْمَ الْاٰزِفَةِ اِذِ الْقُلُوْبُ لَدَى الْحَـنَاجِرِ كٰظِمِيْنَ ڛ مَا لِلظّٰلِمِيْنَ مِنْ حَمِيْـمٍ وَّلَا شَفِيْعٍ يُّــطَاعُ ۭ18
۽ تون کين قيامت جي ان ڏينهن کان ڊيڄار، جڏهن قلب نڙ گهٽن وٽ پهچندا ۽ هو ڏک ڀريل هوندا، ظالمن جو ڪو به دوست يا پارت ڪندڙ نه هوندو، جنهن جي ڳالهه مڃي وڃي.
— محمد عثمان ڏيپلائييَعْلَمُ خَاۗىِٕنَةَ الْاَعْيُنِ وَمَا تُخْفِي الصُّدُوْرُ 19
الله اکين جي ڪپت، خواهه دلين جو ڳجهه سڀ ڄاڻي ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاللّٰهُ يَـقْضِيْ بِالْـحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَـقْضُوْنَ بِشَيْءٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ ۧ20
۽ الله انصاف سان فيصلو ڪندو آهي_ هو الله کان سواءِ جن کي سڏين ٿا، سي ڪجهه فيصلو نه ڪندا آهن، بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائي