004 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 176 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمُ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ وَّخَلَقَ مِنْھَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيْرًا وَّنِسَاۗءً ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْ تَسَاۗءَلُوْنَ بِهٖ وَالْاَرْحَامَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيْبًا 1
اي انسانو! پنهنجي رب کان ڊڄو، جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو، ان مان سندس جوڙو پيدا ڪيائين ۽ انهن مان گهڻي ئي مرد ۽ زالون پکيڙيائين. ۽ الله کان ڊڄندا رهو، جنهن جي نالي تي هڪٻئي کان سوال ڪندا آهيو ۽ مٽيءَ مائٽيءَ (ڇنڻ کان بچو) بيشڪ الله اوهان کي ڏسي رهيو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاٰتُوا الْيَــتٰـمٰٓى اَمْوَالَھُمْ وَلَا تَتَبَدَّلُوا الْـخَبِيْثَ بِالطَّيِّبِ ۠ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَھُمْ اِلٰٓى اَمْوَالِكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ حُوْبًا كَبِيْرًا 2
يتيمن کي سندن مال موٽائي ڏيو، (سندن) چڱي شيءِ کي (پنهنجي) نڪميءَ شيءِ سان نه بدلايو، ۽ سندن مال پنهنجي مال سان ملائي نه کائو. بيشڪ اهو وڏو گناهه آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تُقْسِطُوْا فِي الْيَتٰـمٰى فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُمْ مِّنَ النِّسَاۗءِ مَثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۚ فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْـمَانُكُمْ ۭ ذٰلِكَ اَدْنٰٓى اَلَّا تَعُوْلُوْا 3ۭ
جيڪڏهن اوهان کي ڊپ آهي يتيم (ڇوڪرين) سان انصاف نه ڪري سگهندؤ ته (انهن کانسواءِ) ٻين عورتن مان ٻن يا ٽن چئن سان نڪاح ڪريو پر جيڪڏهن ڊپ هجي، ته انصاف نه ڪري سگهندؤ ته پوءِ هڪ (ڪافي آهي) يا ٻانهي اها بي انصافي کان بچڻ لاءِ وڌيڪ چڱي ڳالهه آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاٰتُوا النِّسَاۗءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِـحْلَةٍ ۭ فَاِنْ طِبْنَ لَكُمْ عَنْ شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوْهُ هَنِيْۗــــــًٔـا مَّرِيْۗـــــــًٔـا 4
۽ زالن کي سندن مهر خوشيءَ سان ڏيندا ڪريو. پنهنجي خوشي سان ان مان ڪجهه ڇڏين، ته ان کي مزي سان کائو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَا تُؤْتُوا السُّفَھَاۗءَ اَمْوَالَكُمُ الَّتِىْ جَعَلَ اللّٰهُ لَكُمْ قِيٰـمًا وَّارْزُقُوْھُمْ فِيْھَا وَاكْسُوْھُمْ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 5
۽ بي سمجهن کي سندن مال نه ڏيو، جنهن کي الله اوهان جي روزگار جو وسيلو بڻايو آهي. ان مان انهن کي کارائيندا ۽ ڍڪائيندا رهو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چئو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَابْتَلُوا الْيَتٰـمٰى ﱑ اِذَا بَلَغُوا النِّكَاحَ ۚ فَاِنْ اٰنَسْتُمْ مِّنْھُمْ رُشْدًا فَادْفَعُوْٓا اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ ۚ وَلَا تَاْكُلُوْھَآ اِسْرَافًا وَّبِدَارًا اَنْ يَّكْبَرُوْا ۭ وَمَنْ كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۚ وَمَنْ كَانَ فَقِيْرًا فَلْيَاْكُلْ بِالْمَعْرُوْفِ ۭ فَاِذَا دَفَعْتُمْ اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ فَاَشْهِدُوْا عَلَيْھِمْ ۭ وَكَفٰى بِاللّٰهِ حَسِـيْبًا 6
يتيمن کي آزمايو جيسين نڪاح جي عمر کي پهچن. پوءِ جيڪڏهن توهان کي انهن ۾ سمجهه نظر اچي ته سندن مال کين حوالي ڪريو، سندن مال کي وڏي ٿيڻ جي خوف کان اجايو خرچ ڪري جلدي نه کپايو. جيڪو سرنديءَ وارو آهي تنهن کي بچڻ گهرجي ۽ جيڪو غريب هجي اهو مناسب طرح کائي. جڏهن اوهين کين سندن مال موٽائي ڏيو ته مٿن شاهد ڪندا ڪريو (حقيقت) ۾ ته الله ئي حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيلِلرِّجَالِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ ۠ وَلِلنِّسَاۗءِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ مِـمَّا قَلَّ مِنْهُ اَوْ كَثُرَ ۭ نَصِيْبًا مَّفْرُوْضًا 7
جيڪا ملڪيت پيءُ ماءُ ۽ مٽ مائٽ ڇڏي مرن تنهن ۾ مردن جو به مقرر ڪيل حصو آهي ۽ زالن جو به، پوءِ کڻي ٿورو مال هجي يا گهڻو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ اُولُوا الْقُرْبٰي وَالْيَتٰـمٰى وَالْمَسٰكِيْنُ فَارْزُقُوْھُمْ مِّنْهُ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 8
جڏهن ورثي جي ورهاڱي وقت مٽ مائٽ يتيم ۽ مسڪين اچن، ته انهن کي به ان مان ڪجهه ڏيندا ڪريو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چئو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلْيَخْشَ الَّذِيْنَ لَوْ تَرَكُوْا مِنْ خَلْفِھِمْ ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خَافُوْا عَلَيْھِمْ ۠ فَلْيَتَّقُوا اللّٰهَ وَلْيَقُوْلُوْا قَوْلًا سَدِيْدًا 9
انهن ماڻهن کي ڊڄڻ گهرجي، ته جيڪڏهن هو پنهنجي پٺيان ڪمزور اولاد ڇڏي وڃن، ته هوند کين ڪهڙو نه انديشو ٿئي! تنهنڪري انهن کي الله کان ڊڄڻ گهرجي ۽ کين پڪي پختي ڳالهه چوڻ گهرجي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰـمٰى ظُلْمًا اِنَّـمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا ۧ10
جيڪي شخص بي انصافيءَ سان يتيمن جي مال کي کائين ٿا، سي پنهنجي پيٽ ۾ رڳي باهه ٿا وجهن ۽ جلد ئي دوزخ ۾ پوندا.
— محمد عثمان ڏيپلائييُوْصِيْكُمُ اللّٰهُ فِيْٓ اَوْلَادِكُمْ ۤ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْاُنْثَيَيْنِ ۚ فَاِنْ كُنَّ نِسَاۗءً فَوْقَ اثْنَتَيْنِ فَلَھُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۚ وَاِنْ كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَھَا النِّصْفُ ۭ وَلِاَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِـمَّا تَرَكَ اِنْ كَانَ لَهٗ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّهٗ وَلَدٌ وَّوَرِثَهٗ ٓ اَبَوٰهُ فَلِاُمِّهِ الثُّلُثُ ۚ فَاِنْ كَانَ لَهٗ ٓ اِخْوَةٌ فَلِاُمِّهِ السُّدُسُ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ اٰبَاۗؤُكُمْ وَاَبْنَاۗؤُكُمْ لَا تَدْرُوْنَ اَيُّھُمْ اَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۭ فَرِيْضَةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِيْـمًا حَكِـيْـمًا 11
الله اوهان کي پنهنجي اولاد بابت حڪم ڏئي ٿو، ته پٽ لاءِ ٻن ڌيئرن جيترو حصو هجي. جي هي ٻه يا وڌيڪ ڇوڪريون هجن، ته انهن لاءِ ڇڏيل ملڪيت جون ٻه ٽهايون آهن ۽ جي هڪ ڇوڪري آهي ته ان لاءِ اڌ. ۽ ميت جي پٽ هجڻ واريءَ حالت ۾ پيءُ ماءُ لاءِ سندس ڇڏيل ملڪيت مان هر هڪ جي ڇهين پتي آهي جيڪڏهن اولاد نه اٿس ۽ سندس وارث پيءُ ماءُ هجن، ته ماءُ لاءِ ٽين پتي آهي. جيڪڏهن ميت جا ڀائر به هجن، ته ماءُ لاءِ ڇهون حصو آهي. (مگر اهي حصا) ميت جي ڪيل وصيت يا قرض لاهڻ کان پوءِ ٿيندا (ڏسو) اوهان جا ابا ڏاڏا به آهن ۽ اوهان جو اولاد به آهي. اوهان کي خبر نه آهي ته انهن مان ڪير اوهان کي فائدي پهچائڻ ۾ وڌيڪ آهي. تنهن ڪري الله ئي حصا مقرر ڪيا آهن، پڪ اهوئي ڄاڻيندڙ ۽ ڏاهپ وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ اَزْوَاجُكُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّھُنَّ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَھُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْنَ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَلَھُنَّ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّكُمْ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَھُنَّ الثُّمُنُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ مِّنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوْصُوْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَاِنْ كَانَ رَجُلٌ يُّوْرَثُ كَلٰلَةً اَوِ امْرَاَةٌ وَّلَهٗ ٓ اَخٌ اَوْ اُخْتٌ فَلِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ ۚ فَاِنْ كَانُوْٓا اَكْثَرَ مِنْ ذٰلِكَ فَھُمْ شُرَكَاۗءُ فِي الثُّلُثِ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصٰى بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۙ غَيْرَ مُضَاۗرٍّ ۚ وَصِيَّةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَلِيْمٌ ۭ12
جيڪو مال اوهان جون زالون ڇڏين، ان ۾ اوهان جو اڌ آهي، جي انهن کي ڪو اولاد نه آهي. پر جي اٿن ته پوءِ اوهان جو ان جي ڇڏيل مال جو چوٿون حصو آهي. (اهي حصا) انهن جي ڪيل وصيت يا قرض (جي ادا ڪرڻ) کانپوءِ آهن. جيڪڏهن اوهان کي اولاد نه آهي ته پوءِ اوهان جي ڇڏيل ملڪيت ۾ انهن جو چوٿون حصو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان کي اولاد آهي ته پوءِ انهن لاءِ اٺون حصو آهي. (اهي حصا) اوهان جي ڪيل وصيت يا قرض لاهڻ کانپوءِ آهن ۽ جي اهڙي مرد يا زال جو ورثو هجي، جنهن کي پيءُ يا پٽ نه هجي ۽ ان کي ڀاءُ يا ڀيڻ هجي ته انهن ٻنهي مان هر هڪ جو ڇهون حصو آهي ۽ جي ان کان گهڻا هجن، ته پوءِ سڀني جو (گڏ) هڪ ٽهائي حصو آهي. اها وراهپ بي نقصان، وصيت يا قرض (جي ادا ڪرڻ) کانپوءِ آهي، اهو الله جو حڪم آهي ۽ الله خوب ڄاڻندڙ بردبار آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِھَا الْاَنْھٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْھَا ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 13
اهي الله جون حدون آهن ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو، ان کي هو اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن هيٺان نهرون وهن ٿيون، اهي انهن ۾ هميشه رهندا ۽ اها وڏي ڪاميابي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَنْ يَّعْصِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَيَتَعَدَّ حُدُوْدَهٗ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيْھَا ۠ وَلَهٗ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ ۧ14
۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو ۽ سندس (مقرر ڪيل) حدن کان نڪري ويندو ته ان کي هو دوزخ ۾ داخل ڪندو جتي هميشه رهندو ۽ انهيءَ لاءِ خوار ڪندڙ عذاب هوندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالّٰتِيْ يَاْتِيْنَ الْفَاحِشَةَ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ فَاسْتَشْهِدُوْا عَلَيْهِنَّ اَرْبَعَةً مِّنْكُمْ ۚ فَاِنْ شَهِدُوْا فَاَمْسِكُوْھُنَّ فِي الْبُيُوْتِ حَتّٰى يَتَوَفّٰىھُنَّ الْمَوْتُ اَوْ يَـجْعَلَ اللّٰهُ لَھُنَّ سَبِيْلًا 15
اوهان جي زالن مان جيڪي بدڪاري ڪري ويهن، ته انهن لاءِ پنهنجن ماڻهن مان چئين جي شاهدي وٺو، جيڪڏهن اهي شاهدي ڏين، ته انهن کي گهرن ۾ بند رکو. جيسين انهن کي موت ماري، يا انهن لاءِ الله ڪو رستو پيدا ڪري.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالَّذٰنِ يَاْتِيٰنِھَا مِنْكُمْ فَاٰذُوْھُمَا ۚ فَاِنْ تَابَا وَاَصْلَحَا فَاَعْرِضُوْا عَنْهُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِـيْـمًا 16
۽ جيڪي به ٻه مرد اوهان مان بدڪاري ڪن ته انهن کي ايذاءَ ڏيو. پوءِ جي توبهه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته انهن کي ڇڏي ڏيو. بيشڪ الله توبهه قبول ڪندڙ، مهربان آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّـمَا التَّوْبَةُ عَلَي اللّٰهِ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السُّوْۗءَ بِـجَهَالَةٍ ثُـمَّ يَتُوْبُوْنَ مِنْ قَرِيْبٍ فَاُولٰۗىِٕكَ يَتُوْبُ اللّٰهُ عَلَيْھِمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْـمًا حَكِـيْـمًا 17
جي نادانيءَ ڪري بڇڙائي ڪري وجهن ٿا ۽ پوءِ جلد ئي توبهه ڪن ٿا، اهڙن تي الله مهرباني ڪري ٿو ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ ۚ ﱑ اِذَا حَضَرَ اَحَدَھُمُ الْمَوْتُ قَالَ اِنِّىْ تُبْتُ الْــٰٔنَ وَلَا الَّذِيْنَ يَـمُوْتُوْنَ وَھُمْ كُفَّارٌ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْتَدْنَا لَھُمْ عَذَابًا اَلِـــيْـمًا 18
۽ انهن جي توبهه قبول نه ٿي ٿئي، جي بڇڙا ڪم ڪندا رهن ٿا. ايتري تائين جو جڏهن منجهائن ڪنهن وٽ موت اچي ٿو تڏهن چوي ”مون هاڻي توبهه ڪئي“ نڪي انهن جي، جي ڪفر جي حالت ۾ مرن ٿا. اهڙن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَـحِلُّ لَكُمْ اَنْ تَرِثُوا النِّسَاۗءَ كَرْهًا ۭ وَلَا تَعْضُلُوْھُنَّ لِتَذْهَبُوْا بِبَعْضِ مَآ اٰتَيْتُمُوْھُنَّ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَعَاشِرُوْھُنَّ بِالْمَعْرُوْفِ ۚ فَاِنْ كَرِھْتُمُوْھُنَّ فَعَسٰٓى اَنْ تَكْرَهُوْا شَـيْـــــًٔـا وَّيَـجْعَلَ اللّٰهُ فِيْهِ خَيْرًا كَثِيْرًا 19
اي مومنو! اوهان کي جائز نه آهي، ته زبردستيءَ زالن جا وارث بڻجي وڃو ۽ انهن کي انهيءَ لاءِ روڪي رکو، ته جيڪي انهن کي ڏنو اٿو، ان مان ڪجهه هٿ ڪريو. سواءِ انهيءَ جي، جو پڌري بدڪاري ڪن ۽ انهن سان چڱي نموني هلو. جيڪڏهن اوهان کي نه وڻن ته عجب ناهي، جو اوهان کي ڪا چيز نه وڻي، پر الله تعاليٰ ان ۾ گهڻي ڀلائي رکي هجي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنْ اَرَدْتُّـمُ اسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ ۙ وَّاٰتَيْتُمْ اِحْدٰىھُنَّ قِنْطَارًا فَلَا تَاْخُذُوْا مِنْهُ شَـيْـــًٔـا ۭ اَتَاْخُذُوْنَهٗ بُھْتَانًا وَّاِثْـمًا مُّبِيْنًا 20
۽ جيڪڏهن اوهين هڪ زال کي ڇڏي ان جي بدلي ٻي زال ڪرڻ گهرو ۽ هڪڙيءَ کي گهڻو مال ڏنو هجيوَ ته ان مان ڪجهه به موٽائي نه وٺو. ڇا اوهين پنهنجي ڏنل مال کي بهتان ۽ کلئي ظلم سان وٺندؤ؟
— محمد عثمان ڏيپلائي