038 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
صۗ وَالْقُرْاٰنِ ذِي الذِّكْرِ 1ۭ
ص نصيحت وارو قرآن شاهد آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ عِزَّةٍ وَّشِقَاقٍ 2
بلڪ ڪافر وڏائيءَ ۽ دشمنيءَ ۾ پيل آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ فَنَادَوْا وَّلَاتَ حِيْنَ مَنَاصٍ 3
هنن کان اڳ گهڻائي جڳ ناس ڪياسون، هنن گهڻو ئي پڪاريو پر اهو ڇوٽڪاري جو وقت نه هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَعَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ ۡ وَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا سٰـحِرٌ كَذَّابٌ ڻ 4
۽ ڪافرن کي عجب لڳو، جڏهن منجهائن ئي هڪ ڊيڄاريندڙ وٽن آيو ۽ هو چوڻ لڳا، ته ”اهو ڪوڙو جادوگر آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَجَعَلَ الْاٰلِـهَةَ اِلٰــهًا وَّاحِدًا ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ عُـجَابٌ 5
ڀلا سڀني سائين کي ڦيرائي هڪ سائين ٿو بنائي؟ هيءَ ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَانْطَلَقَ الْمَلَاُ مِنْهُمْ اَنِ امْشُوْا وَاصْبِرُوْا عَلٰٓي اٰلِـهَتِكُمْ ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ يُّرَادُ ڻ 6
۽ منجهانئن سردار هڪ ٻئي کي چوندا هليا ويا، ته ”هلو ۽ پنهنجي سائين تي محڪم رهو، بيشڪ هيءَ ته ڪا مطلبي چيز آهي_
— محمد عثمان ڏيپلائيمَا سَمِعْنَا بِھٰذَا فِي الْمِلَّةِ الْاٰخِرَةِ ښ اِنْ ھٰذَآ اِلَّا اخْتِلَاقٌ ڻ 7
اسان اهڙي ڳالهه اڳين دينن ۾ ته ڪانه ٻُڌي، هيءُ ته رڳو ٺاهه آهي_
— محمد عثمان ڏيپلائيءَاُنْزِلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ مِنْۢ بَيْنِنَا ۭ بَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ مِّنْ ذِكْرِيْ ۚ بَلْ لَّمَّا يَذُوْقُوْا عَذَابِ 8ۭ
ڇا اسان سڀني وچان وڃي هن تي نصيحت لٿي؟“ بلڪ اهي منهنجي نصيحت کان ئي شڪ ۾ پيل آهن، ڇاڪاڻ ته اڃا هنن منهنجو عذاب نه چکيو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَمْ عِنْدَهُمْ خَزَاۗىِٕنُ رَحْـمَةِ رَبِّكَ الْعَزِيْزِ الْوَهَّابِ 9ۚ
ڇا، هنن وٽ ڪي تنهنجي غالب بخشڻهار ڌڻيءَ جي رحمت جا خزانا آهن؟
— محمد عثمان ڏيپلائياَمْ لَهُمْ مُّلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۣ فَلْيَرْتَقُوْا فِي الْاَسْبَابِ 10
آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي، تنهن جي بادشاهي سندن آهي؟ جي ها، ته رسين سان مٿي چڙهڻ کپين!
— محمد عثمان ڏيپلائيجُنْدٌ مَّا هُنَالِكَ مَهْزُوْمٌ مِّنَ الْاَحْزَابِ 11
پر هي شڪست کاڌل ٽولين مان هتي هڪ لشڪر آهي-
— محمد عثمان ڏيپلائيكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ ذُوالْاَوْتَادِ ۙ12
هنن کان اڳ نوح جي قوم، قوم عاد، ميخن واري فرعون
— محمد عثمان ڏيپلائيوَثَـمُــوْدُ وَقَوْمُ لُوْطٍ وَّاَصْـحٰبُ لْــــَٔـيْكَةِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الْاَحْزَابُ 13
۽ ثمود، ۽ لوط جي قوم ۽ ”ايڪي“ وارن به ڪوڙ سمجهيو هو، اهي ئي ٽولا هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنْ كُلٌّ اِلَّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ عِقَابِ ۧ14
انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو سمجهيو هو، ان ڪري منهنجي سزا لازم ٿين.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَا يَنْظُرُ هٰٓؤُلَاۗءِ اِلَّا صَيْحَةً وَّاحِدَةً مَّا لَهَا مِنْ فَوَاقٍ 15
۽ هيءُ به رڳو اهڙي هڪڙي آواز جي واٽ پيا نهارين، جو بنا ساهيءَ هوندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَالُوْا رَبَّنَا عَـجِّلْ لَّنَا قِطَّنَا قَبْلَ يَوْمِ الْـحِسَابِ 16
۽ (مسخريءَ مان) چوندا آهن ته ”اي اسان جا ڌڻي! اسان کي اسان جا چٺا قيامت کان اڳ ئي ڏيئي ڇڏ!“
— محمد عثمان ڏيپلائياِصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوٗدَ ذَا الْاَيْدِ ۚ اِنَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 17
هي جيڪي پيا چون تنهن تي صبر ڪر_ ۽ تون اسان جي ٻانهي داؤد کي ياد ڪر جو طاقت وارو هو ۽ اسان ڏي موٽندڙ هو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّا سَـخَّرْنَا الْـجِبَالَ مَعَهٗ يُسَبِّحْنَ بِالْعَشِيِّ وَالْاِشْرَاقِ ۙ18
بيشڪ اسان جبلن کي هن جو تابع ڪيو، جو شام توڙي صبح جو ساڻس گڏ تسبيح پڙهندا هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالطَّيْرَ مَحْشُوْرَةً ۭ كُلٌّ لَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 19
۽ گڏ ڪيل پکي به_ سڀ سندس تابعدار هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَشَدَدْنَا مُلْكَهٗ وَاٰتَيْنٰهُ الْحِكْمَةَ وَفَصْلَ الْخِطَابِ 20
۽ اسان هن جي بادشاهي مضبوط ڪئي ۽ کيس ڏاهپ ۽ فيصلي ڪرڻ جي طاقت ڏني سون.
— محمد عثمان ڏيپلائي