036 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 83 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
يٰسۗ ۚ 1
يا- سين-
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالْقُرْاٰنِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
هي ڏاهپ ڀريل قرآن شاهد آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 3ۙ
ته تون پڪ سان رسول آهين.
— محمد عثمان ڏيپلائيعَلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَــقِيْمٍ 4ۭ
سنيئن واٽ تي آهين-
— محمد عثمان ڏيپلائيتَنْزِيْلَ الْعَزِيْزِ الرَّحِيْم 5ۙ
اهو غالب مهربان وٽان لٿل آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيلِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اُنْذِرَ اٰبَاۗؤُهُمْ فَهُمْ غٰفِلُوْنَ 6
ته تون اهڙيءَ قوم کي ڊيڄارين، جن جا وڏا نه ڊيڄاريا ويا هئا، تنهن ڪري غافل آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيلَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلٰٓي اَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 7
بيشڪ، انهن مان گهڻن تي عذاب جو قول لازم ٿيل آهي، ان ڪري اهي ايمان نه آڻيندا-
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّا جَعَلْنَا فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ اَغْلٰلًا فَهِىَ اِلَى الْاَذْقَانِ فَهُمْ مُّقْمَحُوْنَ 8
اسان سندن ڳچين ۾ ڳٽ بنائي ڇڏيا آهن، جي کاڏين تائين آهن؛ ان ڪري هو ڳاٽي ٽنگيل آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَعَلْنَا مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ سَدًّا وَّمِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّا فَاَغْشَيْنٰهُمْ فَهُمْ لَا يُبْصِرُوْنَ 9
۽ اسان سندن اڳيان به آڙ ڪري ڇڏي آهي، سندن پٺيان به آڙ آهي، ان ڪري کين ڍڪي ڇڏيو اٿئون، جو هو ڪجهه به نه ڏسندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَسَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَهُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 10
تون هنن کي ڊيڄارين خواهه نه ڊيڄارين، ڳالهه ساڳي آهي، هو ايمان نه آڻيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّـمَا تُنْذِرُ مَنِ اتَّـبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحْـمٰنَ بِالْغَيْبِ ۚ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍ وَّاَجْرٍ كَرِيْـمٍ 11
تون انهي شخص کي ڊيڄاري سگهندين، جيڪو نصيحت تي هلي ۽ ٻاجهاري کان پرپٺ ڊڄي_ ته اهڙي کي بخشش ۽ سڳوري اجر جي مبارڪ ڏي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّا نَـحْنُ نُـحْيِ الْمَوْتٰى وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوْا وَاٰثَارَهُمْ ڳ وَكُلَّ شَيْءٍ اَحْصَيْنٰهُ فِيْٓ اِمَامٍ مُّبِيْنٍ ۧ12
بيشڪ اسين مئن کي جيئاريندا آهيون ۽ اسين سندن اڳ موڪليل خواهه پوئتي ڇڏيل نشان سڀ لکون ٿا_ هر ڪنهن چيز کي اسان روشن ڪتاب ۾ ڳڻيو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاضْرِبْ لَهُمْ مَّثَلًا اَصْحٰبَ الْقَرْيَةِ ۘاِذْ جَاۗءَهَا الْمُرْسَلُوْنَ ۚ13
۽ انهن کي هڪ ڳوٺ وارن جو قصو ٻڌاءِ، جڏهن هنن وٽ رسول آيا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ اَرْسَلْنَآ اِلَيْهِمُ اثْــنَيْنِ فَكَذَّبُوْهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُـوْٓا اِنَّآ اِلَيْكُمْ مُّرْسَلُوْنَ 14
جڏهن اسان هنن وٽ ٻه رسول موڪليا، پوءِ انهن کي ڪوڙو سمجهيائون، وري ٽئين سان پٺڀرائي ڪئي سون- پوءِ هنن چيو ته ”بيشڪ اسين اوهان ڏانهن موڪليل آهيون.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالُوْا مَآ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۙ وَمَآ اَنْزَلَ الرَّحْـمٰنُ مِنْ شَيْءٍ ۙ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا تَكْذِبُوْنَ 15
چيائون ته ”اوهين فقط اسان جهڙا ماڻهو آهيو ۽ الله ڪجهه به ڪو نه لاٿو آهي، اوهين بلڪل ڪوڙ ٿا ڪريو.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالُوْا رَبُّنَا يَعْلَمُ اِنَّآ اِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُوْنَ 16
چيائون ”اسان جو ڌڻي ٿو ڄاڻي، ته اسين پڪ سان اوهان ڏانهن موڪليل آهيون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَا عَلَيْنَآ اِلَّا الْبَلٰغُ الْمُبِيْنُ 17
۽ اسان تي رڳو حڪم رسائڻ آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالُوْٓا اِنَّا تَــطَيَّرْنَا بِكُمْ ۚ لَىِٕنْ لَّمْ تَنْتَهُوْا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّـنَّكُمْ مِّنَّا عَذَابٌ اَلِــيْمٌ 18
چيائون ”اسان ته بيشڪ اوهان کي نڀاڳو سمجهيو آهي، اوهين باز نه ايندا، ته اسين ضرور اوهان کي پٿر هڻي مارينداسون ۽ اوهان کي اسان کان ضرور ڏکوئيندڙ عذاب رسندو.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالُوْا طَاۗىِٕرُكُمْ مَّعَكُمْ ۭ اَىِٕنْ ذُكِّرْتُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُوْنَ 19
چيائون ته ”نڀاڳ ته اوهان سان ئي آهي، ڇا، اوهان کي نصيحت ڪرڻ ڪري ٿا ائين چئو؟ بلڪ اوهين حد کان اڪريل شخص آهيو.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَاۗءَ مِنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ رَجُلٌ يَّسْعٰى قَالَ يٰقَوْمِ اتَّبِعُوا الْمُرْسَلِيْنَ ۙ20
۽ شهر جي ٻئي طرف کان هڪ شخص ڊوڙندو آيو، چوڻ لڳو، ”اي منهنجي قوم! هنن رسولن جو چيو مڃو.
— محمد عثمان ڏيپلائي