034 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَلَهُ الْـحَمْدُ فِي الْاٰخِرَةِ ۭ وَهُوَ الْحَكِيْمُ الْخَبِيْرُ 1
هر ڪا واکاڻ انهي الله کي جڳائي، جو جيڪي به آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو سڀ سندس آهي- ۽ آخرت ۾ به ان جي ئي ساراهه آهي ۽ اهو ڏاهپ وارو خبر رکندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائييَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ الرَّحِيْمُ الْغَفُوْرُ 2
هو اهو سڀ ڄاڻي ٿو، جيڪي زمين اندر ويندو آهي، جيڪي ان مان نڪرندو آهي، جيڪي آسمان مان لهندو آهي، ۽ جيڪي مٿس چڙهندو آهي_ ۽ هو مهربان، بخشيندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَاْتِيْنَا السَّاعَةُ ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتَاْتِيَنَّكُمْ ۙ عٰلِمِ الْغَيْبِ ۚ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْـقَالُ ذَرَّةٍ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ وَلَآ اَصْغَرُ مِنْ ذٰلِكَ وَلَآ اَكْبَرُ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ ڎڎ 3
۽ ڪافر ٿا چون، ته ” اسان تي قيامت هر گز نه ايندي.“ چئو ته ”هائو، اها اوهان وٽ ضرور ايندي، قسم آهي منهنجي ڌڻيءَ ڳجهه ڄاڻيندڙ جو! جنهن کان آسمانن خواهه زمين ۾ ذري جيتري چيز به ڳجهي نٿي رهي ۽ انهي کان ننڍي خواهه وڏي سڀ پڌري ڪتاب ۾ لکيل آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيلِّيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْمٌ 4
هن لاءِ (قيامت ايندي) ته جن شخصن ايمان آندو، ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي بدلو ڏئي، اهڙن لاءِ بخشش ۽ سڳورو رزق آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالَّذِيْنَ سَعَوْ فِيْٓ اٰيٰتِنَا مُعٰجِزِيْنَ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مِّنْ رِّجْزٍ اَلِــيْمٌ 5
۽ جيڪي شخص اسان جي آيتن ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڊوڙيا، اهڙن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيَرَى الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ الَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ هُوَ الْــحَقَّ ۙ وَيَهْدِيْٓ اِلٰى صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْـحَمِيْدِ 6
۽جن کي علم ڏنل آهي، سي سمجهن ٿا، ته جيڪي تو ڏانهن تنهنجي ڌڻيءَ وٽان لٿو آهي، سو برحق آهي ۽ غالب ساراهيل (الله) جي واٽ ڏانهن رستو ڏيکاريندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلٰي رَجُلٍ يُّنَبِّئُكُمْ اِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُـمَزَّقٍ ۙ اِنَّكُمْ لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ 7ۚ
۽ ڪافر ٿا هڪ ٻئي کي چون، ته ”اوهان کي هڪ اهڙو شخص ڏسيون؟ جو خبر ٿو ڏئي ته جڏهن اوهين ڳري ذرڙا ٿي ويندا، تڏهن ضرور اوهين نئين سر بڻائبا.
— محمد عثمان ڏيپلائياَفْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَمْ بِهٖ جِنَّةٌ ۭ بَلِ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ فِي الْعَذَابِ وَالضَّلٰلِ الْبَعِيْدِ 8
ڀلا هن الله تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو، يا چريو ٿيو آهي؟“ در حقيقت جيڪي شخص آخرت کي نٿا مڃين سي عذاب ۽ وڏيءَ گمراهيءَ ۾ آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياَفَلَمْ يَرَوْا اِلٰى مَا بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنْ نَّشَاْ نَخْسِفْ بِهِمُ الْاَرْضَ اَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًا مِّنَ السَّمَاۗءِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 9ۧ
ڇا هو اهو نٿا ڏسن؟ جيڪي آسمانن خواهه زمين ۾ سندن اڳيان ۽ پويان آهن، جيڪڏهن اسين گهرون، ته جيڪر کين زمين ۾ ڳيهائي ڇڏيون يا مٿن آسمان کان ڪي ٽڪرا ڪيرايون، بيشڪ انهي ۾ هر ڪنهن توبهه ڪندڙ ٻانهي لاءِ نشاني آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ مِنَّا فَضْلًا ۭ يٰجِبَالُ اَوِّبِيْ مَعَهٗ وَالطَّيْرَ ۚ وَاَلَنَّا لَهُ الْحَدِيْدَ ۙ10
۽ بيشڪ اسان دائود کي پاڻ وٽان ڀلائي ڏني، (۽ چيوسون) ”اي جبلؤ ۽ پکيؤ! هن ساڻ گڏ تسبيح چئو.“ ۽ اسان هن لاءِ لوهه کي نرم ڪيو.
— محمد عثمان ڏيپلائياَنِ اعْمَلْ سٰبِغٰتٍ وَّقَدِّرْ فِي السَّرْدِ وَاعْمَلُوْا صَالِـحًا ۭ اِنِّىْ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 11
ته ويڪريون زرهون بڻاءِ، اندازي سان ڪڙيون ٺاهه، ۽ اوهين چڱا ڪم ڪريو، جو آءُ پڪ سان اوهان جي ڪمن کي ڏسان ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلِسُلَيْمٰنَ الرِّيْحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ وَّ رَوَاحُهَا شَهْرٌ ۚ وَاَسَلْنَا لَهٗ عَيْنَ الْقِطْرِ ۭ وَمِنَ الْجِنِّ مَنْ يَّعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِاِذْنِ رَبِّهٖ ۭ وَمَنْ يَّزِغْ مِنْهُمْ عَنْ اَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ السَّعِيْرِ 12
۽ سليمان لاءِ واءَ کي (تابعدار ڪيوسون) جو سندس صبح جي منزل مهيني جيتري هئي ۽ شام جي مهيني جيتري هئي ۽ اسان هن لاءِ پگهريل ٽامي جو چشمو وهايو ۽ ڪي جن به سندس تابعدار بنايا، جي سندن ڌڻيءَ جي حڪم سان سندس اڳيان ڪمائيندا هئا، جيڪو منجهانئن اسان جي حڪم کان منهن موڙيندو، ان کي باهه جوعذاب چکائينداسون.
— محمد عثمان ڏيپلائييَعْمَلُوْنَ لَهٗ مَا يَشَاۗءُ مِنْ مَّحَارِيْبَ وَتَمَاثِيْلَ وَجِفَانٍ كَالْجَــوَابِ وَقُدُوْرٍ رّٰسِيٰتٍ ۭ اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ شُكْرًا ۭ وَقَلِيْلٌ مِّنْ عِبَادِيَ الشَّكُوْرُ 13
هن کي جيڪي قلعا، شڪليون، حوض جيڏا پيالا ۽ وڏيون نه چرندڙ ديڳيون گهربل هيون، سي هو بنائي ڏيندا هئا- اي دائوديو! شڪر ڪريو- منهنجي ٻانهن مان ٿورا شڪر ڪندا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ الْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلٰي مَوْتِهٖٓ اِلَّا دَاۗبَّةُ الْاَرْضِ تَاْكُلُ مِنْسَاَتَهٗ ۚ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الْجِنُّ اَنْ لَّوْ كَانُوْا يَعْلَمُوْنَ الْغَيْبَ مَا لَبِثُوْا فِي الْعَذَابِ الْمُهِيْنِ ۭ14
پوءِ جڏهن اسان هن تي موت موڪليو، تڏهن سندس موت جي خبر فقط انهي اڏوهيءَ مان پيئي، جنهن سندس لٺ کي پئي کاڌو_ پوءِ جڏهن هو ڪري پيو، تڏهن جنن کي خبر پيئي ته هو جيڪڏهن ڳجهه ڄاڻن ها، ته جيڪر ذلت جي عذاب ۾ نه رهن ها!
— محمد عثمان ڏيپلائيلَقَدْ كَانَ لِسَـبَاٍ فِيْ مَسْكَنِهِمْ اٰيَةٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنْ يَّـمِيْنٍ وَّ شِمَالٍ ڛ كُلُوْا مِنْ رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ بَلْدَةٌ طَيِّبَةٌ وَّرَبٌّ غَفُوْرٌ 15
بيشڪ سبا جي قوم لاءِ سندن ڳوٺ ۾ نشاني هئي، باغ ساڄي ۽ کاٻي طرف کان_ (حڪم هون ته) ”پنهنجي ڌڻيءَ جي رزق مان کائو ۽ ان جو شڪر ڪريو، تمام سٺو شهر ۽ بخشيندڙ ڌڻي!“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَعْرَضُوْا فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ الْعَرِمِ وَبَدَّلْنٰهُمْ بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَىْ اُكُلٍ خَـمْطٍ وَّاَثْلٍ وَّشَيْءٍ مِّنْ سِدْرٍ قَلِيْلٍ 16
ته به هنن شڪر ڪرڻ کان منهن موڙيو، ان ڪري اسان مٿن وڏي ٻوڏ موڪلي، ۽ سندن ٻن باغن جي بدران ٻه ٻيا باغ ڪڙن ميون، لين ۽ ٿورڙين ٻيرين وارا ڏناسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيذٰلِكَ جَزَيْنٰهُمْ بِـمَا كَفَرُوْا ۭ وَهَلْ نُجٰزِيْٓ اِلَّا الْكَفُوْرَ 17
اها ڏني سون سندن بيقدريءَ جي سزا! ۽ اسين سزا فقط بي شڪرن کي ئي ڏيندا آهيون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ الْقُرَى الَّتِيْ بٰرَكْنَا فِيْهَا قُرًى ظَاهِرَةً وَّقَدَّرْنَا فِيْهَا السَّيْرَ سِيْرُوْا فِيْهَا لَيَالِيَ وَاَيَّامًا اٰمِنِيْنَ 18
۽ اسان سندن ۽ اسان جي آسودن ڪيل ڳوٺن وچ ۾، ٻيا به چٽا ڳوٺ بنايا ۽ انهن ۾ اچ وڃ جو پورو بندوبست رکيوسون، ته راتيون ڏينهن منجهن بي ڊپا پيا گهمو.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَقَالُوْا رَبَّنَا بٰعِدْ بَيْنَ اَسْفَارِنَا وَظَلَمُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَـجَعَلْنٰهُمْ اَحَادِيْثَ وَمَزَّقْنٰهُمْ كُلَّ مُمَــزَّقٍ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 19
ته وري دعائون گهرڻ لڳا ”اي اسان جا ڌڻي! تون اسان جون مسافريون پرانهيون ڪر!“ ۽ هنن پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪيو، ان ڪري اسان کين آکاڻيون بنايو ۽ کين ڇني ڦاڙي ذرڙا ڪري ڇڏيو، بيشڪ انهي ۾ هر ڪنهن وڏي صبر ۽ شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ اِبْلِيْسُ ظَنَّهٗ فَاتَّبَعُوْهُ اِلَّا فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 20
۽ ابليس جيڪو هنن ۾ گمان ڪيو هو، سو بيشڪ سچو ڏٺائين، جو ڪن مؤمنن کان سواءِ ٻين سندس ئي تابعداري ڪئي.
— محمد عثمان ڏيپلائي