033 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 73 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اتَّقِ اللّٰهَ وَلَا تُطِـعِ الْكٰفِرِيْنَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِـيْمًا حَكِــيْمًا 1ۙ
اي نبي! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن منافقن جو چيو نه مڃ، بيشڪ الله ڄاڻيندڙ ڏاهپ وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاتَّبِـعْ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 2ۙ
۽ تون انهي جي تابعداري ڪر، جيڪو تنهنجي ڌڻيءَ وٽان تو ڏانهن حڪم ڪيل آهي_ بيشڪ الله اوهان جي ڪمن جي خبر رکندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ ۭ وَكَفٰي بِاللّٰهِ وَكِيْلًا 3
۽ الله تي ڀروسو رک، الله ڪارساز آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَا جَعَلَ اللّٰهُ لِرَجُلٍ مِّنْ قَلْبَيْنِ فِيْ جَوْفِهٖ ۚ وَمَا جَعَلَ اَزْوَاجَكُمُ اڿ تُظٰهِرُوْنَ مِنْهُنَّ اُمَّهٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ اَدْعِيَاۗءَكُمْ اَبْنَاۗءَكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ قَوْلُكُمْ بِاَفْوَاهِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَـقُوْلُ الْــحَـقَّ وَهُوَ يَهْدِي السَّبِيْلَ 4
الله ڪنهن به مرد جي اندر ۾ ٻه دليون نه ٺاهيون آهن- نڪي جن زالن کي اوهين مائون سڏيو، تن کي اوهان جون مائون بنايو اٿس- ۽ نڪي اوهان جي پٽيلن کي اوهان جا پٽ بنايائين، اهو اوهان جي وات جو چوڻ آهي- الله سچ چوندو آهي ۽ اهو ئي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياُدْعُوْهُمْ لِاٰبَاۗىِٕهِمْ هُوَ اَقْسَطُ عِنْدَ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ لَّمْ تَعْلَمُوْٓا اٰبَاۗءَهُمْ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ وَمَوَالِيْكُمْ ۭ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ فِيْمَآ اَخْطَاْتُـمْ بِهٖ ۙ وَلٰكِنْ مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِـيْمًا 5
اوهين هنن کي سندن ئي بابن جا پٽ سڏيو، اهو الله جي نظر ۾ انصاف آهي، پوءِ جي اوهان کي سندن بابن جي خبر نه هجي، ته هو اوهان جا دين جا ڀائر ۽ دوست آهن_ ۽ اوهان تي انهي ۾ گناهه ڪونهي، جيڪا اوهان چوڪ ڪئي_ مگر (گناهه اهو آهي) جو اوهان جي دلين ڄاڻي ٻجهي ڪيو_ ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلنَّبِيُّ اَوْلٰى بِالْمُؤْمِنِيْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗ ٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ وَاُولُوا الْاَرْحَامِ بَعْضُهُمْ اَوْلٰى بِبَعْضٍ فِيْ كِتٰبِ اللّٰهِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُهٰجِرِيْنَ اِلَّآ اَنْ تَفْعَلُوْٓا اِلٰٓى اَوْلِيٰۗىِٕكُمْ مَّعْرُوْفًا ۭ كَانَ ذٰلِكَ فِي الْكِتٰبِ مَسْطُوْرًا 6
نبي مؤمنن لاءِ انهن جي پنهنجي پاڻ کان به وڌيڪ حق رکي ٿو، ۽ ان جون بيبيون سندن مائون آهن_ ۽ الله جي ڪتاب ۾ مائٽيءَ وارا هڪ ٻئي جا پاڻ ۾ ٻين مومنن ۽ مهاجرن کان وڌيڪ ويجها آهن_ سواءِ انهي جي، جو پنهنجن دوستن سان احسان ڪريو_ اهو ڪتاب ۾ لکيل آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَ اِذْ اَخَذْنَا مِنَ النَّـبِيّٖنَ مِيْثَاقَهُمْ وَ مِنْكَ وَمِنْ نُّوْحٍ وَّ اِبْرٰهِيْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِيْسَى ابْنِ مَرْيَـمَ ۠ وَاَخَذْنَا مِنْهُمْ مِّيْثَاقًا غَلِيْظًا 7ۙ
۽ جڏهن اسان نبين کان سندن انجام ورتو، ۽ توکان ۽ نوح، ابراهيم، موسيٰ ۽ عيسيٰ پٽ مريم کان به، کانئن پڪو انجام ورتوسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيلِّيَسْـَٔـلَ الصّٰدِقِيْنَ عَنْ صِدْقِهِمْ ۚ وَاَعَدَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 8ۧ
انهيءَ لاءِ ته الله سچن کان سندن سچائي پڇي ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.
— محمد عثمان ڏيپلائييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَاۗءَتْكُمْ جُنُوْدٌ فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا وَّجُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرًا 9ۚ
اي مؤمنو! پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو، جڏهن اوهان تي ڪافرن جا لشڪر آيا، پوءِ اسان هنن تي طوفان موڪليو، ۽ اهڙا لشڪر، جن کي اوهان نٿي ڏٺو_ الله اوهان جي ڪمن کي ڏسي ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ جَاۗءُوْكُمْ مِّنْ فَوْقِكُمْ وَمِنْ اَسْفَلَ مِنْكُمْ وَاِذْ زَاغَتِ الْاَبْصَارُ وَبَلَغَتِ الْقُلُوْبُ الْحَـنَاجِرَ وَتَظُنُّوْنَ بِاللّٰهِ الظُّنُوْنَا 10
جڏهن هو اوهان جي مٿئين پاسي خواهه هيٺئين پاسي کان اوهان وٽ آيا؛ جڏهن اکيون ٿڙڻ لڳيون، دليون وڃي نڙ گهٽن کي پهتيون، ۽ اوهان الله بابت ڪئين گمان ڪيا.
— محمد عثمان ڏيپلائيهُنَالِكَ ابْتُلِيَ الْمُؤْمِنُوْنَ وَزُلْزِلُوْا زِلْزَالًا شَدِيْدًا 11
اتي مومنن کي پرکيو ويو ۽ انهن کي تمام سخت ڌونڌاڙيو ويو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذْ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ مَّا وَعَدَنَا اللّٰهُ وَرَسُوْلُهٗ ٓ اِلَّا غُرُوْرًا 12
۽ جڏهن منافقن ۽ دل جي بيماريءَ وارن چيو ته ”اسان کي الله ۽ رسول رڳو ٺڳيءَ جو انجام ٿي ڏنو.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذْ قَالَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْهُمْ يٰٓاَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَارْجِعُوْا ۚ وَيَسْتَاْذِنُ فَرِيْقٌ مِّنْهُمُ النَّبِيَّ يَقُوْلُوْنَ اِنَّ بُيُوْتَنَا عَوْرَةٌ ړ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ڔ اِنْ يُّرِيْدُوْنَ اِلَّا فِرَارًا 13
۽ جڏهن منجهانئن هڪ ٽوليءَ چيو ته ”اي مديني وارؤ! اوهان لاءِ هاڻ بيهڻ جو هنڌ ڪونهي، تنهن ڪري موٽو پوئتي،“ ۽ انهن مان هڪ ٽولي نبيءَ کان اچي موڪل گهري، چي ” اسان جا گهرا اڪيلا آهن“- پر اهي اڪيلا ڪو نه هئا- هنن جو ارادو ڀڄڻ جو ئي هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِمْ مِّنْ اَقْطَارِهَا ثُـمَّ سُىِٕلُوا الْفِتْنَةَ لَاٰتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوْا بِهَآ اِلَّا يَسِيْرًا 14
جيڪڏهن مٿن گهرن جي آسپاس کان ڪا فوج اچي ڪڙڪي ها، پوءِ کانئن جنگ جي گهر ٿئي ها، ته جيڪر ضرور ان تي اچن ها ۽ ڪا ٿورڙي دير مس ترسن ها.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ كَانُوْا عَاهَدُوا اللّٰهَ مِنْ قَبْلُ لَا يُوَلُّوْنَ الْاَدْبَارَ ۭ وَكَانَ عَهْدُ اللّٰهِ مَسْـُٔــوْلًا 15
بيشڪ هنن انهي کان اڳ الله سان انجام ڪيو هو، ته پٺ نه ڦيرائيندا- سو الله جي انجام جو پڇاڻو ضرور ٿيندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيقُلْ لَّنْ يَّنْفَعَكُمُ الْفِرَارُ اِنْ فَرَرْتُمْ مِّنَ الْمَوْتِ اَوِ الْقَتْلِ وَاِذًا لَّا تُـمَـتَّعُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 16
چئو ته جيڪڏهن اوهين موت ۽ قتل کان ڀڄندؤ، ته به ڀڄڻ اوهان کي فائدو ته ڪونه ڏيندو، ان وقت ڪو بلڪل ٿورو فائدو ملندؤ.
— محمد عثمان ڏيپلائيقُلْ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَعْصِمُكُمْ مِّنَ اللّٰهِ اِنْ اَرَادَ بِكُمْ سُوْۗءًا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ رَحْـمَةً ۭ وَلَايَجِدُوْنَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلِيًّا وَّلَا نَصِيْرًا 17
چئو ته ڀلا ڪير اوهان کي الله کان بچائيندو، جيڪڏهن هو اوهان کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري يا اوهان کي ٻاجهه پهچائڻ گهري؟ هو پاڻ لاءِ الله کان سواءِ نڪو دوست ڏسندا، نڪو مددگار.
— محمد عثمان ڏيپلائيقَدْ يَعْلَمُ اللّٰهُ الْمُعَوِّقِيْنَ مِنْكُمْ وَالْقَاۗىِٕلِيْنَ لِاِخْوَانِهِمْ هَلُمَّ اِلَيْنَا ۚ وَلَا يَاْتُوْنَ الْبَاْسَ اِلَّا قَلِيْلًا ۙ18
بيشڪ الله انهن کي ڄاڻي ٿو، جي اوهان مان (جهادکان) روڪيندڙ آهن ۽ سندن ڀائرن کي چوندڙ آهن ته ”اسان ڏي اچو“ ۽ هو لڙائي تي ته تمام ٿورا ٿا اچن.
— محمد عثمان ڏيپلائياَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ښ فَاِذَا جَاۗءَ الْخَوْفُ رَاَيْتَهُمْ يَنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ تَدُوْرُ اَعْيُنُهُمْ كَالَّذِيْ يُغْشٰى عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۚ فَاِذَا ذَهَبَ الْـخَوْفُ سَلَقُوْكُمْ بِاَلْسِـنَةٍ حِدَادٍ اَشِحَّةً عَلَي الْـخَــيْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَمْ يُؤْمِنُوْا فَاَحْبَطَ اللّٰهُ اَعْـمَالَهُمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرًا 19
الٽو اوهان تي اچي لالچ ٿا ڪن، پوءِ جڏهن ڊپ جو وقت ايندو آهي، تڏهن تون کين ڏسندو آهين، ته تو ڏانهن ائين نهاريندا آهن، جو سندن اکيون موت جي بيهوشيءَ ڇانيل شخص وانگر ڦرنديون آهن مگر جڏهن ڊپ لهي ويندو آهي، تڏهن وري فائدي جا لالچي ٿي، اچي اوهان کي تکي زبان سان ايذائيندا آهن_ هنن ايمان نه آندو ان ڪري الله سندن ڪم چٽ ڪيا_ ۽ اهو الله لاءِ سولو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائييَحْسَبُوْنَ الْاَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوْا ۚ وَاِنْ يَّاْتِ الْاَحْزَابُ يَوَدُّوْا لَوْ اَنَّهُمْ بَادُوْنَ فِي الْاَعْرَابِ يَسْاَلُوْنَ عَنْ اَنْۢبَاۗىِٕكُمْ ۭ وَلَوْ كَانُوْا فِيْكُمْ مَّا قٰتَلُوْٓا اِلَّا قَلِيْلًا ۧ20
ڀائيندا آهن ته اڃا ڪٽڪ ڪونه ويا آهن_ ۽ جيڪڏهن ڪي ڪٽڪ اچن ها، ته هو چاهين ها ته ڏاڍو چڱو، جي پاڻ جهنگن ۾ ويهي خبرون پڇندا رهن ها ۽ جي اوهان ۾ هجن ها، ته جيڪر تمام ٿورڙو وڙهن ها!
— محمد عثمان ڏيپلائي