032 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
الۗمّۗ 1ۚ
الف- لام- ميم
— محمد عثمان ڏيپلائيتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ لَا رَيْبَ فِيْهِ مِنْ رَّبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۭ
هيءُ ڪتاب، جنهن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي، ان جو لاهڻ جهانن جي ڌڻيءَ وٽان آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۚ بَلْ هُوَ الْـحَـقُّ مِنْ رَّبِّكَ لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اَتٰىهُمْ مِّنْ نَّذِيْرٍ مِّنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُوْنَ 3
ڇا، هو چون ٿا ته ”ان کي پاڻ ٺاهيو اٿس؟“ هر گز نه! اهو سچ آهي، جو تنهنجي ڌڻيءَ وٽان ان لاءِ آيل آهي، ته انهي قوم کي ڊيڄارين، جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيل آهي، ته من اهي سنيئن واٽ وٺن.
— محمد عثمان ڏيپلائياَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰي عَلَي الْعَرْشِ ۭ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّلِيٍّ وَّلَا شَفِيْعٍ ۭ اَفَلَا تَتَذَكَّرُوْنَ 4
الله اهو آهي- جنهن آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي، سو ڇهن ڏينهن ۾ بڻايو، پوءِ وري عرش ڏانهن ڌيان ڪيائين- اوهان لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به نڪي مددگار آهي، نڪي شفاعت ڪندڙ- پوءِ ڇو نٿا نصيحت وٺو؟
— محمد عثمان ڏيپلائييُدَبِّرُ الْاَمْرَ مِنَ السَّمَاۗءِ اِلَى الْاَرْضِ ثُـمَّ يَعْرُجُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ ٓ اَلْفَ سَـنَةٍ مِّـمَّا تَعُدُّوْنَ 5
هو آسمانن کان زمين تائين ڪم جو بندوبست ڪري ٿو، وري هو انهي ڏينهن ڏانهس چڙهندو، جنهن ڏينهن جو اندازو اوهان جي ڳاڻيٽي موجب هڪ هزار ورهين جيترو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيذٰلِكَ عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 6ۙ
هو آهي ڳجهي ۽ پڌري جو ڄاڻندڙ، غالب، مهربان.
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْٓ اَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ 7ۚ
جنهن جيڪا به چيز خلقي، سان چڱيءَ طرح بنائي- ۽ ماڻهوءَ جي پيدائش جي شروعات مٽيءَ مان ڪئي-
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ جَعَلَ نَسْلَهٗ مِنْ سُلٰلَةٍ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ 8ۚ
وري سندس اولاد بيقدر پاڻيءَ جي نچوڙ مان ٺاهيائين-
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ سَوّٰىهُ وَنَفَخَ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْاَبْصَارَ وَالْاَفْـــِٕدَةَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ 9
وري ان کي برابر ڪيائين، منجهس پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪَن، اکيون ۽ دليون بنايائين_ اوهين ٿورو شڪر ڪندا آهيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَالُوْٓا ءَاِذَا ضَلَلْنَا فِي الْاَرْضِ ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ بَلْ هُمْ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ كٰفِرُوْنَ 10
هو چون ٿا ته ”ڇا، جڏهن زمين ۾ ملاوت ٿي وياسون، تڏهن وري نئين سر بڻباسين؟“ بلڪ اهي ته سندن ڌڻيءَ جي ملاقات کان انڪار ڪندڙ آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيقُلْ يَتَوَفّٰىكُمْ مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِيْ وُكِّلَ بِكُمْ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ ۧ11
چئو ته جيڪو موت جو ملائڪ اوهان تي مقرر ٿيل آهي، سو اوهان جو روح ڪڍندو، وري اوهان کي اوهان جي ڌڻيءَ ڏي موٽائبو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَوْ تَرٰٓي اِذِ الْمُجْرِمُوْنَ نَاكِسُوْا رُءُوْسِهِمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ رَبَّنَآ اَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَارْجِعْنَا نَعْمَلْ صَالِـحًا اِنَّا مُوْقِنُوْنَ 12
عجب لڳيئي، جو تون اهو ڏسين، جڏهن گنهگار پنهنجا ڪنڌ سندن ڌڻيءَ اڳيان اونڌو ڪندڙ هوندا (۽ چوندا) ”اي اسان جا ڌڻي! اسان ڏٺو ۽ ٻڌو، هاڻي وري اسان کي دنيا ۾ موٽاءِ ته اسين چڱا ڪم ڪريون، بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آهيون!“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَوْ شِئْنَا لَاٰتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدٰىهَا وَلٰكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّيْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْــجِنَّةِ وَالنَّاسِ اَجْـمَعِيْنَ 13
۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها، ته هر ڪنهن شخص کي سنئين واٽ لڳايون ها، پر مون وٽان اهو حڪم ٺهرائجي چڪو آهي، ته آءُ ضرور جهنم کي جنن ۽ انسانن سان گڏ ڀريندس.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَذُوْقُوْا بِـمَا نَسِيْتُمْ لِقَاۗءَ يَوْمِكُمْ ھٰذَا ۚ اِنَّا نَسِيْنٰكُمْ وَذُوْقُوْا عَذَابَ الْـخُلْدِ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 14
(چئبن ته) ”هاڻ چکو عذاب، انهي ڪري، جو اوهان هن ڏينهن جي ملڻ کي وساريو هو، بيشڪ اسان به اوهان کي وساريو ۽ جيڪي به ڪندا هئا، تنهن سببان هميشه جو عذاب چکو.“
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّـمَا يُؤْمِنُ بِاٰيٰتِنَا الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِّرُوْا بِهَا خَرُّوْا سُـجَّدًا وَّسَبَّحُوْا بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُوْنَ ۞ 15
اسان جي آيتن تي ته رڳو اهي ايمان آڻيندا، جن کي جڏهن انهن سان نصيحت ڪبي آهي، ته هو سجدي ۾ ڪري پوندا آهن ۽ سندن ڌڻيءَ جي واکاڻ پاڪائي سان بيان ڪندا آهن ۽ هو آڪڙ نه ڪندا آهن. (سجدو)
— محمد عثمان ڏيپلائيتَـتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِـعِ يَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّطَمَعًا ۡ وَّمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 16
پنهنجا پاسا بسترن کان جدا ڪري پنهنجي ڌڻيءَ کي ڊپ ۽ اميد سان سڏيندا آهن ۽ جيڪي کين ڏنو اٿئون ان مان (نيڪ ڪمن ۾) خرچيندا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّآ اُخْفِيَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْيُنٍ ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 17
پوءِ ڪو به شخص اهو نٿو ڄاڻي، جيڪي اکين جو ٺار سندن لاءِ لڪايل آهي اهو سندن ڪيل ڪمن جو بدلو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَفَـمَنْ كَانَ مُؤْمِنًا كَمَنْ كَانَ فَاسِقًا ڼ لَا يَسْـتَوٗنَ ۬18
ڀلا جيڪو مؤمن آهي، سو ڪو بدڪار جهڙو آهي ڇا؟ هر گز برابر نه ٿيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائياَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ جَنّٰتُ الْمَاْوٰي ۡ نُزُلًۢا بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 19
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ رهڻ جو هنڌ باغ آهن، اها سندن ڪمن سبب مهماني آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَمَّا الَّذِيْنَ فَسَقُوْا فَمَاْوٰىهُمُ النَّارُ ۭ كُلَّمَآ اَرَادُوْٓا اَنْ يَّخْـرُجُوْا مِنْهَآ اُعِيْدُوْا فِيْهَا وَقِيْلَ لَهُمْ ذُوْقُوْا عَذَابَ النَّارِ الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ 20
۽ جن بُرا ڪم ڪيا، تن جي رهڻ جو هنڌ باهه آهي، جنهن به مهل ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا، ته وري به منجهس موٽائبا- ۽ چئبن ته، ”چکو باهه جو عذاب، جنهن کي اوهين ڪوڙ سمجهندا هئا.“
— محمد عثمان ڏيپلائي