028 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
طٰسۗمّۗ 1
طٰسٓمٓ
— محمد عثمان ڏيپلائيتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
هي چٽي ڪتاب جون آيتون آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائينَتْلُوْا عَلَيْكَ مِنْ نَّبَاِ مُوْسٰى وَفِرْعَوْنَ بِالْـحَقِّ لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ 3
اسين توکي مؤمن ٽوليءَ لاءِ سچيءَ طرح ڪجهه موسيٰ ۽ فرعون جون خبرون ٻڌايون ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَهْلَهَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَةً مِّنْهُمْ يُذَ بِّحُ اَبْنَاۗءَهُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَهُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُفْسِدِيْنَ 4
بيشڪ فرعون ملڪ ۾ آڪڙ ڪئي هئي ۽ سندس رهاڪن کي ٽوليون ٽوليون بنايو هئائين، جو منجهان هڪ ٽوليءَ کي هيڻو ڪيو هئائين، جو سندن پٽن کي ڪُهندو هو، ۽ ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندو هو، بيشڪ اهو فسادي هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَنُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ عَلَي الَّذِيْنَ اسْتُضْعِفُوْا فِي الْاَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ اَىِٕمَّةً وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ 5ۙ
۽ اسان ارادو ڪيو، ته انهن تي احسان ڪريون جن کي ملڪ ۾ هيڻو بنايو ويو هو_ جو انهن کي سردار بنايون ۽ کين (فرعونين) جو وارث بنايون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْاَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا يَحْذَرُوْنَ 6
۽ کين ملڪ ۾ حڪومت ڏيون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪرن کي اهو (انقلاب) ڏيکاريون، جنهن کان ڊڄندا هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَوْحَيْنَآ اِلٰٓى اُمِّ مُوْسٰٓى اَنْ اَرْضِعِيْهِ ۚ فَاِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَاَلْقِيْهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِيْ وَلَا تَحْـزَنِيْ ۚ اِنَّا رَاۗدُّوْهُ اِلَيْكِ وَجَاعِلُوْهُ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 7
اسان موسيٰ جي ماءُ کي حڪم ڪيو ته، ”کيس ٿڃ پيار- پوءِ جڏهن تون هن بابت ڊڄين، تڏهن کيس درياءَ ۾ اڇلج ۽ نڪي ڊڄج، نڪي غمگين ٿج، بيشڪ اسين ان کي تو ڏانهن ئي موٽائينداسون ۽ کيس رسول بنائينداسون.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَالْتَقَطَهٗ ٓ اٰلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُوْنَ لَهُمْ عَدُوًّا وَّحَزَنًا ۭ اِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا كَانُوْا خٰطِـــــِٕيْنَ 8
پوءِ فرعون وارن کيس جهٽيو، ته هو انهن لاءِ (نيٺ) دشمن ۽ ڏک بنجي_ بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندس لشڪر خطاڪار هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَالَتِ امْرَاَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّةُ عَيْنٍ لِّيْ وَلَكَ ۭ لَا تَقْتُلُوْهُ ڰ عَسٰٓى اَنْ يَّنْفَعَنَآ اَوْ نَتَّخِذَهٗ وَلَدًا وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 9
۽ فرعون جي زال چيو، ته ”هي مون ۽ تولاءِ اکين جو ٺار آهي، هن کي نه ماريو، شايد هي اسان کي فائدو ڏئي، يا اسين کيس پُٽ بنايون،_ ۽ هنن کي سندس پروڙ ڪا نه هئي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَصْبَحَ فُؤَادُ اُمِّ مُوْسٰى فٰرِغًا ۭ اِنْ كَادَتْ لَتُبْدِيْ بِهٖ لَوْلَآ اَنْ رَّبَطْنَا عَلٰي قَلْبِهَا لِتَكُوْنَ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 10
۽ موسيٰ جي ماءُ جي دل اچي بيقرار ٿي_ هوءَ انهي ڳالهه کي پڌرو ڪرڻ تي هئي، جي اسين سندس دل تي بندش نه ڪريو ن ها، ان لاءِ ته وسهندڙ ٿئي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَالَتْ لِاُخْتِهٖ قُصِّيْهِ ۡ فَبَصُرَتْ بِهٖ عَنْ جُنُبٍ وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ۙ11
هن موسيٰ جي ڀيڻ کي چيو ته، ”سندس پير کڻ،“ پوءِ هوءَ پري کان کيس ڏسندي رهي ۽ هنن کي پروڙ ڪا نه هئي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ الْمَرَاضِعَ مِنْ قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰٓي اَهْلِ بَيْتٍ يَّكْفُلُوْنَهٗ لَكُمْ وَهُمْ لَهٗ نٰصِحُوْنَ 12
هُن (جي وٽن اچڻ) کان اڳ مٿس داين جو کير حرام ڪري ڇڏيوسون_ پوءِ هن اچي چَيُن ”آءُ اوهان کي اهڙا گهر وارا ڏسيان، جي سندس سنڀال ڪن ۽ اهي سندس گهڻگهرا هجن؟“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَرَدَدْنٰهُ اِلٰٓى اُمِّهٖ كَيْ تَــقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ اَنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ وَّلٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُوْنَ ۧ13
ان طرح کيس سندس ماءُ ڏي موٽايوسون، ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ خبر پويس، ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَمَّا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَاسْتَوٰٓى اٰتَيْنٰهُ حُكْمًا وَّعِلْمًا ۭ وَكَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ 14
۽ جنهن وقت هو جوان پختو ٿيو، تڏهن اسان کيس دانائي ۽ علم ڏنو ۽ اهڙيءَ طرح اسين ڀلارن کي چڱو بدلو ڏيندا آهيون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَدَخَلَ الْمَدِيْنَةَ عَلٰي حِيْنِ غَفْلَةٍ مِّنْ اَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيْهَا رَجُلَيْنِ يَـقْتَتِلٰنِ ڭ هٰذَا مِنْ شِيْعَتِهٖ وَهٰذَا مِنْ عَدُوِّه ٖ ۚ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِيْ مِنْ شِيْعَتِهٖ عَلَي الَّذِيْ مِنْ عَدُوِّهٖ ۙ فَوَكَزَهٗ مُوْسٰى فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ قَالَ هٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ اِنَّهٗ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِيْنٌ 15
۽ هو شهر ۾ سندس رهاڪن جي بي خبريءَ وقت گهڙيو، ته اتي ٻه شخص وڙهندا ڏٺائين، هي هڪڙو هو سندس قوم مان ۽ ٻيو سندس دشمنن جي قوم مان_ پوءِ سندس قوم واري کيس سندس دشمنن جي قوم واري بابت فرياد ڪيو، انهي تي موسيٰ اچي هن کي مُڪ هنئي ۽ پورو ڪري ڇڏيائينس، (پوءِ) چيائين ”هيءُ ته شيطان جو ڪم آهي، بيشڪ اهو صفا گمراهه ڪندڙ دشمن آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ رَبِّ اِنِّىْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ فَاغْفِرْ لِيْ فَغَفَرَ لَهٗ ۭ اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 16
چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو، هاڻي مون کي بخش ڪر“- پوءِ هن کيس بخش ڪيو- بيشڪ، اهو ئي بخشيندڙ، مهربان آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ رَبِّ بِـمَآ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ فَلَنْ اَكُوْنَ ظَهِيْرًا لِّلْمُجْرِمِيْنَ 17
چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! تو جيڪو مون تي فضل ڪيو آهي، تنهن ڪري آءُ به ڏوهارين جو مددگار ڪڏهن نه ٿيندس.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَصْبَحَ فِي الْمَدِيْنَةِ خَاۗىِٕفًا يَّتَرَقَّبُ فَاِذَا الَّذِي اسْتَـنْصَرَهٗ بِالْاَمْسِ يَسْتَــصْرِخُهٗ ۭ قَالَ لَهٗ مُوْسٰٓى اِنَّكَ لَغَوِيٌّ مُّبِيْنٌ 18
پوءِ صبح تائين شهر ۾ ڊڄندڙ منتظر ٿي رهيو، ته اوچتو جنهن شخص ڪالهه کانئس مدد گهري هئي، تنهن وري به مدد گهريس_ ته موسيٰ چيس ”تحقيق تون صفا بي راهه آهين.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلَمَّآ اَنْ اَرَادَ اَنْ يَّبْطِشَ بِالَّذِيْ هُوَ عَدُوٌّ لَّهُمَا ۙ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اَتُرِيْدُ اَنْ تَــقْتُلَنِيْ كَـمَا قَتَلْتَ نَفْسًۢا بِالْاَمْسِ ڰ اِنْ تُرِيْدُ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَ جَبَّارًا فِي الْاَرْضِ وَمَا تُرِيْدُ اَنْ تَكُوْنَ مِنَ الْمُصْلِحِيْنَ 19
پوءِ جڏهن ارادو ڪيائين ته ٻنهي جي دشمنن ڏي هٿ ڊگهاري، ته الٽو هن موسيٰ کي چيو ته ”ڇا، مون کي به ائين مارڻ جو ارادو اٿئي_ جيئن هڪ شخص کي ڪالهه ماريئي؟ توکي ته زمين ۾ ظلم ڪرڻ جو ارادو آهي ۽ اهو ته ارادو ئي نه اٿيئي، ته ڪو سڌاريندڙ ٿين!“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَاۗءَ رَجُلٌ مِّنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ يَسْعٰى ۡ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اِنَّ الْمَلَاَ يَاْتَمِرُوْنَ بِكَ لِيَقْتُلُوْكَ فَاخْرُجْ اِنِّىْ لَكَ مِنَ النّٰصِحِيْنَ 20
پوءِ هڪ شخص شهر جي پرئين طرف کان ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ”اي موسيٰ! تولاءِ سردارن جي پڪي رٿ آهي، ته توکي مارين، ان ڪري تون هتان هليو وڃ، آءُ پڪ تنهنجو خير خواهه آهيان.“
— محمد عثمان ڏيپلائي