027 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1ۙ
ط_ س _ هي قرآن ۽ چٽي ڪتاب جون آيتون آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيهُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2ۙ
مؤمنن لاءِ واٽ ڏيکاريندڙ ۽ مبارڪ ڏيندڙ آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3
جيڪي نماز پڙهن ٿا، زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي آخرت جي پڪ رکن ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4ۭ
بيشڪ جيڪي آخرت کي نٿا مڃين، تن لاءِ اسان کين سندن ڪم سهڻا ڪري ڏيکاريا، پوءِ اهي حيران رهندا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5
اهي اُهي آهن، جن لاءِ عذاب جي سختي آهي ۽ اهي ئي آخرت ۾ ٽوٽو پائيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6
۽ بيشڪ توکي ڏاهپ واري ڄاڻندڙ وٽان قرآن ملي ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7
(يادڪر) جڏهن موسيٰ سندس گهر وارن کي چيو ته، ”بيشڪ مون باهه ڏٺي آهي_ آءُ اجهو ٿو، اتان ڪا خبر آڻيان، يا اوهان وٽ ڪو ٻاريل ٽانڊو آڻيان،ته من اوهين پاڻ ئي تؤ ڏيو.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8
پوءِ جنهن وقت ان وٽ آيو، ته آواز آيس ته ”جيڪو باهه ۾ ۽ جيڪو سندس چوگرد آهي، سو ڀلارو ڪيل آهي ۽ جهانن جي ڌڻيءَ کي پاڪائي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائييٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9ۙ
اي موسيٰ! بيشڪ آءُ غالب ڏاهپ وارو آهيان.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ 10
۽ پنهنجي لٺ اڇلائي وجهه! ”پوءِ جنهن وقت هن کي ائين چرندو ڏٺائين، جو ڄڻ ته ارڙ آهي، ته پٺ ڏيئي ڀڳو ۽ پوئتي به نه موٽيو (چيوسون ته) ”اي موسيٰ! ڊپ نه ڪر، جو مون وٽ رسول نه ڊڄندا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 11
پرجنهن ظلم ڪيو، پوءِ وري برائيءَ کان پوءِ مٽائي چڱائي ڪيائين، ته بيشڪ آءُ بخشيندڙ مهربان آهيان.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ 12
۽ سندءِ هٿ گريبان ۾ وجهه، ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري، اهي ٻئي انهن نَون معجزن مان آهن، جي فرعون ۽ سندس قوم ڏي آهن- بيشڪ هو بدڪار قوم آهن.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۚ13
پوءِ جنهن مهل انهن وٽ اسان جون چٽيون آيتون پهتيون، چيائون ”هي ته صفا جادو آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۧ14
۽ بي انصافيءَ ۽ آڪڙ کان انهن جو انڪار ڪيائون، جيتوڻيڪ سندن دلين کي انهنجو يقين هو- پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪهڙي طرح ٿي!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ 15
بيشڪ اسان دائود ۽ سليمان کي علم ڏنو ۽ هنن چيو ”هر قسم جي واکاڻ انهي الله کي جڳائي، جنهن اسان کي سندس گهڻن ٻانهن کان ڀلو ڪيو.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ 16
سليمان دائود جو وارث ٿيو ۽ چيائين، ”اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آهي ۽ اسان کي هر ڪا نعمت ڏني وئي آهي_ بيشڪ اها پڌري ڀلائي آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 17
۽ سليمان لاءِ سندس لشڪر جنن، ماڻهن ۽ پکين مان گڏ ڪيا ويا هئا، جي سڀ قطارن ۾ بيهاريا ويا.
— محمد عثمان ڏيپلائيحَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 18
تان جو جڏهن ماڪوڙين واري ميدان ۾ پهتا، ته هڪ ماڪوڙيءَ چيو، ”اي ماڪوڙيو! پنهنجن ٻرن ۾ گهڙي وڃو، سليمان ۽ سندس لشڪر بي خبريءَ ۾ اوهان کي نه لتاڙين.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ 19
پوءِ هو سندس ڳالهاءُ کان مرڪي کليو ۽ چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! مون کي توفيق ڏي، ته تنهنجي نعمتن جو شڪر ڪريان، جي مون ۽ منهنجي مائٽن تي ڪيون اٿيئي ۽ اهڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي سندءِ ٻاجهه سان پنهنجي نيڪ ٻانهن ۾ داخل ڪر!“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ 20
۽ پکين جي چڪاس ڪيائين، ته چيائين ”ڇا جي ڪري آءُ هُد هُد کي ڪونه ٿو ڏسان؟ يا هو غير حاضر آهي؟
— محمد عثمان ڏيپلائي