026 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 227 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
طٰسۗمّۗ 1
ط- س- م
— محمد عثمان ڏيپلائيتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
هي آيتون آهن پڌري ڪتاب جون.
— محمد عثمان ڏيپلائيلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ اَلَّا يَكُوْنُوْا مُؤْمِنِيْنَ 3
متان تون پاڻ کي گهٽي مارين، جو (ڪافر) مسلمان نٿا ٿين!
— محمد عثمان ڏيپلائياِنْ نَّشَاْ نُنَزِّلْ عَلَيْهِمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ اٰيَةً فَظَلَّتْ اَعْنَاقُهُمْ لَهَا خٰضِعِيْنَ 4
جيڪڏهن اسين گهرون، ته جيڪر مٿن آسمان کان ڪا اهڙي نشاني موڪليون، جنهن اڳيان سندن ڪنڌ جُهڪي پون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنَ الرَّحْمٰنِ مُحْدَثٍ اِلَّا كَانُوْا عَنْهُ مُعْرِضِيْنَ 5
۽ ٻاجهاري الله کان جيڪا به نئين نصيحت وٽن ٿي اچي، ان کان ٿا منهن موڙين-
— محمد عثمان ڏيپلائيفَقَدْ كَذَّبُوْا فَسَيَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 6
پوءِ بيشڪ ڪوڙ ڀانئي چڪا، ان ڪري اجهو ٿيون وٽن اهي خبرون اچن، جن بابت ٺٺوليون ڪندا هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائياَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الْاَرْضِ كَمْ اَنْۢبَـتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 7
ڇا، زمين ڏي نٿا ڏسن، ته منجهس هر ڪنهن جنس جا ڪيترائي سٺا اوڀڙ ڄمايا سون؟
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً ۭ وَمَا كَانَ اَكْثَرُهُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8
بيشڪ انهيءَ ۾ نشاني آهي- پر منجهانئن گهڻا مڃڻ وارا نه آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 9ۧ
۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب ۽ مهربان آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذْ نَادٰي رَبُّكَ مُوْسٰٓي اَنِ ائْتِ الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۙ10
۽ (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي ڌڻيءَ موسيٰ کي سڏيو ته ”ظالمن جي قوم ڏي وڃ.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَوْمَ فِرْعَوْنَ ۭ اَلَا يَتَّقُوْنَ 11
(يعني) فرعون جي قوم ڏي- (۽ چوِين ته) ڇا اوهين نيڪ نه ٿيندا؟“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ رَبِّ اِنِّىْٓ اَخَافُ اَنْ يُّكَذِّبُوْنِ ۭ12
چيائين ”اي ڌڻي! مون کي ڊپ آهي، ته هو مون کي ڪوڙو سمجهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيَضِيْقُ صَدْرِيْ وَلَا يَنْطَلِقُ لِسَانِيْ فَاَرْسِلْ اِلٰى هٰرُوْنَ 13
منهنجو سينو تنگ ٿو ٿئي ۽ منهنجي زبان به ٺيڪ نٿي اٿلي، ان ڪري اهو حڪم هارون ڏي موڪل.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَهُمْ عَلَيَّ ذَنْۢبٌ فَاَخَافُ اَنْ يَّقْتُلُوْنِ ۚ14
۽ هنن جو مون تي ڏوهه به آهي، ان ڪري ڊڄان ٿو ته مون کي ماري نه وجهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ كَلَّا ۚ فَاذْهَبَا بِاٰيٰتِنَآ اِنَّا مَعَكُمْ مُّسْتَمِعُوْنَ 15
چيائين ”هرگز نه- ڀلي ٻئي ڄڻا منهنجيون آيتون کڻي وڃو، اسين به اوهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاْتِيَا فِرْعَوْنَ فَقُوْلَآ اِنَّا رَسُوْلُ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۙ16
پوءِ فرعون وٽ وڃي کيس چئو ته، ”اسين جهانن جي ڌڻيءَ جو حڪم رسائيندڙ آهيون.“
— محمد عثمان ڏيپلائياَنْ اَرْسِلْ مَعَنَا بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ ۭ17
ته ”اسان سان گڏ بني اسرائيل کي روانو ڪر.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ اَلَمْ نُرَبِّكَ فِيْنَا وَلِيْدًا وَّلَبِثْتَ فِيْنَا مِنْ عُمُرِكَ سِـنِيْنَ ۙ18
(فرعون) چيو ”ڇا، اسان توکي ٻار ڪري نه نپايو هو؟ ۽ اسان ۾ سندءِ عمر جا ڪيترائي ورهيه گذاريئي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَفَعَلْتَ فَعْلَتَكَ الَّتِيْ فَعَلْتَ وَاَنْتَ مِنَ الْكٰفِرِيْنَ 19
۽ تو اهو ڪم ڪيو، جو ڪري چُڪين ۽ تون بي شڪر آهين.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ فَعَلْتُهَآ اِذًا وَّاَنَا مِنَ الضَّاۗلِّيْنَ ۭ20
چيائين ”مون جڏهن اهو ڪم ڪيو هو، تڏهن آءٌ اڻ ڄاڻ هوس.
— محمد عثمان ڏيپلائي