024 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 64 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
سُوْرَةٌ اَنْزَلْنٰهَا وَفَرَضْنٰهَا وَاَنْزَلْنَا فِيْهَآ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ لَّعَلَّكُمْ تَذَكَّرُوْنَ 1
هيءَ سورت آهي، جا نازل ڪئي سون، کيس فرض ڪيوسون ۽ منجهس پڌريون آيتون نازل ڪيوسون، ته مَنَ اوهين نصيحت وٺو.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلزَّانِيَةُ وَالزَّانِيْ فَاجْلِدُوْا كُلَّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا مِائَةَ جَلْدَةٍ ۠ وَّلَا تَاْخُذْكُمْ بِهِمَا رَاْفَةٌ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ۚ وَلْيَشْهَدْ عَذَابَهُمَا طَاۗىِٕفَةٌ مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 2
زنا ڪندڙ زال خواهه مرد ٻنهي مان هر هڪ کي سئو چابڪ هڻو ۽ اوهان کي انهن تي الله جي دين ۾ ڪا نرمي ڪرڻ نه جڳائي، جيڪڏهن اوهين الله ۽قيامت کي مڃيو ٿا_ ۽ سندن سزا تي مؤمنن جي هڪ ٽوليءَ کي حاضر هجڻ گهرجي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلزَّانِيْ لَا يَنْكِحُ اِلَّا زَانِيَةً اَوْ مُشْرِكَةً ۡ وَّالزَّانِيَةُ لَا يَنْكِحُهَآ اِلَّا زَانٍ اَوْ مُشْرِكٌ ۚ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَي الْمُؤْمِنِيْنَ 3
زنا ڪندڙ مرد، زنا ڪندڙ زال مشرڪياڻيءَ سان ئي پرڻبو ۽ زنا ڪندڙ زال سان زنا ڪندڙ مڙس يا مشرڪ ئي پرڻبو ۽ اهو مؤمنن تي حرام ڪيو ويو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ الْمُحْصَنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَاْتُوْا بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ فَاجْلِدُوْهُمْ ثَمٰنِيْنَ جَلْدَةً وَّلَا تَــقْبَلُوْا لَهُمْ شَهَادَةً اَبَدًا ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 4ۙ
۽ جيڪي شخص پاڪدامن عورتن تي تهمت لڳائين، وري چار شاهد نه آڻين ته انهن کي اسي چابڪ هڻو ۽ سندن شاهدي هر گز قبول نه ڪريو، جو اهي بدڪار آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياِلَّا الَّذِيْنَ تَابُوْا مِنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ وَاَصْلَحُوْا ۚ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
مگر جن هن کان پوءِ توبهه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو نه بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ اَزْوَاجَهُمْ وَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ شُهَدَاۗءُ اِلَّآ اَنْفُسُهُمْ فَشَهَادَةُ اَحَدِهِمْ اَرْبَعُ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الصّٰدِقِيْنَ 6
۽ جيڪي شخص سندن زالن تي تهمت لڳائين ۽ وٽن پاڻ کان سواءِ ڪي شاهد نه هجن، ته اهڙي هر هڪ جي شاهدي چار دفعا (هيئن) آهي ته ”الله جو قسم! بيشڪ پاڻ سچ چوندڙ آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالْخَامِسَةُ اَنَّ لَعْنَتَ اللّٰهِ عَلَيْهِ اِنْ كَانَ مِنَ الْكٰذِبِيْنَ 7
۽ پنجون دفعو چو ي ته ”جيڪڏهن ڪوڙو هوندو، ته مٿس الله جي لعنت هجي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيَدْرَؤُا عَنْهَا الْعَذَابَ اَنْ تَشْهَدَ اَرْبَعَ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الْكٰذِبِيْنَ 8ۙ
۽ انهي زال تان سزا هيئن ٽرندي، جو چار دفعا الله جو قسم کڻي اقرار ڪري ته ”بيشڪ اهو مڙس ڪوڙو آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَالْخَامِسَةَ اَنَّ غَضَبَ اللّٰهِ عَلَيْهَآ اِنْ كَانَ مِنَ الصّٰدِقِيْنَ 9
۽ پنجون دفعو (چوي) ته ”مٿس الله جوغضب پوي، جيڪڏهن مڙس سچو هجي ته.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجهه نه هجي ها ته (تڪليف ۾ پئو ها) بيشڪ الله توبهه قبول ڪندڙ ڏاهپ وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ جَاۗءُوْ بِالْاِفْكِ عُصْبَةٌ مِّنْكُمْ ۭ لَا تَحْسَبُوْهُ شَرًّا لَّكُمْ ۭ بَلْ هُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۭ لِكُلِّ امْرِۍ مِّنْهُمْ مَّا اكْتَسَبَ مِنَ الْاِثْمِ ۚ وَالَّذِيْ تَوَلّٰى كِبْرَهٗ مِنْهُمْ لَهٗ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 11
بيشڪ جن بهتان لڳايو سي اوهان مان هڪ ٽولو آهن، اوهين ان کي پاڻ لاءِ برو نه سمجهو_ بلڪ اهو اوهان لاءِ چڱو آهي، انهن مان هر شخص جيڪو گناهه ڪمايو سو سندس لاءِ آهي_ ۽ منجهائن جنهن بهتان جو وڏو لڙ مچايو، ان لاءِ وڏو عذاب آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ ظَنَّ الْمُؤْمِنُوْنَ وَالْمُؤْمِنٰتُ بِاَنْفُسِهِمْ خَيْرًا ۙ وَّقَالُوْا ھٰذَآ اِفْكٌ مُّبِيْنٌ 12
جڏهن اهو ٻڌو، تڏهن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين پنهنجن ۾ چڱو گمان ڇو نه ڪيو ۽ ڇو نه چيائون ته ”هيءَ ته صفا بهتان آهي؟“
— محمد عثمان ڏيپلائيلَوْلَا جَاۗءُوْ عَلَيْهِ بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ ۚ فَاِذْ لَمْ يَاْتُوْا بِالشُّهَدَاۗءِ فَاُولٰۗىِٕكَ عِنْدَ اللّٰهِ هُمُ الْكٰذِبُوْنَ 13
ڇو نه انهي تي چار شاهد آندائون؟ پوءِ جڏهن شاهد نه آندائون، تڏهن الله وٽ اهي ئي ڪوڙا آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ لَمَسَّكُمْ فِيْ مَآ اَفَضْتُمْ فِيْهِ عَذَابٌ عَظِيْمٌ ښ 14
۽ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجهه اوهان تي دنيا خواهه آخرت ۾ نه هجي ها، ته جيڪر جنهن بابت چرچو مچايوَ، ان لاءِ اوهان کي وڏو عذاب پهچي ها.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ تَلَقَّوْنَهٗ بِاَلْسِنَتِكُمْ وَتَــقُوْلُوْنَ بِاَفْوَاهِكُمْ مَّا لَيْسَ لَكُمْ بِهٖ عِلْمٌ وَّتَحْسَبُوْنَهٗ هَيِّنًا ڰ وَّهُوَ عِنْدَ اللّٰهِ عَظِيْمٌ 15
جڏهن اوهين اها ڳالهه زبان تي آڻيندا رهيا ۽ پنهنجي واتن سان اها ڳالهه چوندا رهيا، جنهن جي اوهان کي ڪا خبر ڪانه هئي ۽ اوهان ان کي هلڪو ٿي ڀانيو، پر اهو الله وٽ وڏو گناهه هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ قُلْتُمْ مَّا يَكُوْنُ لَنَآ اَنْ نَّتَكَلَّمَ بِھٰذَا ڰ سُـبْحٰنَكَ ھٰذَا بُهْتَانٌ عَظِيْمٌ 16
۽ جڏهن اوهان اهو ٻڌو، تڏهن ڇو نٿي چيوَ ته ” اسان کي اهو چوڻ نٿو جڳائي_ تون پاڪ آهين، هيءُ ته وڏو بهتان آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائييَعِظُكُمُ اللّٰهُ اَنْ تَعُوْدُوْا لِمِثْلِهٖٓ اَبَدًا اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ ۚ17
الله نصيحت ٿو ڪريوَ، ته وري اهڙو ڪم ڪڏهن به نه ڪجو، جيڪڏهن اوهين مؤمن آهيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيُبَيِّنُ اللّٰهُ لَكُمُ الْاٰيٰتِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 18
۽ الله اوهان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري ۽ الله ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ يُـحِبُّوْنَ اَنْ تَشِيْعَ الْفَاحِشَةُ فِي الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۙ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ وَاَنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 19
بيشڪ جن شخصن کي اها ڳالهه پسند ٿي اچي ته مؤمنن ۾ براين (جي تهمتن) کي پکيڙيو وڃي، تن لاءِ دنيا خواهه آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آهي_ ۽ الله ڄاڻي ٿو، مگر اوهين ڪو نه ٿا ڄاڻو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ20
۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجهه نه هجي ها (ته تڪليف ۾ پئو ها) ۽ الله ته بخشيندڙ مهربان آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائي