022 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 78 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۚ اِنَّ زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَيْءٌ عَظِيْمٌ 1
اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو، بيشڪ قيامت جو ڌڌڪو وڏي چيز آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائييَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّآ اَرْضَعَتْ وَتَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَتَرَى النَّاسَ سُكٰرٰي وَمَا هُمْ بِسُكٰرٰي وَلٰكِنَّ عَذَابَ اللّٰهِ شَدِيْدٌ 2
جنهن ڏينهن ان کي ڏسندؤ، تڏهن هر ڪا کير پياريندڙ پنهنجي ٻچي کي وساري ڇڏيندي ۽ هر ڪا پيٽ واري سندس پيٽ ڪيرائي ڇڏيندي ۽ تون ماڻهن کي نشي ۾ ڏسندين، مگر هو نشي ۾ نه هوندا، پر خدا جو عذاب سخت هوندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّيَتَّبِـعُ كُلَّ شَيْطٰنٍ مَّرِيْدٍ 3ۙ
۽ ماڻهن مان ڪو الله بابت بي سمجهيءَ سان بحث ڪندو آهي ۽ هو ڪنهن تڙيل شيطان پٺيان لڳندو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيكُتِبَ عَلَيْهِ اَنَّهٗ مَنْ تَوَلَّاهُ فَاَنَّهٗ يُضِلُّهٗ وَيَهْدِيْهِ اِلٰى عَذَابِ السَّعِيْرِ 4
جنهن بابت لازم ڪيل آهي ته جيڪو ساڻس محبت رکندو تنهن کي هو پڪ گمراهه ڪندو ۽ کيس دوزخ جي عذاب جو رستو ڏيکاريندو.
— محمد عثمان ڏيپلائييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنْ كُنْتُمْ فِيْ رَيْبٍ مِّنَ الْبَعْثِ فَاِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُـمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُـمَّ مِنْ مُّضْغَةٍ مُّخَلَّقَةٍ وَّغَيْرِ مُخَلَّقَةٍ لِّنُبَيِّنَ لَكُمْ ۭ وَنُقِرُّ فِي الْاَرْحَامِ مَا نَشَاۗءُ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ثُـمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُـمَّ لِتَبْلُغُوْٓا اَشُدَّكُمْ ۚ وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّتَوَفّٰى وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّرَدُّ اِلٰٓى اَرْذَلِ الْعُمُرِ لِكَيْلَا يَعْلَمَ مِنْۢ بَعْدِ عِلْمٍ شَيْــــًٔا ۭ وَتَرَى الْاَرْضَ هَامِدَةً فَاِذَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْهَا الْمَاۗءَ اهْتَزَّتْ وَرَبَتْ وَاَنْۢبَتَتْ مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 5
اي انسانو! جيڪڏهن اوهين وري جيئري ٿيڻ بابت شڪ ۾ آهيو ته (سوچيو ته) اسان اوهان کي مٽيءَ مان بنايو، پوءِ ڦڙي مان، پوءِ رت جي دڳ مان، پوءِ گوشت جي ٻوٽي مان سڄو بنايل ۽ اڌو گابرو بنايل، ته اوهان کي چٽيءَ طرح ٻڌايون ۽ جنهن لاءِ چاهيندا آهيون تنهن کي وقت مقرر تائين ڳڀيرڻين ۾ ٽڪائيندا آهيون، پوءِ اوهان کي ٻار ڪري ڪڍندا آهيون ته پنهنجي جواني کي پهچو، ۽ اوهان مان ڪو مري ويندو آهي ۽ اوهان مان ڪنهن کي خراب عمر ڏي موٽائبو آهي، ته ڄاڻپ بعد به ڪجهه نه ڄاڻي، ۽ زمين کي ڏسندو آهين، ته غير آباد آهي پوءِ جڏهن مٿس پاڻي وسائيندا آهيون ته تازي ٿيڻ ۽ وڌڻ لڳندي آهي ۽ طرح طرح جا سٺا اوڀڙ اڀاڙيندي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ هُوَ الْـحَقُّ وَاَنَّهٗ يُـحْيِ الْمَوْتٰى وَاَنَّهٗ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6ۙ
اهو (بيان) هن لاءِ آهي ته الله ئي سچو آهي، اهو ئي مئن کي جيئاري ٿو، اهو ئي هر ڪنهن ڳالهه تي وس وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ لَّا رَيْبَ فِيْهَا ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ يَبْعَثُ مَنْ فِي الْقُبُوْرِ 7
۽ قيامت اچڻي آهي، جنهن ۾ ڪوشڪ ڪونهي ۽ الله تعاليٰ قبرن وارن کي اٿاريندو. (_) ماڻهن مان ڪو سواءِ ڪنهن علم ۽ هدايت ۽ پڌري ڪتاب جي ڪنڌ کي موڙي، الله بابت بحث ڪندو آهي ته الله جي واٽ کان گمراهه ڪري_ ان لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ قيامت ڏينهن کيس ساڙيندڙ عذاب چکائينداسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 8ۙ
ماڻهن مان ڪو سواءِ ڪنهن علم ۽ هدايت ۽ پڌري ڪتاب جي الله بابت بحث ڪندو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيثَانِيَ عِطْفِهٖ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ لَهٗ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ وَّنُذِيْقُهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ عَذَابَ الْحَرِيْقِ 9
ڪنڌ موڙي ته (جيئن) الله جي واٽ کان گمراهه ڪري_ ان لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ قيامت ڏينهن کيس ساڙيندڙ عذاب چکائينداسون
— محمد عثمان ڏيپلائيذٰلِكَ بِـمَا قَدَّمَتْ يَدٰكَ وَاَنَّ اللّٰهَ لَيْسَ بِظَلَّامٍ لِّـلْعَبِيْدِ ۧ10
اهو تنهنجي اڳ ڪيل هٿن جي ڪيتن سبب آهي ۽ هي ته الله ٻانهن تي ظلم نه ڪندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّعْبُدُ اللّٰهَ عَلٰي حَرْفٍ ۚ فَاِنْ اَصَابَهٗ خَيْرُ ۨاطْـمَاَنَّ بِهٖ ۚ وَاِنْ اَصَابَتْهُ فِتْنَةُ ۨانْقَلَبَ عَلٰي وَجْهِهٖ ڗ خَسِرَ الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةَ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ 11
۽ ماڻهن مان ڪو الله جي عبادت پاسيرو رهي ٿو ڪري، پوءِ جي کيس فائدو ٿو رسي ته عبادت تي دلجاءِ ڪندو آهي، پر جي ڪا تڪليف رسندي اٿس ته منهن ڦيرائي ڇڏيندو آهي، هن دنيا خواهه آخرت ۾ نقصان پاتو_ اهو ته صفا نقصان پائڻ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائييَدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّهٗ وَمَا لَا يَنْفَعُهٗ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ ۚ12
هو الله کي ڇڏي اهڙي کي ٿو پڪاري، جو نڪي کيس نقصان رسائي نه فائدو_ اها ته بلڪل پراهين گمراهي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائييَدْعُوْا لَمَنْ ضَرُّهٗ ٓ اَقْرَبُ مِنْ نَّفْعِهٖ ۭ لَبِئْسَ الْمَوْلٰى وَلَبِئْسَ الْعَشِيْرُ 13
هو انهي کي ٿو سڏي، جنهن جو نقصان سندس فائدي کان وڌيڪ ويجهو آهي، بيشڪ سائين به بڇڙو ۽ همراهه به بڇڙو!
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيْدُ 14
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن هيٺان نهرون وهندڙ هونديون_ بيشڪ الله جيڪو به ارادو ڪري ٿو سو پورو ڪري ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَنْ كَانَ يَظُنُّ اَنْ لَّنْ يَّنْصُرَهُ اللّٰهُ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ فَلْيَمْدُدْ بِسَبَبٍ اِلَى السَّمَاۗءِ ثُـمَّ لْيَقْطَعْ فَلْيَنْظُرْ هَلْ يُذْهِبَنَّ كَيْدُهٗ مَا يَغِيْظُ 15
جيڪو گمان ٿو ڪري ته الله کيس دنيا خواهه آخرت ۾ مدد نه ڪندو، ان کي گهرجي ته آسمان ڏانهن رسيءَ سان چڙهي، وري ان کي ٽوڙي ڇڏي، پوءِ ڏسي ته جنهن ڳالهه کان ڪاوڙ آيس سا سندس انهي حيلي سان ويئي هلي يا نه!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَكَذٰلِكَ اَنْزَلْنٰهُ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ ۙ وَّاَنَّ اللّٰهَ يَهْدِيْ مَنْ يُّرِيْدُ 16
۽ اهڙيءَ طرح اسان هن (قرآن) کي پڌريون آيتون ڪري موڪليو آهي ۽ بيشڪ الله جنهن کي گهري تنهن کي هدايت ڪري ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَالَّذِيْنَ هَادُوْا وَالصّٰبِــِٕــيْنَ وَالنَّصٰرٰي وَالْمَجُوْسَ وَالَّذِيْنَ اَشْرَكُـوْٓا ڰ اِنَّ اللّٰهَ يَفْصِلُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 17
بيشڪ مؤمن ۽ يهودي، ستاره پرست ۽ نصارا ۽ مجوس ۽ مشرڪ، انهن سڀني وچ ۾ الله قيامت ڏينهن پڪ سان نبيرو ڪندو_ بيشڪ الله هر ڪنهن چيز کي ڏسي ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ يَسْجُدُ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ وَالنُّجُوْمُ وَالْجِبَالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوَاۗبُّ وَكَثِيْرٌ مِّنَ النَّاسِ ۭ وَكَثِيْرٌ حَقَّ عَلَيْهِ الْعَذَابُ ۭ وَمَنْ يُّهِنِ اللّٰهُ فَـمَا لَهٗ مِنْ مُّكْرِمٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يَشَاۗءُ ڍ 18
تونه ڏٺو ته جيڪي به آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ سج، چنڊ، تارا، جبل، وڻ ۽ ماڻهن مان گهڻا الله کي سجدو ڪن ٿا ۽ گهڻن تي عذاب نازل ٿيل آهي ۽ جنهن کي الله خوار ڪري ٿو ان کي ڪو به مان ڏيندڙ ڪونهي- بيشڪ الله کي جيڪي وڻي ٿو سو ڪري ٿو.(سجدو)
— محمد عثمان ڏيپلائيھٰذٰنِ خَصْمٰنِ اخْتَصَمُوْا فِيْ رَبِّهِمْ ۡ فَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا قُطِّعَتْ لَهُمْ ثِيَابٌ مِّنْ نَّارٍ ۭ يُصَبُّ مِنْ فَوْقِ رُءُوْسِهِمُ الْحَمِيْمُ ۚ19
هي ٻه جهڳڙالو سندن پالڻهار بابت جهڳڙو ٿا ڪن؛ پوءِ جيڪي کيس مڃڻ کان انڪار ڪندڙ آهن، تن لاءِ باهه جا ڪپڙا ورڇبا_ سندن مٿان ٽهڪندڙ پاڻي هاربو.
— محمد عثمان ڏيپلائييُصْهَرُ بِهٖ مَا فِيْ بُطُوْنِهِمْ وَالْجُلُوْدُ ۭ20
ان سان سندن پيٽ ۾ جيڪي به هوندو، سو ۽ کلون ڳاربا.
— محمد عثمان ڏيپلائي