002 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 286 آيتون ۽ 40 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
الۗمّۗ 1ۚ
الف، لام، ميم
— محمد عثمان ڏيپلائيذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ ڔ ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ 2ۙ
هي ڪتاب، جنهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي، انهن خدا کان ڊڄندڙن کي رستو ڏيکاريندڙ آهي
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِـمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۙ
جي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻين ٿا. نماز کي قائم ڪن ٿا ۽ جيڪو رزق کين ڏنو اٿؤن، تنهن مان (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪن ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ ۚ وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
۽ اهو، جيڪو توڏانهن لاٿو ويو آهي ۽ توکان اڳ ۾ لاٿو ويو آهي ان کي مڃين ٿا. اهي ايندڙ حياتيءَ تي يقين رکن ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائياُولٰۗىِٕكَ عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ ۤ وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهي ئي پنهنجي رب وٽان آيل هدايت تي آهن، ۽ اُهي ئي ڪامياب ٿيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَھُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 6
بيشڪ (جن مٿين ڳالهين کان) انڪار ڪيو، تن لاءِ تنهنجو ڊيڄارڻ يا نه ڊيڄارڻ هڪ جهڙو آهي، اُهي ايمان نه آڻيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيخَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَـمْعِهِمْ ۭ وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 7ۧ
الله سندن دلين تي ۽ ڪنن تي مهر هنئي آهي ۽ سندن اکين تي پردا آهن ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَبِالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَمَا ھُمْ بِـمُؤْمِنِيْنَ 8ۘ
۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جي چون ٿا ته ”الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندوسون“ مگر اهي ايمان نه ٿا رکن.
— محمد عثمان ڏيپلائييُـخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ وَمَا يَـخْدَعُوْنَ اِلَّآ اَنْفُسَھُمْ وَمَا يَشْعُرُوْنَ 9ۭ
اُهي الله کي ۽ مومنن کي دوکو ڏين ٿا، مگر درحقيقت رڳو پاڻ کي دوکو ٿا ڏين ۽ کين خبر به نه ٿي پوي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفِىْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَھُمُ اللّٰهُ مَرَضًا ۚ وَلَھُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌۢ ڏ بِـمَا كَانُوْا يَكْذِبُوْنَ 10
سندن دلين ۾ بيماري آهي، پوءِ الله انهن جي بيماريءَ کي وڌايو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي، جو هو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ لَا تُفْسِدُوْا فِى الْاَ رْضِ ۙ قَالُوْٓا اِنَّـمَا نَـحْنُ مُصْلِحُوْنَ 11
۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته ”ملڪ ۾ فساد نه پکيڙيو،“ ته چون ٿا ”اسين ته رڳو سڌارو ڪندڙ آهيون.“
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَلٰكِنْ لَّا يَشْعُرُوْنَ 12
خبردار! اهي ئي پاڻ فسادي آهن پر انهن کي خبر نه آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ اٰمِنُوْا كَـمَآ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْٓا اَنُؤْمِنُ كَـمَآ اٰمَنَ السُّفَهَاۗءُ ۭ اَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ السُّفَهَاۗءُ وَلٰكِنْ لَّا يَعْلَمُوْنَ 13
۽ جڏهن ايئن چئجين ٿو ته ”اوهين به ايئن ايمان آڻيو، جيئن ٻين ماڻهن آندو آهي“ ته چون ٿا ته ڇا اسين به ايئن ايمان آڻيون جيئن بيوقوفن آندو آهي؟ خبردار! اهي پاڻ بيوقوف آهن، پر نه ٿا ڄاڻن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَا لَقُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْٓا اٰمَنَّا ښ وَاِذَا خَلَوْا اِلٰى شَيٰطِيْنِهِمْ ۙ قَالُوْٓا اِنَّا مَعَكُمْ ۙ اِنَّـمَا نَـحْنُ مُسْتَهْزِءُوْنَ 14
جڏهن مومنن کي ملن ٿا ته چون ٿا ”اسان ايمان آندو“ ۽ جڏهين پنهنجي شيطانن سردارن کي اڪيلائي ۾ ملن ٿا ته چون ٿا ته ”اسين اوهان سان آهيون، اسان ته رڳو کل ڪئي ٿي“.
— محمد عثمان ڏيپلائياَللّٰهُ يَسْتَهْزِئُ بِـهِمْ وَيَـمُدُّھُمْ فِىْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَھُوْنَ 15
الله مٿن کل ڪندو آهي ۽ کين سندن سرڪشيءَ ۾ ڍر ڏيندو آهي ته ڀٽڪندا رهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالْهُدٰى ۠ فَـمَا رَبِـحَتْ تِّـجَارَتُھُمْ وَمَا كَانُوْا مُهْتَدِيْنَ 16
اهي ئي شخص آهن، جن هدايت جي بدلي ۾ گمراهي خريد ڪئي، پوءِ سندن اهو واپار فائدي وارو نه ٿيو ۽ هو هدايت قبول ڪرڻ وارو ئي نه هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَثَلُھُمْ كَـمَثَلِ الَّذِى اسْـتَوْقَدَ نَارًا ۚ فَلَمَّآ اَضَاۗءَتْ مَا حَوْلَهٗ ذَھَبَ اللّٰهُ بِنُوْرِهِمْ وَتَرَكَھُمْ فِىْ ظُلُمٰتٍ لَّا يُبْصِرُوْنَ 17
سندن مثال ان شخص وانگر آهي، جنهن باهه ٻاري، پوءِ جڏهن باهه سندس چوڌاري روشني ڪئي، ته الله سندن نور کسي ورتو ۽ کين اونداهين ۾ ڇڏي ڏنائين، جو نٿا ڏسي سگهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيۻ بُكْمٌ عُـمْىٌ فَھُمْ لَا يَرْجِعُوْنَ ۙ18
ٻوڙا آهن، گونگا آهن انڌا آهن، تنهن ڪري (هدايت ڏانهن) نه ايندا.
— محمد عثمان ڏيپلائياَوْ كَصَيِّبٍ مِّنَ السَّمَاۗءِ فِيْهِ ظُلُمٰتٌ وَّرَعْدٌ وَّبَرْقٌ ۚ يَـجْعَلُوْنَ اَصَابِعَھُمْ فِىْٓ اٰذَانِهِمْ مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ ۭ وَاللّٰهُ مُـحِيْطٌۢ بِالْكٰفِرِيْنَ 19
يا آسمان جي ان سخت مينهن وانگر آهي، جنهن ۾ اونداهيون، گوڙ ۽ وڄ هجي اهي سندن آڱريون ڪڙڪي جي ڪري موت جي ڀؤ کان سندن ڪنن ۾ وجهن، مگر ڪافر الله جي گهيري هيٺ آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائييَكَادُ الْبَرْقُ يَـخْطَفُ اَبْصَارَھُمْ ۭ كُلَّمَآ اَضَاۗءَ لَھُمْ مَّشَوْا فِيْهِ ڎ وَاِذَآ اَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُوْا ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَذَھَبَ بِسَمْعِهِمْ وَاَبْصَارِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَىْءٍ قَدِيْرٌ ۧ20
وڄ هنن جي اکين جي روشني کسڻ تي آهي، اڃا ڪجهه روشني ڪري ٿي، ته هو ان ۾ هلن ٿا. ۽ مٿن اوندهه ڪري ٿي، ته بيهي رهن ٿا، جيڪڏهن الله گهري، ته سندن ٻڌڻ ۽ اکين جي روشني کسي وٺي. بيشڪ الله هر ڪنهن ڪم تي وس وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائي