019 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 98 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
كۗهٰيٰعۗصۗ ڗ 1
ڪ_ هه_ يٰ_ ع_ص
— محمد عثمان ڏيپلائيذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِيَّا ڻ 2
هي ذڪر آهي تنهنجي رب جي سندس ٻانهي زڪريا تي ڪيل رحمت جو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَاۗءً خَفِيًّا 3
جڏهن هن پنهنجي رب کي ڳجهو پڪاريو هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ رَبِّ اِنِّىْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّيْ وَاشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَيْبًا وَّلَمْ اَكُنْۢ بِدُعَاۗىِٕكَ رَبِّ شَقِيًّا 4
چيائين ”اي رب! منهنجا هڏ هيڻا ٿيا، مٿي ۾ اڇاڻ چمڪڻ لڳي آهي، ته به اي رب! آءُ توکي پڪارڻ کان بي مراد نه آهيان.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنِّىْ خِفْتُ الْمَوَالِيَ مِنْ وَّرَاۗءِيْ وَكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا فَهَبْ لِيْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِيًّا 5ۙ
آءُ مون کان پوءِ منهنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال اڻ ويار (سنڍ) آهي، هاڻي ته تون پاڻ وٽان مو نکي ڪو وارث ڏي.
— محمد عثمان ڏيپلائييَّرِثُنِيْ وَيَرِثُ مِنْ اٰلِ يَعْقُوْبَ ڰ وَاجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا 6
جو مون ۽ يعقوب جي اولاد جو وارث ٿئي ۽ اي ڌڻي! تون ان کي پسنديءَ جهڙو ڪر!“
— محمد عثمان ڏيپلائييٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ ۨاسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا 7
(چيوسون) ”اي زڪريا! اسين توکي هڪ ”يحيٰ“ نالي ڇوڪر جي مبارڪ ٿا ڏيون، اهڙي نالي وارو اسان اڳ ٻيو ڪو به ڪو نه خلقيو.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا وَّقَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِيًّا 8
”چيائين اي رب! مون کي ڪٿان ڇوڪر ٿيندو! جو منهنجي زال اڻ ويار آهي ۽ آءُ پوڙهائي جي ڇيهه کي وڃي پهتو آهيان؟“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ كَذٰلِكَ ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَيَّ هَيِّنٌ وَّقَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَـيْـــــًٔـا 9
چيائين، ”ائين ئي ٿيندو، تنهنجي رب چيو آهي ته اهو مون لاءِ آسان آهي، جو مون هن کان اڳ توکي به بنايو آهي، جو تون ڪجهه به نه هئين!“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّيْٓ اٰيَةً ۭ قَالَ اٰيَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا ١0
چيائين ”اي رب! مون لاءِ ڪا نشاني بڻاءِ!“ چيائين ”تو لاءِ نشاني اها آهي، جو تون ماڻهن سان ساندهه ٽي راتيون ڳالهائي نه سگهندين.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَخَرَجَ عَلٰي قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّعَشِـيًّا 11
پوءِ هو حجري مان نڪري پنهنجي قوم ڏي آيو ۽ کين اشاري ۾ چيائين ته ”صبح شام الله جي پاڪائي بيان ڪريو.“
— محمد عثمان ڏيپلائييٰــيَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ وَاٰتَيْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِيًّا ۙ12
”اي يحيٰ! ڪتاب کي پختو ٿي وٺ“ ۽ اسان هن کي ننڍپڻ ۾ ئي دين جي سمجهه ڏني هئي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّحَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَزَكٰوةً ۭ وَكَانَ تَقِيًّا ۙ13
۽ خاص پاڻ وٽان نرم دلي ۽ پاڪائي، ۽ هو تمام نيڪ هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّځ ابِوَالِدَيْهِ وَلَمْ يَكُنْ جَبَّارًا عَصِيًّا ١4
۽ سندس مائٽن سان چڱائي ڪندڙ هو ۽ سرڪش نافرمان نه هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَسَلٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوْتُ وَيَوْمَ يُـبْعَثُ حَيًّا ۧ15
ان تي ڄمڻ ڏينهن، وفات ڏينهن ۽ وري اٿڻ جي ڏينهن الله جي طرفان سلامتي هجي!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاذْكُرْ فِى الْكِتٰبِ مَرْيَـمَ ۘاِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا ۙ16
۽ هن ڪتاب ۾ مريم جو ذڪر پڙهه، جڏهن هوءَ سندس گهر وارن کان جدا ٿي اڀرندي جاءِ ڏي ويئي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا ڨ فَاَرْسَلْنَآ اِلَيْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا 17
پوءِ هن انهن کان پردو ڪيو، تڏهن اسان هن ڏي پنهنجو روح موڪليو، جو هن وٽ پوري ماڻهوءَ جي شڪل ٿي آيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَتْ اِنِّىْٓ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِيًّا 18
(مريم) چيو ”آءُ توکان خدا جي پناهه ٿي گهران، جي تون خدا ترس آهين.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ اِنَّـمَآ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ڰ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا 19
چيائين، ”آءُ تنهنجي رب جو ئي موڪليل آهيان، ته توکي هڪ پاڪ ڇوڪر ڏيان.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَتْ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِيْ بَشَرٌ وَّلَمْ اَكُ بَغِيًّا 20
چيائين ”مون کي ڇوڪر ڪٿان ٿيندو، جو نه مون کي ڪنهن ماڻهوءَ هٿ لڳايو آهي ۽ نه آءُ بدڪار آهيان!“
— محمد عثمان ڏيپلائي