018 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 110 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلٰي عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَّهٗ عِوَجًا ڸ 1
هر ڪا واکاڻ الله کي جڳائي، جنهن پنهنجي بندي تي ڪتاب لاٿو، ان ۾ ذرو به ڏنگ نه آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيقَـيِّمًا لِّيُنْذِرَ بَاْسًا شَدِيْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا حَسَـنًا 2ۙ
۽ (اهو) بلڪل پختيءَ ڳالهه وارو آهي ته کانئس ايندڙ سخت عذاب کان ڊيڄاري ۽ انهن نيڪ ڪم ڪندڙ ايماندارن کي مبارڪ ڏئي ته انهن لاءِ چڱو اجر آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَّاكِثِيْنَ فِيْهِ اَبَدًا 3ۙ
جنهن ۾ هو هميشه رهندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا 4ۤ
۽ انهن کي به ڊيڄاري، جي چون ٿا ته الله اولاد رکي ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّلَا لِاٰبَاۗىِٕهِمْ ۭ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ اَفْوَاهِهِمْ ۭ اِنْ يَّقُوْلُوْنَ اِلَّا كَذِبًا 5
ان لاءِ نه وٽن علم آهي ۽ نه سندن اَبن ڏاڏن وٽ، اها ڳالهه تمام بري آهي، جا سندن واتان نڪري ٿي ۽ اهي بلڪل ڪوڙ ڳالهائين ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰٓي اٰثَارِهِمْ اِنْ لَّمْ يُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِيْثِ اَسَفًا 6
تون شايد پاڻ کي انهن جي پٺيان هلاڪ ڪندين، جي اهي هن (قرآني) مضمون تي ايمان نه آڻيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَي الْاَرْضِ زِيْنَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ اَيُّهُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا 7
۽ جيڪي زمين تي آهي، ان کي اسان انهن لاءِ رونق ڏني آهي، ته سندن هن ڳالهه ۾ آزمائش ڪريون، ته ڪير انهن مان چڱا عمل ڪري ٿو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنَّا لَجٰعِلُوْنَ مَا عَلَيْهَا صَعِيْدًا جُرُزًا 8ۭ
۽ اسين زمين جي سڀني شين کي صاف ميدان ڪنداسون.
— محمد عثمان ڏيپلائياَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيْمِ ۙ كَانُوْا مِنْ اٰيٰتِنَا عَجَبًا 9
ڇا تون ڀانئين ٿو ته غار ۽ جبل وارا اسان جي عجيب نشانين مان هئا؟
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ اَوَى الْفِتْيَةُ اِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوْا رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهَيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا 10
جڏهن انهن غار ۾ وڃي پناهه ورتي_ پوءِ چيائون ”اي اسان جا رب! اسان کي پاڻ وٽان رحمت جو سامان بخش ۽ اسان جي ڪم کي اسان لاءِ ڀلائيءَ جو سبب بڻاءِ.“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَضَرَبْنَا عَلٰٓي اٰذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِيْنَ عَدَدًا ۙ11
پوءِ اسان ڪيترن ئي سالن تائين سندن ڪنن تي غار ۾ پردو وجهي ڇڏيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَيُّ الْحِزْبَيْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْٓا اَمَدًا ۧ12
پوءِ انهن کي اٿاريوسون، ته معلوم ڪريون ته ڪير انهن ٽولن مان رهڻ جي مدت کان واقف هو.
— محمد عثمان ڏيپلائينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَاَهُمْ بِالْـحَقِّ ۭ اِنَّهُمْ فِتْيَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنٰهُمْ هُدًى ڰ 13
اسين سندن قصو توکي پورو پورو بيان ڪري ٻڌايون ٿا_ اهي ڪي جوان هئا، جن پنهنجي رب تي ايمان آندوهو، اسان کين هدايت ۾ وڌايو هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّرَبَطْنَا عَلٰي قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَا۟ مِنْ دُوْنِهٖٓ اِلٰـهًا لَّقَدْ قُلْنَآ اِذًا شَطَطًا 14
۽ اسان سندن دلين کي مضبوط ڪيو هو، جڏهن اهي پختا ٿي چوڻ لڳا ته ”اسان جو رب آسمانن ۽ زمين جو رب آهي، اسين ان کي ڇڏي هر گز ڪنهن جي عبادت نه ڪنداسون، ڇا لاءِ ته اهڙيءَ صورت ۾ اسين بيجا ڳالهه چونداسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيهٰٓؤُلَاۗءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً ۭ لَوْلَا يَاْتُوْنَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطٰنٍۢ بَيِّنٍ ۭ فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ15
اسان جي هن قوم الله کي ڇڏي ٻين کي سائين ڪري ورتو آهي، اهي انهن لاءِ پڌرو دليل ڇو نٿا آڻين؟ پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جو الله تي ڪوڙ ڳالهائي؟“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذِ اعْتَزَلْتُمُوْهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ فَاْوٗا ٓ اِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِّنْ رَّحْمَتِهٖ وَيُهَــيِّئْ لَكُمْ مِّنْ اَمْرِكُمْ مِّرْفَقًا 16
۽ جڏهن اوهين انهن خواهه الله کانسواءِ جن جي بندگي ڪندا هئا، تن کان جدا ٿي وڃو ته (فلاڻي) غار ۾ هلي پناهه وٺو_ ته اوهان تي اوهان جو رب پنهنجي رحمت پکيڙيندو ۽ اوهان لاءِ اوهان جي هن ڪم ۾ ڪاميابيءَ جو سامان پيدا ڪندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَتَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَاِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِيْ فَجْــوَةٍ مِّنْهُ ۭ ذٰلِكَ مِنْ اٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ مَنْ يَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۚ وَمَنْ يُّضْلِلْ فَلَنْ تَـجِدَ لَهٗ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۧ17
جڏهن اس نڪري ٿي ته تون ان کي سندن غار جي ساڄي طرف کان پاسو ڪندي ڏسندين، جڏهن لڪي ٿي ته کٻي پاسي هٽندي رهي ٿي ۽ اهي غار جي هڪ ڪشادي ميدان ۾ هئا، اها الله جي نشانين مان آهي، جنهن کي الله هدايت ڏئي ٿو اهو ئي هدايت پائي ٿو ۽ جنهن جي واٽ گم ڪري ته تون ان جو ڪو به مددگار واٽ ڏيکاريندڙ نه لهندين.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَتَحْسَبُهُمْ اَيْقَاظًا وَّهُمْ رُقُوْدٌ ڰ وَّنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ڰ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيْدِ ۭ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَّلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا 18
تون انهن کي جاڳندڙ پيو ڀائيندين، پر اهي ستل هئا ۽ اسان انهن کي ڪڏهن سڄي ڪڏهن کٻي اٿلايو ٿي ۽ سندن ڪتو چانئٺ تي پير پکيڙي ويٺو هو، جيڪڏهن تون انهن کي ليو پائي ڏسين، ته هوند پٺ ڏئي ڀڄي نڪرين ۽ توتي هوند هشمت ڇانئجي وڃي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَكَذٰلِكَ بَعَثْنٰهُمْ لِيَتَسَاۗءَلُوْا بَيْنَهُمْ ۭ قَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۭ قَالُوْا لَبِثْنَا يَوْمًا اَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۭ قَالُوْا رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِـمَا لَبِثْتُمْ ۭ فَابْعَثُوْٓا اَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هٰذِهٖٓ اِلَى الْمَدِيْنَةِ فَلْيَنْظُرْ اَيُّهَآ اَزْكٰى طَعَامًا فَلْيَاْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ اَحَدًا 19
۽ اهڙيءَ طرح اسان انهن کي جاڳايو، ته هو پاڻ ۾ پڇا ڳاڇا ڪن. انهن مان هڪ چيو ته ”توهين ڪيترو وقت ائين رهيا هوندا؟“ ڪن چيو ته ”هڪ ڏينهن يا ان کان به گهٽ“. چيائون ته ”اوهان جو رب اوهان جي رهڻ بابت پوريءَ طرح ڄاڻي ٿو، هاڻي پاڻ مان ڪنهن کي هي رپيو ڏئي شهر ڏانهن موڪليو، ته هو جاچي ته ڪهڙو کاڌو حلال آهي ته ان مان اوهان وٽ ڪجهه کاڌو آڻي ۽ سڀ ڪم ٺيڪ ۽ نرمي ڪري ۽ ڪنهن کي به اوهان جي خبر نه پوي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّهُمْ اِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوْكُمْ اَوْ يُعِيْدُوْكُمْ فِيْ مِلَّتِهِمْ وَلَنْ تُفْلِحُوْٓا اِذًا اَبَدًا 20
ڇو ته جيڪڏهن انهن کي اوهان جي خبر پوندي، ته اوهان کي پٿر هڻندا يا پنهنجي دين ۾ موٽائيندا ۽ اوهين ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندؤ.“
— محمد عثمان ڏيپلائي