017 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
سُـبْحٰنَ الَّذِيْٓ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَيْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِيْ بٰرَكْنَا حَوْلَهٗ لِنُرِيَهٗ مِنْ اٰيٰتِنَا ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 1
پاڪ آهي اهو،جنهن سندس ٻانهي (محمدﷺ) کي رات ۾ بيت الله کان بيت المقدس تائين سير ڪرايو، جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي آهي_ ان لاءِ ته ان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريون_ بيشڪ هو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاٰتَيْنَا مُوْسَي الْكِتٰبَ وَجَعَلْنٰهُ هُدًى لِّبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اَلَّا تَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِيْ وَكِيْلًا 2ۭ
۽ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ۽ ان کي بني اسرائيل لاءِ هدايت ڪندڙ ڪيوسون ته، مون ڌاران ڪنهن کي به پنهنجو ڪارساز نه بڻايو.
— محمد عثمان ڏيپلائيذُرِّيَّــةَ مَنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوْحٍ ۭ اِنَّهٗ كَانَ عَبْدًا شَكُوْرًا 3
اوهين انهن ماڻهن جو اولاد آهيو، جن کي اسان نوح سان (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪيو هو، هو هڪ شڪر گذار بندو هو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَضَيْنَآ اِلٰى بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ فِي الْكِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِي الْاَرْضِ مَرَّتَيْنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا كَبِيْرًا 4
۽ اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب ۾ هن فيصلي جي خبر ڏني هئي ته، اوهين ضرور ملڪ ۾ ٻه ڀيرا خرابي پکيڙيندؤ ۽ حدد درجي جي سرڪشي ڪندؤ.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ اُوْلٰىهُمَا بَعَثْنَا عَلَيْكُمْ عِبَادًا لَّنَآ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ فَجَاسُوْا خِلٰلَ الدِّيَارِ ۭ وَكَانَ وَعْدًا مَّفْعُوْلًا 5
جڏهن انهن ٻن مان پهريون وقت ايندو، ته اسين اوهان تي اهڙا خوفناڪ بندا موڪلينداسون، جي اوهان جي ملڪ اندر ڪاهي پوندا ۽ اهو وعدو پورو ٿيڻو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ رَدَدْنَا لَكُمُ الْكَرَّةَ عَلَيْهِمْ وَاَمْدَدْنٰكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِيْنَ وَجَعَلْنٰكُمْ اَكْثَرَ نَفِيْرًا 6
وري به هڪ دفعو اوهان کي هنن تي غلبو ڏينداسون ۽ اوهان کي مال ۽ اولاد سان وڌائينداسون ۽ اوهان کي لشڪر ۾ به وڌائينداسون.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنْ اَحْسَنْتُمْ اَحْسَنْتُمْ لِاَنْفُسِكُمْ ۣ وَاِنْ اَسَاْتُمْ فَلَهَا ۭ فَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ الْاٰخِرَةِ لِيَسُوْۗءٗا وُجُوْهَكُمْ وَلِيَدْخُلُوا الْمَسْجِدَ كَـمَا دَخَلُوْهُ اَوَّلَ مَرَّةٍ وَّلِــيُتَبِّرُوْا مَا عَلَوْا تَتْبِيْرًا 7
جي اوهين چڱائي ڪندا ته اها پنهنجي پاڻ لاءِ ڪندا ۽ جي برائي ڪندا ته به پاڻ لاءِ، پوءِ جڏهن ٻيو وعدو ايندو، ٻي ڌر اوهان جي چهرن کي غمگين ڪندي ۽ هو جيئن پهرئين دفعي مسجد ۾ داخل ٿيا هئا تيئن ئي گهڙندا_ ۽ جنهن تي فتح پائيندا ان کي اجاڙي ڇڏيندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيعَسٰي رَبُّكُمْ اَنْ يَّرْحَمَكُمْ ۚ وَاِنْ عُدْتُّمْ عُدْنَا ۘ وَجَعَلْنَا جَهَنَّمَ لِلْكٰفِرِيْنَ حَصِيْرًا 8
ٿي سگهي ٿو ته اوهان جو ڌڻي اوهان تي رحم ڪري پر جي اوهان ڦرندا ته اسين به ڦرنداسون_ ۽ جهنم کي ته اسان ڪافرن لاءِ قيد خانو بنايو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ هٰذَا الْقُرْاٰنَ يَهْدِيْ لِلَّتِيْ ھِيَ اَقْوَمُ وَيُبَشِّرُ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا كَبِيْرًا 9ۙ
بيشڪ هي قرآن اها واٽ ڏيکاري ٿو، جا سڀ کان سڌي آهي، ۽ چڱا ڪم ڪندڙ مومنن کي مبارڪ ٿو ڏئي ته هنن لاءِ وڏو اجر آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّاَنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ اَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۧ10
۽ جيڪي آخرت تي ويساهه نٿا رکن تن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيَدْعُ الْاِنْسَانُ بِالشَّرِّ دُعَاۗءَهٗ بِالْخَيْرِ ۭ وَكَانَ الْاِنْسَانُ عَجُوْلًا 11
انسان جيئن پنهنجي ڀلائي لاءِ دعائون گهري ٿو، تيئن ڪڏهن بڇڙائي لاءِ به گهري ٿو ۽ انسان ڏاڍو اٻهرو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَعَلْنَا الَّيْلَ وَالنَّهَارَ اٰيَـتَيْنِ فَمَــحَوْنَآ اٰيَةَ الَّيْلِ وَجَعَلْنَآ اٰيَةَ النَّهَارِ مُبْصِرَةً لِّتَبْتَغُوْا فَضْلًا مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ وَكُلَّ شَيْءٍ فَصَّلْنٰهُ تَفْصِيْلًا 12
اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون بڻايو، رات جي نشانيءَ کي اونداهو ڪيوسون ۽ ڏينهن جي نشانيءَ کي روشن ڪيوسون ته پنهنجي رب جو فضل ڳوليو ۽ ورهن جو شمار ۽ حساب معلوم ڪريو ۽ اسان هر ڪنهن چيز کي کولي بيان ڪيو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَكُلَّ اِنْسَانٍ اَلْزَمْنٰهُ طٰۗىِٕرَهٗ فِيْ عُنُقِهٖ ۭ وَنُخْرِجُ لَهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ كِتٰبًا يَّلْقٰىهُ مَنْشُوْرًا 13
۽ هر ڪنهن انسان جو عمل سندس ڳچيءَ جو هار بڻائي ڇڏيو اٿئون ۽ (وري) قيامت جي ڏينهن سندس اعمالنامو ڪڍنداسون، جنهن کي هو کليل ڏسندو.
— محمد عثمان ڏيپلائياِقْرَاْ كِتٰبَكَ ۭ كَفٰى بِنَفْسِكَ الْيَوْمَ عَلَيْكَ حَسِيْبًا ۭ14
”پڙهه پنهنجو اعمالنامو! اڄ تون پاڻ ئي پاڻ کان حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آهين!“
— محمد عثمان ڏيپلائيمَنِ اهْتَدٰى فَاِنَّـمَا يَهْــتَدِيْ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ ضَلَّ فَاِنَّـمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ وَمَا كُنَّا مُعَذِّبِيْنَ حَتّٰى نَبْعَثَ رَسُوْلًا 15
جو شخص دنيا ۾ سنئين رستي هلي ٿو، سو پاڻ لاءِ ئي ٿو هلي ۽ جيڪو گمراهه ٿو ٿئي، ان جي گمراهي به مٿس ئي آهي_ ڪو به شخص ٻئي جو بار نه کڻندو، ۽ اسين تيستائين عذاب نه ڪندا آهيون جيستائين ڪو رسول موڪليون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذَآ اَرَدْنَآ اَنْ نُّهْلِكَ قَرْيَةً اَمَرْنَا مُتْرَفِيْهَا فَفَسَقُوْا فِيْهَا فَحَقَّ عَلَيْهَا الْقَوْلُ فَدَمَّرْنٰهَا تَدْمِيْرًا 16
جڏهن اسين ڪنهن ڳوٺ کي ناس ڪرڻ گهرندا آهيون ته ان جي آسودن کي حڪم موڪليندا آهيون، پوءِ هو منجهس نافرمانيون ڪندا آهن، تڏهن مٿس عذاب لازمي ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ اسين کيس تباهه ڪري ڇڏيندا آهيون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَكَمْ اَهْلَكْنَا مِنَ الْقُرُوْنِ مِنْۢ بَعْدِ نُوْحٍ ۭ وَكَفٰى بِرَبِّكَ بِذُنُوْبِ عِبَادِهٖ خَبِيْرًۢ ا بَصِيْرًا 17
۽ اسان نوح کانپوءِ گهڻين ئي امتن کي ناس ڪيو، تنهنجو رب پنهنجي بندن جي گناهن کي ڄاڻڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ڪافي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْعَاجِلَةَ عَجَّــلْنَا لَهٗ فِيْهَا مَا نَشَاۗءُ لِمَنْ نُّرِيْدُ ثُـمَّ جَعَلْنَا لَهٗ جَهَنَّمَ ۚ يَصْلٰىهَا مَذْمُوْمًا مَّدْحُوْرًا 18
جيڪو دنيا جو فائدو گهرندو ته اهڙن مان جنهن لاءِ چاهينداسون، ان کي دنيا ۾ ئي فائدو ڏينداسون، پوءِ ان لاءِ دوزخ مقرر ڪنداسون، جنهن ۾ هو بد حال تڙيل ٿي داخل ٿيندو.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَنْ اَرَادَ الْاٰخِرَةَ وَسَعٰى لَهَا سَعْيَهَا وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَاُولٰۗىِٕكَ كَانَ سَعْيُهُمْ مَّشْكُوْرًا 19
۽ جيڪو آخرت جي نيت رکندو ۽ ان لاءِ گهربل ڪوشش ڪندو ۽ هو مومن به هوندو ته اهڙن ماڻهن جي اها ڪوشش قبول ٿيندي.
— محمد عثمان ڏيپلائيكُلًّا نُّمِدُّ هٰٓؤُلَاۗءِ وَهٰٓؤُلَاۗءِ مِنْ عَطَاۗءِ رَبِّكَ ۭ وَمَا كَانَ عَطَاۗءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا 20
تنهنجي رب جي انهيءَ عطا مان اسين انهن جي به مدد ڪريون ٿا ۽ هنن جي به ۽ تنهنجي رب جي عطا ڪنهن تي به بند نه آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائي