014 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَيْكَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَي النُّوْرِ ڏ بِاِذْنِ رَبِّھِمْ اِلٰي صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 1ۙ
ا- ل- ر- هي ڪتاب آهي جو تو ڏانهن لاٿو سون، ته ماڻهن کي اونداهين مان سوجهري ڏانهن ڪڍين ۽ رب جي حڪم سان غالب واکاڻيل الله جي واٽ تي آڻين.
— محمد عثمان ڏيپلائياللّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَافِي السَّمٰوٰتِ وَمَافِي الْاَرْضِ ۭ وَوَيْلٌ لِّلْكٰفِرِيْنَ مِنْ عَذَابٍ شَدِيْدِ 2ۙ
الله ئي اهو آهي جو جيڪي آسمانن خواهه زمين ۾ آهي، سڀ ان جو آهي_ ۽ سخت عذاب سان تباهه ٿيڻ ڪافرن لاءِ ئي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيۨالَّذِيْنَ يَسْتَحِبُّوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا عَلَي الْاٰخِرَةِ وَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَ يَبْغُوْنَھَا عِوَجًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ فِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 3
جي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان پيارو ٿا سمجهن ۽ الله جي سڌيءَ واٽ کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ ڏنگائي ٿا ڳولين! اهي وڏي گمراهي ۾ آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهٖ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ۭ فَيُضِلُّ اللّٰهُ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 4
هر ڪنهن نبيءَ کي سندس قوم جي زبان سان موڪليو ويو آهي، ته انهن کي حڪم ٻڌائي، پوءِ الله جنهن کي گهري ٿو ان کي ڀلائي ٿو، جنهن لاءِ وڻيس تنهن کي واٽ لڳائي ٿو_ هو زبردست ڏاهپ وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مُوْسٰى بِاٰيٰتِنَآاَنْ اَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ وَذَكِّرْهُمْ ڏ بِاَيّٰىمِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 5
بيشڪ اسان موسيٰ کي معجزن سان موڪليو ته، قوم کي اوندهه مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻ ۽ کين الله جا ڪي ڏينهن ياد ڏيار! بيشڪ، ان ۾صبر ۽ شڪر ڪندڙ لاءِ نشان آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ اَنْجٰىكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ يَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْۗءَ الْعَذَابِ وَيُذَبِّحُوْنَ اَبْنَاۗءَكُمْ وَيَسْتَحْيُوْنَ نِسَاۗءَكُمْ ۭ وَفِيْ ذٰلِكُمْ بَلَاۗءٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ عَظِيْمٌ 6ۧ
جڏهن موسيٰ سندس قوم کي چيو ته ”الله جي نعمتن کي ياد ڪريو، جڏهن اوهان کي فرعونين کان ڇڏايائين، جي اوهان کي سخت عذاب ڏيندا هئا، اوهان جا پٽ ڪهي ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا هئا ۽ اوهان لاءِ اها رب جي طرفان وڏي آزمائش هئي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِذْ تَاَذَّنَ رَبُّكُمْ لَىِٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِيْدَنَّكُمْ وَلَىِٕنْ كَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِيْ لَشَدِيْدٌ 7
جڏهن اوهان جي رب اوهان کي ٻڌايو ته، جي اوهان شڪر ڪندا ته اوهان کي ضرور وڌيڪ ڏبو ۽ بي شڪري ڪندا ته منهنجو عذاب به سخت آهي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَالَ مُوْسٰٓى اِنْ تَكْفُرُوْٓا اَنْتُمْ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ حَمِيْدٌ 8
۽ موسيٰ چيو ته اوهان جو خواهه سڄي جهان وارن جو ڦري وڃڻ الله کي ڪو به نقصان ڪو نه پهچائيندو. ياد رکو، الله بي پرواهه، واکاڻيل آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوْحٍ وَّعَادٍ وَّثَـمُوْدَ ټ وَالَّذِيْنَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ړ لَا يَعْلَمُهُمْ اِلَّا اللّٰهُ ۭ جَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَرَدُّوْٓا اَيْدِيَهُمْ فِيْٓ اَفْوَاهِهِمْ وَقَالُوْٓا اِنَّا كَفَرْنَا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ وَاِنَّا لَفِيْ شَكٍّ مِّـمَّا تَدْعُوْنَنَآ اِلَيْهِ مُرِيْبٍ 9
ڇا، اوهان کي، اڳين نوح، عاد ۽ ثمود جي قومن جي ڪا به خبر ڪا نه پهتي آهي؟ ۽ انهن کان پوءِ آيلن جي، جن کي الله کانسواءِ ٻيو ڪو ڄاڻندو ئي ڪونهي، جڏهن وٽن رسول معجزن سان آيا، تڏهن پنهنجا هٿ انهن جي واتن تي رکيائون ۽ چيائون ته ”جنهن ڳالهه سان اوهان کي موڪليو ويو آهي، ان کي نٿا مڃيون ۽ جنهن ڏي سڏيو ٿا، تنهن لاءِ وڏي شڪ ۾ آهيون!“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَتْ رُسُلُهُمْ اَفِي اللّٰهِ شَكٌّ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَدْعُوْكُمْ لِيَغْفِرَ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرَكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ قَالُوْٓا اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۭ تُرِيْدُوْنَ اَنْ تَصُدُّوْنَا عَـمَّا كَانَ يَعْبُدُ اٰبَاۗؤُنَا فَاْتُوْنَا بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ 10
سندن نبين چيو ته ”ڇا آسمانن ۽ زمين جي خالق بابت شڪ ۾ پيا آهيو؟ هو ته اوهان کي سڏي ٿو ته اوهان جا ڏوهه بخشي ۽ ڪجهه وقت تائين اوهان کي مهلت ڏئي“ (ته من ڪجهه سمجهو.) چيائون ته ”اوهين ته اسان وانگر ماڻهو آهيو، ۽ جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا هئا، تن کان اسان کي روڪڻ ٿا گهرو، اسان وٽ ڪو چٽو معجزو ته آڻيو.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَتْ لَهُمْ رُسُلُهُمْ اِنْ نَّحْنُ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ يَمُنُّ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ ۭ وَمَا كَانَ لَنَآ اَنْ نَّاْتِيَكُمْ بِسُلْطٰنٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 11
رسولن کين چيو ته ”اسين برابر اوهان جهڙا ماڻهو آهيون پر الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن لاءِ وڻيس تنهن تي احسان ڪري، الله جي حڪم کانسواءِ ڪنهن معجزي آڻڻ جي اسان کي طاقت ڪانه آهي_ بس مومنن کي رڳو الله تي ڀروسو ڪرڻ کپي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَمَا لَنَآ اَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَي اللّٰهِ وَقَدْ هَدٰىنَا سُبُلَنَا ۭ وَلَنَصْبِرَنَّ عَلٰي مَآ اٰذَيْتُمُوْنَا ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُتَوَكِّلُوْنَ ۧ12
اسين ڇو نه الله تي ڀروسو ڪريون، جنهن اسان کي سڌي واٽ ڏيکاري، اوهين جيڪي به اسان کي ڏکويو ٿا، ان تي صبر ڪنداسون ۽ ڀروسي ڪندڙن کي ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِرُسُلِهِمْ لَنُخْرِجَنَّكُمْ مِّنْ اَرْضِنَآ اَوْ لَتَعُوْدُنَّ فِيْ مِلَّتِنَا ۭ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ رَبُّهُمْ لَنُهْلِكَنَّ الظّٰلِمِيْنَ ۙ13
منڪرن پنهنجن رسولن کي چيو ته ” اوهان کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍي ڇڏينداسون، جي اوهان اسان جي مذهب ڏي نه ايندا_“ پوءِ سندن رب کين وحي موڪليو ته ”اسين ضرور ظالمن کي ناس ڪنداسون.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَنُسْكِنَنَّكُمُ الْاَرْضَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَافَ مَقَامِيْ وَخَافَ وَعِيْدِ 14
۽ ان کانپوءِ ملڪ ۾ اوهان کي ئي رهائينداسون، اهو ان لاءِ آهي، جو مون وٽ بيهڻ کان ڊڄي ۽ منهنجي دڙڪي کان ڊڄي.“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاسْتَفْتَحُوْا وَخَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِيْدٍ ۙ15
هنن فتح جي دعا گهري ۽ هر ڪو ضدي نامراد ٿيو.
— محمد عثمان ڏيپلائيمِّنْ وَّرَاۗىِٕهٖ جَهَنَّمُ وَيُسْقٰى مِنْ مَّاۗءٍ صَدِيْدٍ ۙ16
ان جي پويان دوزخ تيار آهي، (جتي) کيس پونءِ جو پاڻي پياربو.
— محمد عثمان ڏيپلائييَّتَجَرَّعُهٗ وَلَا يَكَادُ يُسِيْغُهٗ وَيَاْتِيْهِ الْمَوْتُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ وَّمَا هُوَ بِمَيِّتٍ ۭ وَمِنْ وَّرَاۗىِٕهٖ عَذَابٌ غَلِيْظٌ 17
جنهن کي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئندو، ڳيت ڏيئي پي نه سگهندو ۽ هر طرف کان موت ايندس، پر هو مئل نه هوندو ۽ سندس پويان سخت عذاب آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيمَثَلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ اَعْمَالُهُمْ كَرَمَادِ ۨاشْـتَدَّتْ بِهِ الرِّيْحُ فِيْ يَوْمٍ عَاصِفٍ ۭ لَا يَقْدِرُوْنَ مِـمَّا كَسَبُوْا عَلٰي شَيْءٍ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ 18
جن پنهنجي رب کان انڪار ڪيو تن جي اعمالن جو مثال ان مٽيءَ جهڙو آهي، جنهن کي اونداهي ڏينهن ۾ واءُ اڏائي! انهن جيڪي به ڪيو آهي ان جي ذري تي به هو نه پهچي سگهندا_ ۽ اها ئي وڏي گمراهي آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ اِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۙ19
تو نه ڏٺو آهي ڇا ته، الله آسمانن ۽ زمين کي وڏي تدبير ۽ رٿ سان بنايو آهي، جيڪڏهن چاهي ته اوهان کي ناس ڪري ٻي نئين مخلوق آڻي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَّمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ 20
۽ اها ان لاءِ ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائي