012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
الف_ لام_ را_ هي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
اسان هن کي عربي قرآن ڪري لاٿو آهي، ته اوهين سمجهو.
— محمد عثمان ڏيپلائينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
هن قرآن جي وحيءَ ڪري اسين توکي تمام سٺي خبر ٻڌايون ٿا، انهيءَ کان اڳ تون به اڻ واقف هئين.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
(ياد ڪر) جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي چيو، ”بابا! مون يارهن ستارا سج ۽ چنڊ کي ڏٺو ۽ کين پاڻ لاءِ سجدو ڪندي ڏٺو.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
چيائين ”پٽڙا! تون پنهنجو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌائج، نه ته هو تولاءِ خاص رٿون رٿيندا، بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو دشمن آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
اهڙي طرح تنهنجو ڌڻي توکي خاص ٻانهو بڻائيندو، توکي خوابن جي تعبير جو به علم ڏيندو ۽ هو پنهنجي نعمتن کي توتي ۽ يعقوب جي خاندان تي پورو ڪندو، جيئن هن کان اڳ تنهنجي ڏاڏي ابراهيم ۽ اسحاق تي پوريون ڪيائين- بيشڪ تنهنجو رب وڏي علم ۽ ڏاهپ وارو آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيلَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
بيشڪ يوسف ۽ سندس ڀائرن ۾ پڇندڙن لاءِ نشانيون آهن.
— محمد عثمان ڏيپلائياِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
جڏهن (سندس ڀائرن) چيو ته ”يوسف ۽ ڀاڻس بابي کي وڌيڪ پيارا آهن، جيتوڻيڪ اسين زبردست ٽولو آهيون، بيشڪ بابو صفا غلطيءَ ۾ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
يوسف کي ماريو، يا ڪٿي اڇلايوس، ته بابي جو ڌيان اوهان ڏانهن ٿيندو ۽ پوءِ اوهان جا سڀ ڪم بڻجي ويندا.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
انهن مان هڪ چيو ته، ”جيڪڏهن اوهان کي اهو ڪم ڪرڻو آهي ته يوسف کي ماريو نه، بلڪه ڪنهن اونداهي کوهه ۾ وجهوس، ته ڪو واٽهڙو کڻي وڃيس.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
تڏهن وڃي چيائون ”بابا! ڇو تون اسان تي يوسف بابت اعتبار نٿو ڪري؟ اسين ته ان جا خيرخواهه آهيون.
— محمد عثمان ڏيپلائياَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
تون ان کي سڀاڻي اسان ساڻ موڪل ته هو کائي ۽ کيڏي_ اسين ان جي پوري سنڀال رکنداسون.“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
چيائين ”هن جو وٺي وڃڻ مون کي غم ۾ وجهندو، جو مون کي ڊپ آهي، هن کي ڪو بگهڙ نه کائي وڃي ۽ اوهان ان کان بي خبر هجو!“
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
چيائون ”جي اسان جي زبردست ٽوليءَ هوندي بگهڙ کائي وڃيس ته، پوءِ اسين ڪجهه به نه آهيون!“
— محمد عثمان ڏيپلائيفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
پوءِ جڏهن ان کي وٺي ويا ۽ يڪراءِ ٿيا ته کيس ڪنهن اونداهي کوهه ۾ وجهن ته اسان کيس وحي موڪليو ته، ”تون انهن کي ان ڳالهه جي خبر ڏيندين ۽ هو توکي نه سڃاڻندا هوندا!“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
هو شام جو پنهنجي پيءُ وٽ روئندا آيا.
— محمد عثمان ڏيپلائيقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
چوڻ لڳا، ”بابا! اسين پاڻ ۾ ڊوڙڻ لڳاسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسون، کيس بگهڙ کائي ويو. اسين کڻي سچا هجون، ته به اسان کي نه وسهندين!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي آيا_ چيائين ته ”ها، اوهين پنهنجي دليئون هڪ ڳالهه گهڙي آيا آهيو! هاڻي صبر ئي چڱو آهي! ۽ جيڪي ڳالهيون ڪريو ٿا، انهن ۾ الله ئي مدد ڪري!“
— محمد عثمان ڏيپلائيوَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
هڪ قافلو اچي نڪتو، انهن سندن همراهه موڪليو، جنهن پنهنجو ڏول کوهه ۾ وڌو، چوڻ لڳو، ”وڏي خوشي، هن ڇوڪري نڪرڻ تي!“ ۽ ان کي وٿ سمجهي لڪائي ڇڏيائون_ پر الله کي سندن ڪمن جي خبر هئي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
پوءِ ڀائرن ان کي گهٽ قيمت ۾ ٿورڙن درهمن ۾ وڪيو، جو اهي ان جا ڪجهه قدردان نه هئا.
— محمد عثمان ڏيپلائي