107 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 7 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
اَرَءَيْتَ الَّذِيْ يُكَذِّبُ بِالدِّيْنِ 1ۭ
ان شخص کي ڏٺو اٿيئي، جو دين يعني بدلي جي ڏيڻ واري ڏينهن جو انڪار ٿو ڪري؟
— محمد عثمان ڏيپلائيفَذٰلِكَ الَّذِيْ يَدُعُّ الْيَتِيْمَ 2ۙ
اِهو اُهو ئي ماڻهو آهي، جو يتيمن کي لوڌي ٿو
— محمد عثمان ڏيپلائيوَلَا يَحُضُّ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ 3ۭ
۽ مسڪينن کي کارائڻ لاءِ نٿو همٿائي.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَوَيْلٌ لِّلْمُصَلِّيْنَ 4ۙ
پوءِ انهن نمازين لاءِ خرابي آهي،
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْنَ هُمْ عَنْ صَلَاتِهِمْ سَاهُوْنَ 5ۙ
جي سندن نمازن کان غافل رهن ٿا،
— محمد عثمان ڏيپلائيالَّذِيْنَ هُمْ يُرَاۗءُوْنَ 6ۙ
جيڪي رڳو ظاهر داري ٿا ڪن،
— محمد عثمان ڏيپلائيوَيَمْنَعُوْنَ الْمَاعُوْنَ 7ۧ
۽ عام ضرورت جون شيون روڪين ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائي