102 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
اَلْهٰىكُمُ التَّكَاثُرُ 1ۙ
اوهان کي گهڻي مال ميڙڻ جي هٻڇ اهڙو غلطان ڪيو
— محمد عثمان ڏيپلائيحَتّٰى زُرْتُمُ الْمَقَابِرَ 2ۭ
جو وڃي قبرن تائين پهتا.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُوْنَ 3ۙ
خبردار! (انهي جو نتيجو) جلد ئي ڄاڻندؤ
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُوْنَ 4ۭ
وري به (ٿا چئون ته) خبردار! جلد ئي ڄاڻندا.
— محمد عثمان ڏيپلائيكَلَّا لَوْ تَعْلَمُوْنَ عِلْمَ الْيَقِيْنِ 5ۭ
خبردار! جيڪڏهن پڪي ڄاڻ هجيوَ ها، ته (ائين هر گز نه ڪريو ها).
— محمد عثمان ڏيپلائيلَتَرَوُنَّ الْجَــحِيْمَ 6ۙ
اوهين ضرور دوزخ ڏسندؤ.
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ لَتَرَوُنَّهَا عَيْنَ الْيَقِيْنِ 7ۙ
پوءِ اُن کي پڪ جهڙين اکين سان ڏسندؤ.
— محمد عثمان ڏيپلائيثُـمَّ لَتُسْـَٔــلُنَّ يَوْمَىِٕذٍ عَنِ النَّعِيْمِ 8ۧ
پوءِ انهي وقت اوهان کان نعمتن جو پڇاڻو ٿيندو!
— محمد عثمان ڏيپلائي