100 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
وَالْعٰدِيٰتِ ضَبْحًا 1ۙ
شاهد آهن: هانبارو هڻي ڊوڙندڙ.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَالْمُوْرِيٰتِ قَدْحًا 2ۙ
۽ پٿرن تي سنبن سان چڻنگون ڪڍندڙ گهوڙا،
— محمد عثمان ڏيپلائيفَالْمُغِيْرٰتِ صُبْحًا 3ۙ
جي صبح جو اچي لُٽ ڪن ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَاَثَرْنَ بِهٖ نَقْعًا 4ۙ
۽ پوءِ ان سان غبار کڙو ڪن ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائيفَوَسَطْنَ بِهٖ جَمْعًا 5ۙ
۽ پوءِ وڃي فوجن جي وچ ۾ گهڙن ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ الْاِنْسَانَ لِرَبِّهٖ لَكَنُوْدٌ 6ۚ
ته بيشڪ انسان سندس رب جو وڏو بي شڪر آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنَّهٗ عَلٰي ذٰلِكَ لَشَهِيْدٌ 7ۚ
۽ هو پاڻ به انهي کان واقف آهي!
— محمد عثمان ڏيپلائيوَاِنَّهٗ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيْدٌ 8ۭ
۽ هو مال جي سخت محبت رکندڙ آهي!
— محمد عثمان ڏيپلائياَفَلَا يَعْلَمُ اِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُوْرِ 9ۙ
ڇا، کيس انهي وقت جي ڄاڻ ڪانهي؟ جڏهن قبرن وارا جيئرا ڪبا.
— محمد عثمان ڏيپلائيوَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُوْرِ ۙ10
۽ دلين جا ڳجهه ظاهر ٿيندا؟
— محمد عثمان ڏيپلائياِنَّ رَبَّهُمْ بِهِمْ يَوْمَىِٕذٍ لَّخَبِيْرٌ ۧ11
بيشڪ ان ڏينهن سندن رب سندن حال کان خوب واقف هوندو!
— محمد عثمان ڏيپلائي