001 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 7 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
البُرھان
مُترجم: محمد عثمان ڏيپلائي
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 1
بيحد مهربان، نهايت ٻاجهاري الله جي نالي سان (شروع)
— محمد عثمان ڏيپلائياَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۙ
سڀ ڪا ساراهه جهانن جي پالڻهار الله کي جڳائي.
— محمد عثمان ڏيپلائيالرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 3ۙ
جو بي حد مهربان، نهايت ٻاجهه وارو.
— محمد عثمان ڏيپلائيمٰلِكِ يَوْمِ الدِّيْنِ 4ۭ
انصاف جي ڏينهن جو مالڪ آهي.
— محمد عثمان ڏيپلائياِيَّاكَ نَعْبُدُ وَاِيَّاكَ نَسْتَعِيْنُ 5ۭ
(يا الله!) اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.
— محمد عثمان ڏيپلائياِھْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَـقِيْمَ 6ۙ
تون اسان کي سڌي واٽ ڏيکار.
— محمد عثمان ڏيپلائيصِرَاطَ الَّذِيْنَ اَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ ۹ غَيْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَيْهِمْ وَلَا الضَّاۗلِّيْنَ 7ۧ
جا انهن جي واٽ آهي، جن تي تو انعام ڪيو. جي نه ڏمر هيٺ آيا ۽ نه گمراهه ٿيا. (هيءَ دعا قبول ڪر!)
— محمد عثمان ڏيپلائي