012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
احسنُ البيان
مُترجم: مولانا محمد ادريس ڏاھري
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
الف، لام، را هي آيتون ڪتاب روشن جون آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
بيشڪ اسان نازل ڪيو ان کي قرآن عربي تانته اوهان سمجهو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
اسين بيان ڪيون ٿا توتي قصن مان تمام سهڻي کي سببان ان جي جو وحي ڪيوسون توڏانهن هي قرآن جيتوڻيڪ هئين تون اڳي ان کان البته خبر نه رکندڙن مان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
(ياد ڪر) جڏهن چيو يوسف واسطي پيءُ پنهنجي اي پيءُ منهنجا! بيشڪ مون ڏٺا يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺو مون انهن کي پنهنجي لاءِ سجدا ڪندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
فرمايائين ته اي پٽ منهنجا! نه بيان ڪر خواب پنهنجو ڀائرن پنهنجن تي پوءِ رٿيندا تنهنجي لاءِ رٿ بيشڪ شيطان واسطي انسان جي کليل دشمن آهي.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريوَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
۽ اهڙي طرح برگزيدو بنائيندو توکي رب تنهنجو ۽ سيکاريندو توکي تعبير خوابن جو ۽ پوري ڪندو نعمت پنهنجي توتي ۽ يعقوب جي اولاد تي جيئن پورو ڪيائين ان کي پيءُ ڏاڏي تنهنجي تي اڳ ۾ ابراهيم ۽ اسحاق تي بيشڪ تنهنجو رب ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي. ع
— مولانا محمد ادريس ڏاھريلَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
البته تحقيق يوسف ۽ ان جي ڀائرن ۾ نشانيون هيون پڇندڙن لاءِ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
جڏهن چيائون ته البته يوسف ۽ انجو ڀاءُ وڌيڪ پيارا آهن پيءُ اسان جي وٽ اسان کان حالانڪ اسين مضبوط جماعت آهيون بيشڪ پيءُ اسانجو البته کليل گهڻي محبت ۾ آهي.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
قتل ڪيو يوسف کي يا اڇلايو ان کي (پرانهين) زمين ۾ ته خالي ٿئي اوهان لاءِ منهن (مبارڪ) اوهان جي پيءُ جو ۽ ٿجو ان کان پوءِ (توبہ ڪري) قوم صالح.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
چيو هڪ چوندڙ انهن مان ته نه قتل ڪيو يوسف کي ۽ اڇلايو ان کي اونداهين کوھ ۾ ته وٺي ويندو ان کي ڪو واٽ ويندڙن مان جيڪڏهن آهيو ڪندڙ.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
چيائون ته اي اسان جا پيءُ ڇا (ٿيو) آهي توکي جو نه ٿو ڀروسو ڪرين اسان تي يوسف جي باري ۾ ۽ بيشڪ اسين انجي لاءِ البته خير خواهه آهيون.
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
موڪل تون انکي اسان سان گڏ صبحاڻي ته (ميوا) کائي ۽ راند ڪري ۽ بيشڪ اسين ان جي لاءِ البته حفاظت ڪندڙ آهيون.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
فرمايائين ته بيشڪ مان البته ڏکوئي ٿي مون کي هيءَ ڳالهه ته وٺي وڃو اوهان ان کي ۽ ڊڄان ٿو هن کان ته کائي ان کي بگهڙ ۽ اوهان ان کان غافل هجو.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
سڀ چوڻ لڳا ته البته جيڪڏهن کاڌو ان کي بگهڙ حالانڪ اسين (مضبوط) جماعت آهيون بيشڪ اسين ان وقت البته نقصان وارا آهيون.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
پوءِ جڏهن وٺي ويا انکي ۽ متفق ٿي فيصلو ڪيائون ته وجهن ان کي اونداهين کوھ جي ۾ ۽ وحي موڪليون سون ان ڏانهن ته البته ضرور خبر ڏيندين تون انهن کي هن معاملي جي ۽ اهي نه سمجهندا هوندا.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريوَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
۽ آيا پيءُ پنهنجي وٽ رات جو سومهاڻيءَ وقت روئن پيا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
چيائون ته اي اسان جا پيءُ! بيشڪ اسين وياسين ڊوڙ پيا پڄايون ۽ ڇڏيو سون يوسف کي سامان پنهنجي وٽ پوءِ کائي ويو ان کي بگهڙ ۽ ناهين تون مڃيندڙ اسان کي جيتوڻيڪ هجون اسين سچا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريوَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ آندائون قميص ان جي تي رت ڪوڙو لڳائي فرمايائين بلڪ ٺاهيو اوهان لاءِ نفسن اوهان جي امر کي پوءِ صبر ڪرڻ ڀلو آهي ۽ الله مدد ورتل آهي ان تي جو ٿا ٺاهي بيان ڪيو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريوَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
۽ آيو هڪ قافلو پوءِ موڪليائون پاڻي ڀريندڙ پنهنجي کي پوءِ لاٿائين ٻوڪو پنهنجو چيائين ته واھ واھ خوشخبري - هيءُ ڇوڪرو آهي ۽ لڪايائون ان کي قيمتي شيءِ سمجهي ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪن پيا.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريوَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
۽ وڪڻيائون ان کي ملھ هلڪي درهمن ڳڻيلن (ٿورن) سان ۽ هئا ان (جي حق) ۾ رغبت نه رکندڙن مان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري