099 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَا 1ۙ
جڏهن زمين کي پنھنجي پوري شدت سان ڌوڏيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَخْرَجَتِ الْاَرْضُ اَثْقَالَهَا 2ۙ
۽ زمين پنھنجي (اندر جا) سمورا ڳرا بار ٻاهر ڪڍندي.
— عبدالسلام ڀُٽووَقَالَ الْاِنْسَانُ مَا لَهَا 3ۚ
۽ انسان (حيرت مان) چوندو ته هن زمين کي ڇا ٿي ويو آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽويَوْمَىِٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَا 4ۙ
پوءِ هوءَ پنھنجي مٿان گذريل سڀ احوال ٻڌائيندي.
— عبدالسلام ڀُٽوبِاَنَّ رَبَّكَ اَوْحٰى لَهَا 5ۭ
ڇوته تنھنجي پالڻھار ان کي حڪم ڏنو هوندو.
— عبدالسلام ڀُٽويَوْمَىِٕذٍ يَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا ڏ لِّيُرَوْا اَعْـمَالَهُمْ 6ۭ
پوءِ ان ڏينھن ماڻهو ٽولا ٽولا ٿي ڪري موٽندا ته جيئن اُنهن کي سندن اعمال ناما ڏيکاريا وڃن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَـمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَّرَهٗ 7ۭ
پوءِ جنھن ماڻهوءَ ذري برابر به نيڪي ڪئي هوندي سو ان کي ڏسندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَّرَهٗ 8ۧ
۽ جنھن ماڻهو ذري برابر به برائي ڪئي هوندي سو ان کي ڏسندو.
— عبدالسلام ڀُٽو