098 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
لَمْ يَكُنِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ مُنْفَكِّيْنَ حَتّٰى تَاْتِيَهُمُ الْبَيِّنَةُ 1ۙ
اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جيڪي ماڻهو ڪافر هئا سي پنھنجي (ان ڪفر کان) ايستائين مُڙي وڃڻ وارا نه هئا جيستائين انهن وٽ ڪو پڌرو دليل نه اچي.
— عبدالسلام ڀُٽورَسُوْلٌ مِّنَ اللّٰهِ يَتْلُوْا صُحُفًا مُّطَهَّرَةً 2ۙ
(اهو دليل هي آهي ته) الله تعالى جي طرفان ڪو رسول سڳورو (اَچي کين) پاڪ صحيفا تلاوت ڪري ٻڌائي.
— عبدالسلام ڀُٽوفِيْهَا كُتُبٌ قَيِّمَةٌ 3ۭ
جنھن ۾ چٽا (۽ واضح) حڪم بيان ٿيل هجن.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا تَفَرَّقَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَتْهُمُ الْبَيِّنَةُ 4ۭ
۽ پوءِ جن کي ڪتاب ڏنو ويو انهن پاڻ ۾ اُن وقت اختلاف ڪرڻ شروع ڪيا جڏهن انهن وٽ چٽا دليل اچي چڪا هئا.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَآ اُمِرُوْٓا اِلَّا لِيَعْبُدُوا اللّٰهَ مُخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ ڏ حُنَفَاۗءَ وَيُقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوا الزَّكٰوةَ وَذٰلِكَ دِيْنُ الْقَيِّمَةِ 5ۭ
حالانڪه انهن کي هي حڪم ڏنو ويو هو ته هُوپنهنجي دين کي الله تعاليٰ جي لاءِ خالص ڪري ۽ هڪ طرفا ٿي ان جي بندگي ڪن. نماز قائم ڪَن، زڪوات ادا ڪن ۽ اهوئي صحيح دين آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ فِيْ نَارِ جَهَنَّمَ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ شَرُّ الْبَرِيَّةِ 6ۭ
بيشڪ اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جيڪي انڪار ڪندڙ آهن سي هميشه لاءِ جھنم ۾ هوندا. اهڙائي ماڻهو مخلوق مان سڀ کان وڌيڪ بُري مخلوق آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ 7ۭ
پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا. اهڙائي ماڻهو مخلوق مان سڀ کان بھترين مخلوق آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوجَزَاۗؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَرَضُوْا عَنْهُ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَشِيَ رَبَّهٗ 8ۧ
اهڙن ماڻهن لاءِ ئي پنھنجي پالڻھار وٽ هميشه رهڻ وارن باغن جي صورت ۾ بدلو آهي جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهن ٿيون. اُهي اُن ۾ هميشه هميشه لاءِ رهندا، الله تعالى انهن کان راضي ٿي ويو ۽ هُو الله تعالى کان راضي ٿي ويا. اهو (وعدو) ان ماڻهوءَ جي لاءِ آهي جيڪو پنھنجي پالڻھار کان ڊنو.
— عبدالسلام ڀُٽو