096 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ 1ۚ
تون پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙهه، جنھن پيدا ڪيو.
— عبدالسلام ڀُٽوخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ 2ۚ
هُن انسان کي رت جي دِڳَ مان پيدا ڪيو.
— عبدالسلام ڀُٽواِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ 3ۙ
پڙهه! ۽ تنھنجو پالڻھار وڏي عزت وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ 4ۙ
جنھن قلم ذريعي (انسان کي علم) سيکاريو.
— عبدالسلام ڀُٽوعَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ 5ۭ
هُن انسان کي اهڙيون ڳالهيون سيکاريون جيڪي کيس معلوم نه هيون.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّآ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَيَطْغٰٓى 6ۙ
هرگز نه! (ان جي باوجود به) بيشڪ انسان بغاوت تي لهي آيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَنْ رَّاٰهُ اسْتَغْنٰى 7ۭ
ان ڪري جو هو پنھنجو پاڻ کي بي پرواهه سمجهي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ اِلٰى رَبِّكَ الرُّجْعٰى 8ۭ
حالانڪه (توهان کي) پنھنجي پالڻھار ڏانھن ئي موٽڻو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَرَءَيْتَ الَّذِيْ يَنْهٰى 9ۙ
ڇا تو ان شخص کي ڏٺو جيڪو روڪي ٿو؟
— عبدالسلام ڀُٽوعَبْدًا اِذَا صَلّٰى ۭ10
(منهنجي) ٻانهي (ﷴ ﷺ) کي جڏهن هو نماز پڙهي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽواَرَءَيْتَ اِنْ كَانَ عَلَي الْهُدٰٓى ۙ11
(اي مخاطب!) اهو ته ڏسو: جيڪڏهن اهو (نماز پڙهندڙ ٻانهو) سڌي راهه تي هجي.
— عبدالسلام ڀُٽواَوْ اَمَرَ بِالتَّقْوٰى ۭ12
يا (هو ٻين کي) پرهيزگاري جي تعليم ڏيندو هجي.
— عبدالسلام ڀُٽواَرَءَيْتَ اِنْ كَذَّبَ وَتَوَلّٰى ۭ13
(اي مخاطب!) اهو ته ڏسو: جيڪو شخص (هروڀرو رسول سڳوري کي) ڪوڙو ڪري ٿو ۽ (قرآن کان) منھن موڙي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَمْ يَعْلَمْ بِاَنَّ اللّٰهَ يَرٰى ۭ14
ته ڇا اُهو نٿو سمجهي ته الله تعالى ان (جي بغاوت) کي ڏسي رهيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا لَىِنْ لَّمْ يَنْتَهِ ڏ لَنَسْفَعًۢا بِالنَّاصِيَةِ ۙ15
هرگز نه! جيڪڏهن هو (پنھنجي انهن ڪريل حرڪتن کان) نه مڙيو ته اسان کيس پيشاني جي وارن کان پڪڙي گھلينداسين.
— عبدالسلام ڀُٽونَاصِيَةٍ كَاذِبَةٍ خَاطِئَةٍ ۭ16
اها پيشاني جيڪا ڪوڙي ۽ (الله تعالى جي اڳيان نه جهڪڻ ڪري) وڏي گنهگار آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلْيَدْعُ نَادِيَهٗ ۙ17
(کيس موڪل اٿس ته) ڀلي پنھنجي حمايتين کي سڏي وٺي.
— عبدالسلام ڀُٽوسَـنَدْعُ الزَّبَانِيَةَ ۙ18
اسان به دوزخ جي ملائڪن کي گهرائي وٺنداسين.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا ۭ لَا تُطِعْهُ وَاسْجُدْ وَاقْتَرِبْ ڙ 19
خبردار! (اي نبيﷺ!) تون ڪڏهن به ان جي ڳالهه نه مڃجانءِ. بس تون (الله تعالى جي اڳيان) سجدو ڪر ۽ ان جو قرب حاصل ڪر.
— عبدالسلام ڀُٽو