092 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 21 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
وَالَّيْلِ اِذَا يَغْشٰى 1ۙ
قسم آهي رات جو جڏهن اُها ڇانئجي وڃي ٿي.
— عبدالسلام ڀُٽووَالنَّهَارِ اِذَا تَجَلّٰى 2ۙ
قسم آهي ڏينھن جو جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا خَلَقَ الذَّكَرَ وَالْاُنْثٰٓى 3ۙ
قسم آهي ان ذات جو جنھن مرد ۽ عورت کي پيدا ڪيو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ سَعْيَكُمْ لَشَتّٰى 4ۭ
بيشڪ توهان جون ڪوششون (هڪ ٻئي کان) مختلف آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاَمَّا مَنْ اَعْطٰى وَاتَّقٰى 5ۙ
پوءِ جنھن (الله تعالى جي راهه ۾) مال ڏنو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي.
— عبدالسلام ڀُٽووَصَدَّقَ بِالْحُسْنٰى 6ۙ
۽ ڀلائي جي تصديق ڪئي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَسَنُيَسِّرُهٗ لِلْيُسْرٰى 7ۭ
ته (اهڙي صورت ۾) اسان ان کي آسان رستي جي توفيق ڏينداسين.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَمَّا مَنْۢ بَخِلَ وَاسْتَغْنٰى 8ۙ
(پر) جنھن ماڻهو (الله تعالى جي نالي تي ڏيڻ کان) ڪنجوسي ڪئي ۽ بيپرواهي اختيار ڪئي.
— عبدالسلام ڀُٽووَكَذَّبَ بِالْحُسْنٰى 9ۙ
۽ ڀلائي کي ڪوڙو ڪيو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَسَنُيَسِّرُهٗ لِلْعُسْرٰى ۭ10
ته اسان کيس تڪليف واري رستي تي لڳائينداسين.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا يُغْنِيْ عَنْهُ مَالُهٗ ٓ اِذَا تَرَدّٰى ۭ11
جڏهن هو بربادي ۾ پوندو ته سندس مال (ڪنهن به) ڪم نه ايندو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ عَلَيْنَا لَلْهُدٰى ڮ 12
بيشڪ (سڌو) رستو ڏيکارڻ اسان جي ذمي آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنَّ لَنَا لَـلْاٰخِرَةَ وَالْاُوْلٰى 13
۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا اسان جي ئي هٿ ۾ آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاَنْذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظّٰى ۚ14
سو مان توهان کي ڀڙڪندڙ باهه کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽولَا يَصْلٰىهَآ اِلَّا الْاَشْقَى ۙ15
ان (باهه) ۾ بدبخت ماڻهو ئي داخل ٿيندو.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْ كَذَّبَ وَتَوَلّٰى ۭ16
جنھن ڪوڙو ڪيو ۽ منھن موڙيو.
— عبدالسلام ڀُٽووَسَيُجَنَّبُهَا الْاَتْقَى ۙ17
البته پرهيزگارن کي ان باهه کان پري رکيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْ يُؤْتِيْ مَالَهٗ يَتَزَكّٰى ۚ18
جيڪو پاڪيزهه رهڻ خاطر مال خرچ ڪري ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا لِاَحَدٍ عِنْدَهٗ مِنْ نِّعْمَةٍ تُجْزٰٓى ۙ19
ان جي مٿان ڪنھن جو به احسان ٿيل نه آهي جنھن جو کيس بدلو لاهڻو هجي.
— عبدالسلام ڀُٽواِلَّا ابْتِغَاۗءَ وَجْهِ رَبِّهِ الْاَعْلٰى ۚ20
بلڪه پنھنجي بلند پالڻھار جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ايئن ڪندو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو