090 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
لَآ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِ 1ۙ
نه، مان هن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَنْتَ حِـۢلٌّ بِهٰذَا الْبَلَدِ 2ۙ
هن شھر ۾ توکي (تڪليف ڏيڻ ڪافرن جي طرفان) حلال ڪيو ويو آهي. (حالانڪه هن شھر ۾ ڪنھن به جاندار کي تڪليف پھچائڻ حرام آهي)
— عبدالسلام ڀُٽووَوَالِدٍ وَّمَا وَلَدَ 3ۙ
قسم آهي (نسل انساني جي) پيءُ ۽ ان مان پيدا ٿيل اولاد جو.
— عبدالسلام ڀُٽولَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِيْ كَبَدٍ 4ۭ
بيشڪ اسان انسان کي (دنيا ۾) تڪليف ۾ پوڻ لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَيَحْسَبُ اَنْ لَّنْ يَّقْدِرَ عَلَيْهِ اَحَدٌ 5ۘ
ڇا (انسان) سمجهي ٿو ته کيس ڪير به قابو نٿو ڪري سگهي؟
— عبدالسلام ڀُٽويَقُوْلُ اَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا 6ۭ
چوي ٿو ته مون گهڻو ئي مال اُڏائي ڇڏيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَيَحْسَبُ اَنْ لَّمْ يَرَهٗ ٓ اَحَدٌ 7ۭ
ڇا هو اهو به سمجهي ٿو ته ان کي ڪنھن به نه ڏٺو آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽواَلَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ عَيْنَيْنِ 8ۙ
ڇا اسان کيس ٻه اکيون نه ڏنيون آهن؟
— عبدالسلام ڀُٽووَلِسَانًا وَّشَفَتَيْنِ 9ۙ
هڪڙي زبان ۽ ٻه چپ نه ڏنا آهن؟
— عبدالسلام ڀُٽووَهَدَيْنٰهُ النَّجْدَيْنِ ۚ10
۽ ان کي (زندگي گذارڻ لاءِ) ٻه (واضح) رستا نه ڏيکاريا آهن؟
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ ڮ 11
پر هُن انتھائي مشڪل گهاٽيءَ مان لنگهڻ جي همت ئي نه ڪئي.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْعَقَبَةُ ۭ12
توکي ڪهڙي خبر ته اها مشڪل گهاٽي ڪهڙي آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽوفَكُّ رَقَبَةٍ ۙ13
ڪنھن غلام کي آزاد ڪرائڻ.
— عبدالسلام ڀُٽواَوْ اِطْعٰمٌ فِيْ يَوْمٍ ذِيْ مَسْغَبَةٍ ۙ14
يا بک جي وقت (ڪنهن کي) کاڌو کارائڻ.
— عبدالسلام ڀُٽويَّـتِيْمًـا ذَا مَقْرَبَةٍ ۙ15
يا ڪنھن رشتيدار يتيم کي کاڌو کارائڻ.
— عبدالسلام ڀُٽواَوْ مِسْكِيْنًا ذَا مَتْرَبَةٍ ۭ16
يا ميرڙي سيرڙي مسڪين کي کاڌو کارائڻ (اها آهي مشڪل گهاٽي)
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ كَانَ مِنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ ۭ17
(اهي ڪم ڪرڻ کان پوءِ) وري هي انهن ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي تلقين ۽ هڪ ٻئي تي رحم ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا رهيا.
— عبدالسلام ڀُٽواُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ ۭ18
(پوءِ) اهڙا ئي ماڻهو ساڄي پاسي وارا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِنَا هُمْ اَصْـحٰبُ الْمَشْــَٔــمَةِ ۭ19
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو، سي کاٻي پاسي وارا (بدبخت) آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوعَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ ۧ20
انهن جي مٿان باهه وڪوڙيل هوندي.
— عبدالسلام ڀُٽو