088 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 26 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
هَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ الْغَاشِـيَةِ 1ۭ
ڇا تو وٽ ان ڇانئجي وڃڻ واري (قيامت) جي خبر پھتي آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽووُجُوْهٌ يَّوْمَىِٕذٍ خَاشِعَةٌ 2ۙ
جنهن ڏينھن ڪيترائي چھرا خوف ۾ ورتل هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽوعَامِلَةٌ نَّاصِبَةٌ 3ۙ
وڏي مشقت ڪرڻ سبب ٿڪجي پيل هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽوتَصْلٰى نَارًا حَامِيَةً 4ۙ
انتھائي گرم باهه ۾ داخل ٿيندا.
— عبدالسلام ڀُٽوتُسْقٰى مِنْ عَيْنٍ اٰنِيَةٍ 5ۭ
(کين) ٽچڪيل چشمي مان (پاڻي) پياريو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽولَيْسَ لَهُمْ طَعَامٌ اِلَّا مِنْ ضَرِيْعٍ 6ۙ
انهن لاءِ ڪنڊن واري گاهه کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو.
— عبدالسلام ڀُٽولَّا يُسْمِنُ وَلَا يُغْنِيْ مِنْ جُوْعٍ 7ۭ
جيڪو (کين) نه ته ٿلهو متارو ڪندو ۽ نه ئي سندن بک مٽائيندو.
— عبدالسلام ڀُٽووُجُوْهٌ يَّوْمَىِٕذٍ نَّاعِمَةٌ 8ۙ
ان ڏينھن ڪجهه چھرا ٻھڪندڙ هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽولِّسَعْيِهَا رَاضِيَةٌ 9ۙ
پنھنجي عملن تي خوش هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽوفِيْ جَنَّةٍ عَالِيَةٍ ۙ10
عاليشان باغ ۾ هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽولَّا تَسْمَعُ فِيْهَا لَاغِيَةً ۭ11
ان ۾ اُهي ڪابه بيھوده ڳالهه نه ٻڌندا.
— عبدالسلام ڀُٽوفِيْهَا عَيْنٌ جَارِيَةٌ ۘ12
ان ۾ چشما جاري هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽوفِيْهَا سُرُرٌ مَّرْفُوْعَةٌ ۙ13
ان ۾ اوچا تخت رکيل هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَكْوَابٌ مَّوْضُوْعَةٌ ۙ14
پيالا (۽ گلاس) رکيل هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّنَمَارِقُ مَصْفُوْفَةٌ ۙ15
وڏا (گول) وهاڻا قطار ۾ رکيل هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّزَرَابِيُّ مَبْثُوْثَةٌ ۭ16
۽ (آرامده) قالين وڇايل هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽواَفَلَا يَنْظُرُوْنَ اِلَى الْاِبِلِ كَيْفَ خُلِقَتْ ۪17
ڇا هي ماڻهو اُٺَ کي نٿا ڏسن ته ڪيئن پيدا ڪيو ويو آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽووَاِلَى السَّمَاۗءِ كَيْفَ رُفِعَتْ ۪18
آسمان کي (نٿا ڏسن) ته ڪيئن بلند ڪيو ويو آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽووَاِلَى الْجِبَالِ كَيْفَ نُصِبَتْ ۪19
جبلن کي (نٿا ڏسن) ته ڪيئن کوڙيا ويا آهن؟
— عبدالسلام ڀُٽووَاِلَى الْاَرْضِ كَيْفَ سُطِحَتْ ۪20
۽ زمين کي (نٿا ڏسن) ته ڪيئن وڇائي وئي آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽو