087 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْاَعْلَى 1ۙ
(اي نبيﷺ!) پنھنجي بلند مرتبي واري پالڻھار جي تسبيح بيان ڪندو رهه.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْ خَلَقَ فَسَوّٰى ۽ 2
جنھن (انسان کي) پيدا ڪيو ۽ (کيس) ڊولائتو (يعني سھڻو) بنائي ٺيڪ ڪيو.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّذِيْ قَدَّرَ فَهَدٰى ۽ 3
جنھن تقدير مقرر ڪئي ۽ سڌو رستو ڏيکاريو.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّذِيْٓ اَخْرَجَ الْمَرْعٰى ۽ 4
جنھن (زمين مان) گاهه ٻوٽا اُپايا.
— عبدالسلام ڀُٽوفَجَعَلَهٗ غُثَاۗءً اَحْوٰى 5ۭ
پوءِ ان کي سُڪل سڙيل ڪري ڇڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽوسَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنْسٰٓى 6ۙ
اسان توکي (قرآن اهڙي طريقي سان) پڙهائينداسين جو تون نه وساريندين.
— عبدالسلام ڀُٽواِلَّا مَا شَاۗءَ اللّٰهُ ۭ اِنَّهٗ يَعْلَمُ الْجَـهْرَ وَمَا يَخْفٰى 7ۭ
سواءِ ان جي جڏهن الله تعالى (ڀُلائڻ) چاهي. بيشڪ هو ظاهر ۽ لڪيل شين کي خوب ڄاڻي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَنُيَسِّرُكَ لِلْيُسْرٰى ښ 8
اسان توکي آسان رستي جي توفيق ڏيون ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽوفَذَكِّرْ اِنْ نَّفَعَتِ الذِّكْرٰى 9ۭ
جيڪڏهن ڪنھن کي نصيحت فائدو ڏئي ته تون (ان کي) نصيحت ڪندو رهه.
— عبدالسلام ڀُٽوسَيَذَّكَّرُ مَنْ يَّخْشٰى ۙ10
اهوئي شخص نصيحت قبول ڪندو جيڪو (پنھنجي پالڻھار کان) ڊڄندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَيَتَجَنَّبُهَا الْاَشْقَى ۙ11
بدنصيب ماڻهو ان (نصيحت) کان پري ڀڄندو.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْ يَصْلَى النَّارَ الْكُبْرٰى ۚ12
جيڪو وڏي باهه ۾ داخل ٿيندو.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ لَا يَمُوْتُ فِيْهَا وَلَا يَحْيٰي ۭ13
هو ان ۾ نه مرڻ واري حالت ۾ هوندو ۽ نه ئي جيئڻ واري حالت ۾.
— عبدالسلام ڀُٽوقَدْ اَفْلَحَ مَنْ تَزَكّٰى ۙ14
بيشڪ اهوئي ماڻهو ڪامياب ٿي ويو جنھن پاڻ کي سڌاريو.
— عبدالسلام ڀُٽووَذَكَرَ اسْمَ رَبِّهٖ فَصَلّٰى ۭ15
پنھنجي پالڻھار جي نالي جو ذڪر ڪيائين (۽)نماز پڙهيائين.
— عبدالسلام ڀُٽوبَلْ تُـؤْثِرُوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا ڮ 16
درحقيقت توهان ماڻهو دنيا جي زندگيءَ کي ترجيح ڏيو ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَالْاٰخِرَةُ خَيْرٌ وَّاَبْقٰى ۭ17
حالانڪه آخرت بھتر ۽ هميشه رهڻ واري آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ هٰذَا لَفِي الصُّحُفِ الْاُوْلٰى ۙ18
بيشڪ اها ڳالهه پھرين صحيفن ۾ به (بيان ڪيل) آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوصُحُفِ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى ۧ19
ابراهيم ($) ۽ موسى ($) جي صحيفن ۾.
— عبدالسلام ڀُٽو