082 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
اِذَا السَّمَاۗءُ انْفَطَرَتْ 1ۙ
جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْكَوَاكِبُ انْـتَثَرَتْ 2ۙ
جڏهن تارا ٽڙي پکڙجي ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ 3ۙ
جڏهن سمنڊن (جي تري) کي ڦاڙيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْقُبُوْرُ بُعْثِرَتْ 4ۙ
جڏهن قبرن کي کوليو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽوعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَاَخَّرَتْ 5ۭ
پوءِ هر ماڻهوءَ کي خبر پئجي ويندي ته هن اڳ ۽ پوءِ ڪھڙو عمل موڪليو هو؟
— عبدالسلام ڀُٽويٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيْمِ 6ۙ
اي انسان! توکي پنھنجي ٻاجهاري پالڻھار جي باري ۾ ڪهڙي شيءِ ڌوڪي ۾ وڌو آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْ خَلَقَكَ فَسَوّٰىكَ فَعَدَلَكَ 7ۙ
جنھن توکي پيدا ڪيو، تنھنجي عضون جي جوڙجڪ ڪيائين ۽ توکي مناسب انداز ۾ (سهڻو ڪري) برابر ڪيائين.
— عبدالسلام ڀُٽوفِيْٓ اَيِّ صُوْرَةٍ مَّا شَاۗءَ رَكَّبَكَ 8ۭ
پوءِ جنھن شڪل ۾ چاهيو توکي اهائي شڪل ڏنائين.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا بَلْ تُكَذِّبُوْنَ بِالدِّيْنِ 9ۙ
هرگز نه! (اصل ۾) توهان قيامت جي ڏينھن کي ڪوڙو سمجهو ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنَّ عَلَيْكُمْ لَحٰفِظِيْنَ ۙ10
بيشڪ توهان تي نگراني ڪرڻ وارا مقرر آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوكِرَامًا كَاتِبِيْنَ ۙ11
وڏا عزت وارا آهن، هُو سڀ ڪجهه لکندڙ آهن.
— عبدالسلام ڀُٽويَعْلَمُوْنَ مَا تَفْعَلُوْنَ 12
توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا اهو سڀ کين معلوم آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الْاَبْرَارَ لَفِيْ نَعِيْمٍ ۚ13
بيشڪ نيڪوڪار ماڻهو نعمتن ۾ هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنَّ الْفُجَّارَ لَفِيْ جَحِيْمٍ ښ 14
۽ بدڪار ماڻهو جھنم ۾ هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽويَّصْلَوْنَهَا يَوْمَ الدِّيْنِ 15
اهي قيامت واري ڏينھن ان ۾ داخل ٿيندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَاۗىِٕبِيْنَ ۭ16
اهي جھنم ۾ وڃڻ کان غير حاضر نه ٿي سگهندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۙ17
۽ توکي ڪهڙي خبر ته قيامت جو ڏينھن ڇا آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ مَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ18
وري ٻڌو! ته توکي ڪهڙي خبر ته قيامت جو ڏينھن ڇا آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽويَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَـيْــــًٔا ۭ وَالْاَمْرُ يَوْمَىِٕذٍ لِّلّٰهِ ۧ19
هي اهو ڏينھن هوندو جنھن ڏينهن ڪوبه ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جي ڪم نه اچي سگهندو. ان ڏينھن حڪم صرف الله تعالى جو ئي هلندو.
— عبدالسلام ڀُٽو