081 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
اِذَا الشَّمْسُ كُوِّرَتْ ۽ 1
جڏهن سج کي ويڙهيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا النُّجُوْمُ انْكَدَرَتْ ۽ 2
جڏهن تارا بي نور ٿي ٽڙي پکڙجي ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْجِبَالُ سُيِّرَتْ 3
جڏهن جبل (مٽي ڪري) اُڏاريا ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْعِشَارُ عُطِّلَتْ ۽ 4
جڏهن ڏهن مھينن جون ڍُڪيون (ڏاچيون) آزاد ڇڏيون وينديون.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْوُحُوْشُ حُشِرَتْ ۽ 5
جڏهن سڀني جهنگلي جانورن کي (هڪ هنڌ) گڏ ڪيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْبِحَارُ سُجِّرَتْ ۽ 6
جڏهن سمنڊن کي (باهه وانگر) ڀڙڪايو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا النُّفُوْسُ زُوِّجَتْ ۽ 7
جڏهن روح جسمن سان ملايا ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْمَوْءٗدَةُ سُىِٕلَتْ ۽ 8
جڏهن جيئري پوريل نياڻيءَ کان پڇيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽوبِاَيِّ ذَنْۢبٍ قُتِلَتْ 9ۚ
ته هوءَ ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪئي وئي هئي؟
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الصُّحُفُ نُشِرَتْ ۽ 10
جڏهن اعمال ناما کوليا ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا السَّمَاۗءُ كُشِطَتْ ۽ 11
جڏهن آسمان کي پردا هٽائي چٽو ڪيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْجَــحِيْمُ سُعِّرَتْ ۽ 12
جڏهن دوزخ کي ڀڙڪايو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْـجَنَّةُ اُزْلِفَتْ ۽ 13
۽ جڏهن جنت کي ويجهو ڪيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽوعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّآ اَحْضَرَتْ ۭ14
ته پوءِ ئي هر ماڻهوءَ کي خبر پئجي ويندي ته هُو (پاڻ سان گڏ) ڇا کڻي آيو آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَآ اُقْسِمُ بِالْخُنَّسِ ۙ15
مان پوئتي هٽندڙ تارن جو قسم کڻان ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽوالْجَوَارِ الْكُنَّسِ ۙ16
جيڪي سڌو هلندي هلندي لڪي به ويندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّيْلِ اِذَا عَسْعَسَ ۙ17
قسم آهي رات جو جڏهن وڃڻ لڳي.
— عبدالسلام ڀُٽووَالصُّبْحِ اِذَا تَنَفَّسَ ۙ18
۽ قسم آهي صبح جو جڏهن اچڻ لڳي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّهٗ لَقَوْلُ رَسُوْلٍ كَرِيْمٍ ۙ19
ته بيشڪ هي (قرآن) وڏي عزت ڀرئي موڪليل (ملائڪ) جو (ٻڌايل) ڪلام آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوذِيْ قُوَّةٍ عِنْدَ ذِي الْعَرْشِ مَكِيْنٍ ۙ20
جيڪو طاقتور آهي (۽) عرش جي مالڪ وٽ وڏي مرتبي وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو