078 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
عَمَّ يَتَسَاۗءَلُوْنَ 1ۚ
ڪهڙي شيءِ جي باري ۾ هي ماڻهو هڪ ٻئي کان پڇن ٿا؟
— عبدالسلام ڀُٽوعَنِ النَّبَاِ الْعَظِيْمِ 2ۙ
ڪنھن وڏي خبر جي باري ۾ (پڇن ٿا)؟
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْ هُمْ فِيْهِ مُخْـتَلِفُوْنَ 3ۭ
جنھن جي اچڻ ۾ هي اختلاف ڪن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 4ۙ
هرگز نه! کين عنقريب خبر پئجي ويندي.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 5
(وري هڪ ڀيرو چوان ٿو ته) انهن کي عنقريب خبر پئجي ويندي.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَمْ نَجْعَلِ الْاَرْضَ مِهٰدًا 6ۙ
ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه بنايو؟
— عبدالسلام ڀُٽووَّالْـجِبَالَ اَوْتَادًا ۽ 7
جبلن کي (زمين جون) ميخون (بنايو)
— عبدالسلام ڀُٽووَّخَلَقْنٰكُمْ اَزْوَاجًا 8ۙ
توهان کي ٻه جنسون (مرد ۽ عورت) ڪري پيدا ڪيو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا 9ۙ
اوهان جي ننڊ کي سڪون وارو بنايو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّجَعَلْنَا الَّيْلَ لِبَاسًا ۙ10
اسان رات کي پرده پوشي (يعني ڍَڪَ) جو وقت بنايو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّجَعَلْنَا النَّهَارَ مَعَاشًا ۠11
۽ ڏينھن کي ڪمائڻ جو وقت ڪيو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا ۙ12
اسان توهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بنايا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّجَعَلْنَا سِرَاجًا وَّهَّاجًا ۽ 13
اسان هڪ انتھائي تيز روشني وارو ڏيئو (يعني سج) بنايو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنْزَلْنَا مِنَ الْمُعْــصِرٰتِ مَاۗءً ثَجَّاجًا ۙ14
اسان ڪڪرن مان تمام گهڻو پاڻي نازل ڪيو.
— عبدالسلام ڀُٽولِّنُخْرِجَ بِهٖ حَبًّا وَّنَبَاتًا ۙ15
ته جيئن اسان ان جي ذريعي اناج وارا فصل ۽ گاهه اُپايون.
— عبدالسلام ڀُٽووَّجَنّٰتٍ اَلْفَافًا ۭ16
۽ گهاٽا باغ پيدا ڪيون.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ كَانَ مِيْقَاتًا ۙ17
بيشڪ فيصلي جو ڏينھن مقرر ٿيل آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويَّوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّوْرِ فَتَاْتُوْنَ اَفْوَاجًا ۙ18
جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته توهان ٽولا ٽولا ٿي حاضر ٿيندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّفُتِحَتِ السَّمَاۗءُ فَكَانَتْ اَبْوَابًا ۙ19
آسمان کي کوليو ويندو ته هو دروازن جي شڪل اختيار ڪري وٺندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّسُيِّرَتِ الْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا ۭ20
جبلن کي مٽي ڪري اڏاريو ويندو پوءِ هو رُڃَ وانگر ٿي پوندا.
— عبدالسلام ڀُٽو