077 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 50 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
وَالْمُرْسَلٰتِ عُرْفًا 1ۙ
قسم آهي مسلسل گُهلندڙ (هوائن) جو
— عبدالسلام ڀُٽوفَالْعٰصِفٰتِ عَصْفًا 2ۙ
جيڪي زور سان گُهلنديون رهن ٿيون.
— عبدالسلام ڀُٽووَّالنّٰشِرٰتِ نَشْرًا 3ۙ
۽ ڪڪرن کي (مختلف جڳھن تي) پکيڙينديون رهن ٿيون.
— عبدالسلام ڀُٽوفَالْفٰرِقٰتِ فَرْقًا 4ۙ
پوءِ ڪنهن وقت انهن کي هڪ ٻئي کان الڳ الڳ ڪنديون رهن ٿيون.
— عبدالسلام ڀُٽوفَالْمُلْقِيٰتِ ذِكْرًا 5ۙ
(ان صورتحال ۾) هي هوائون (الله تعالى جي) ياد به ڏيارينديون آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوعُذْرًا اَوْ نُذْرًا 6ۙ
حجت پوري ڪرڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ جي به (هي هوائون) سمجهه ڏينديون آهن.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَوَاقِـعٌ 7ۭ
بيشڪ توهان سان جنھن شيءِ جو وعدو ڪيو وڃي ٿو سا ته ضرور ٿيڻي آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِذَا النُّجُوْمُ طُمِسَتْ 8ۙ
جڏهن تارا مُرجهائجي (ڊِم ٿي) ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا السَّمَاۗءُ فُرِجَتْ 9ۙ
جڏهن آسمان کي ڦاڙيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الْجِبَالُ نُسِفَتْ ۙ10
جڏهن جبلن کي (دَز ڪري) اڏاريو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا الرُّسُلُ اُقِّتَتْ ۭ11
جڏهن رسول سڳورن کي (مقرر وقت تي) گڏ ڪيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽولِاَيِّ يَوْمٍ اُجِّلَتْ ۭ12
(پوءِ ئي خبر پوندي ته انهن سڀني معاملن کي) ڪهڙي ڏينھن لاءِ پوئتي رکيو ويو آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽولِيَوْمِ الْفَصْلِ ۚ13
فيصلي واري ڏينھن لاءِ ئي (پوئتي رکيو ويو آهي)
— عبدالسلام ڀُٽووَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الْفَصْلِ ۭ14
توکي ڪهڙي خبر ته اهو فيصلي وارو ڏينھن ڇا آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽووَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 15
ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَمْ نُهْلِكِ الْاَوَّلِيْنَ ۭ16
ڇا اسان پھرين (گذريل ڏوهاري) ماڻهن کي تباهه نه ڪيوسين؟
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ نُتْبِعُهُمُ الْاٰخِرِيْنَ 17
پوءِ انهن جي پٺيان ايندڙ (ڏوهارين) کي به (ايئن) تباهه ڪنداسين.
— عبدالسلام ڀُٽوكَذٰلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِيْنَ 18
(ڇوته) اسان ڏوهارين سان ايئن ئي ڪندا آهيون.
— عبدالسلام ڀُٽووَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 19
ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَمْ نَخْلُقْكُّمْ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ ۙ20
ڇا اسان توهان کي خسيس پاڻي مان پيدا نه ڪيو؟
— عبدالسلام ڀُٽو