076 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 31 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
هَلْ اَتٰى عَلَي الْاِنْسَانِ حِيْنٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ يَكُنْ شَيْـــًٔا مَّذْكُوْرًا 1
ڇا انسان جي مٿان زماني جو ڪو اهڙو وقت ٿي گذريو آهي، جنھن ۾ هو ياد رکڻ جي قابل ڪا شيءِ ئي نه هو؟
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّا خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ اَمْشَاجٍ ڰ نَّبْتَلِيْهِ فَجَعَلْنٰهُ سَمِيْعًۢا بَصِيْرًا 2
(ڇونه!) بيشڪ اسان انسان کي کيس پرکڻ لاءِ گڏيل سڏيل نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ اسان ان کي ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ ڪري پيدا ڪيو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّا هَدَيْنٰهُ السَّبِيْلَ اِمَّا شَاكِرًا وَّاِمَّا كَفُوْرًا 3
بيشڪ اسان کيس رستو ٻڌائي ڇڏيو آهي. هاڻي هُو شڪرگذار (ٻانهو) بڻجي يا ناشڪرو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّآ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِيْنَ سَلٰسِلَا۟ وَاَغْلٰلًا وَّسَعِيْرًا 4
اسان ڪافرن جي لاءِ زنجيرون، رسا ۽ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الْاَبْرَارَ يَشْرَبُوْنَ مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًا 5ۚ
بيشڪ نيڪوڪار ماڻهو شراب جا اهڙا پيالا پيئندا جنھن ۾ ڪافور ملايل هوندو.
— عبدالسلام ڀُٽوعَيْنًا يَّشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللّٰهِ يُفَجِّرُوْنَهَا تَفْجِيْرًا 6
هي هڪ چشمو آهي جنھن مان الله تعالى جا (جنتي) ٻانها پيئندا ۽ هو جتي به چاهيندا ته ان کي ناليون (۽ ڪينال) ٺاهي وهائي ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽويُوْفُوْنَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُوْنَ يَوْمًا كَانَ شَرُّهٗ مُسْـتَطِيْرًا 7
اهي ئي ماڻهو (دنيا ۾) باسيل باس پوري ڪن ٿا ۽ ان ڏينھن کان ڊڄن ٿا جنھن ڏينھن هر طرف مصيبت ئي مصيبت پکڙيل هوندي.
— عبدالسلام ڀُٽووَيُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰي حُبِّهٖ مِسْكِيْنًا وَّيَـتِـيْمًا وَّاَسِيْرًا 8
هي ماڻهو ته الله تعالى سان محبت خاطر مسڪينن، يتيمن ۽ قيدين کي کاڌو کارائيندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّـمَا نُـطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللّٰهِ لَا نُرِيْدُ مِنْكُمْ جَزَاۗءً وَّلَا شُكُوْرًا 9
(۽ چوندا آهن ته) بيشڪ اسان توهان کي الله تعالى جي (رضا) خاطر کارائي رهيا آهيون. اسان کي توهان جي طرفان ڪوبه بدلو ۽ نه ئي ڪو شڪرگذاري جو اظھار کپي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّا نَخَافُ مِنْ رَّبِّنَا يَوْمًا عَبُوْسًا قَمْطَرِيْرًا 10
اسان ته بس پنھنجي پالڻھار جي ان ڏينھن جي عذاب کان ڊڄون ٿا جيڪو تمام ڏکيو ۽ تمام سخت هوندو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَوَقٰىهُمُ اللّٰهُ شَرَّ ذٰلِكَ الْيَوْمِ وَلَقّٰىهُمْ نَضْرَةً وَّسُرُوْرًا ۚ11
پوءِ الله تعالى انهن کي ان ڏينھن جي تڪليف کان بچائيندو ۽ کين تازگي ۽ خوشي بخشيندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَجَزٰىهُمْ بِـمَا صَبَرُوْا جَنَّةً وَّحَرِيْرًا ۙ12
۽ انهن کي صبر جي بدلي ۾ جنت ۽ ريشمي لباس عطا ڪندو.
— عبدالسلام ڀُٽومُّتَّكِــــِٕيْنَ فِيْهَا عَلَي الْاَرَاۗىِٕكِ ۚ لَا يَرَوْنَ فِيْهَا شَمْسًا وَّلَا زَمْهَرِيْرًا ۚ13
اُهي جنت ۾ تختن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا ۽ اُتي کين نه اُس جي تپش تپائيندي ۽ نه ٿڌ جي ڏڪڻي وٺندي.
— عبدالسلام ڀُٽووَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلٰلُهَا وَذُلِّـلَتْ قُـطُوْفُهَا تَذْلِيْلًا 14
انهن جي مٿان باغ جي وڻن جي ڇانو ويجهو ٿيل هوندي ۽ ان جا ميوا به تمام ويجها لٽڪيل هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَيُطَافُ عَلَيْهِمْ بِاٰنِيَةٍ مِّنْ فِضَّةٍ وَّاَكْوَابٍ كَانَتْ قَوَا۩رِيْرَا۟ ۙ15
انهن لاءِ (کائڻ پيئڻ جي شين سان ڀريل) چانديءَ جا اهڙا ٿانو ۽ پيالا ايندا رهندا جيڪي شيشي وانگر جرڪندڙ هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽوقَوَا۩رِيْرَا۟ مِنْ فِضَّةٍ قَدَّرُوْهَا تَقْدِيْرًا 16
شيشو به اهڙو جيڪو چانديءَ جو قسم هوندو ۽ ٿانوَ به مناسب انداز ۾ (شين سان) ڀريل هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَيُسْقَوْنَ فِيْهَا كَاْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنْجَبِيْلًا ۚ17
۽ ان ۾ انهن کي اهڙو ته شراب پياريو ويندو جنھن ۾ سُنڍ (يعني اَدرڪ) جي هلڪي خوشبو مليل هوندي.
— عبدالسلام ڀُٽوعَيْنًا فِيْهَا تُسَمّٰى سَلْسَبِيْلًا 18
ان ۾ (ان شراب جو) هڪ چشمو هوندو جنھن کي سلسبيل چيو وڃي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَيَطُوْفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَ ۚ اِذَا رَاَيْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤًا مَّنْثُوْرًا 19
انهن وٽ سدائين هڪ ئي قد بت ۾ رهڻ وارن ڇوڪرن جو (خدمت لاءِ) اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو. جڏهن توهان انهن کي ڏسندا ته ايئن لڳندو ڄڻ ته هُو کنڊڙيل موتي آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذَا رَاَيْتَ ثَمَّ رَاَيْتَ نَعِيْمًا وَّمُلْكًا كَبِيْرًا 20
جڏهن جنتي هر طرف نظر ڪندا ته کين ايتريون ته نعمتون نظر اينديون ڄڻ ته اتي وڏي بادشاهي وارا ٺٺَ لڳا پيا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽو