075 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
لَآ اُقْسِمُ بِيَوْمِ الْقِيٰمَةِ 1ۙ
مان قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَآ اُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ 2ۭ
۽ ملامت ڪندڙ نفس (يعني دل) جو به قسم کڻان ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽواَيَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَلَّنْ نَّجْمَعَ عِظَامَهٗ 3ۭ
ڇا انسان اهو سمجهي ويٺو آهي ته مرڻ کان پوءِ اسان سندس هڏين کي هڪ هنڌ گڏ نه ڪري سگهنداسين؟
— عبدالسلام ڀُٽوبَلٰى قٰدِرِيْنَ عَلٰٓي اَنْ نُّسَوِّيَ بَنَانَهٗ 4
ڇو نه! اسان ته ان جي آڱرين جي هڪ هڪ جوڙ کي (ٻيھر) سڌو ڪرڻ جي طاقت رکون ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽوبَلْ يُرِيْدُ الْاِنْسَانُ لِيَفْجُرَ اَمَامَهٗ 5ۚ
بلڪه انسان چاهي ٿو ته هو آئندهه به برا عمل ڪندو رهي.
— عبدالسلام ڀُٽويَسْــَٔـلُ اَيَّانَ يَوْمُ الْقِيٰمَةِ 6ۭ
۽ (ان جي باوجود هو) پڇي ٿو ته اهو قيامت جو ڏينھن ڪڏهن ايندو؟
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِذَا بَرِقَ الْبَصَرُ 7ۙ
جڏهن (سڀني جون) اکيون چُنجهي ٿي وينديون.
— عبدالسلام ڀُٽووَخَسَفَ الْقَمَرُ 8ۙ
۽ چنڊ جي روشني ختم ٿي ويندي.
— عبدالسلام ڀُٽووَجُمِعَ الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ 9ۙ
سج ۽ چنڊ کي (هڪ هنڌ) گڏ ڪيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽويَقُوْلُ الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍ اَيْنَ الْمَفَرُّ ۚ10
ان ڏينھن انسان چوندو ته ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا لَا وَزَرَ ۭ11
هرگز نه! (اڄ) ڪابه ڀڄڻ جي جاءِ نه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِلٰى رَبِّكَ يَوْمَىِٕذِ ۨالْمُسْتَــقَرُّ ۭ12
اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ئي وڃي بيهڻو پوندو.
— عبدالسلام ڀُٽويُنَبَّؤُا الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍۢ بِـمَا قَدَّمَ وَاَخَّرَ ۭ13
پوءِ انسان کي سندس اڳيان ۽ پويان سڀ عمل ٻڌايا ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽوبَلِ الْاِنْسَانُ عَلٰي نَفْسِهٖ بَصِيْرَةٌ ۙ14
حالانڪه انسان پنھنجو پاڻ کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّلَوْ اَلْقٰى مَعَاذِيْرَهٗ ۭ15
توڙي جو هو ڪيترائي بھانا پيش ڪري.
— عبدالسلام ڀُٽولَا تُحَرِّكْ بِهٖ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهٖ ۭ16
(اي نبيﷺ! وحي نازل ٿيڻ وقت توهان قرآن) جلدي ياد ڪرڻ خاطر پڙهڻ ۾ تڪڙ نه ڪريو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهٗ وَقُرْاٰنَهٗ ښ 17
بيشڪ ان کي ياد ڪرائڻ ۽ (زبان سان) پڙهائڻ اسان جو ڪم آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِذَا قَرَاْنٰهُ فَاتَّبِـــعْ قُرْاٰنَهٗ ۚ18
جڏهن اسان ان کي پڙهون ته توهان اُن پڙهڻ ڏي غور سان ڌيان ڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ اِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهٗ ۭ19
ان جي تشريح ڪرڻ به اسان جو ئي ڪم آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا بَلْ تُحِبُّوْنَ الْعَاجِلَةَ ۙ20
هرگز نه! (ڪافرن کي ٻڌاءِ ته) توهان رڳو دنيا جي شين سان محبت رکو ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽو