074 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 56 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
يٰٓاَيُّهَا الْمُدَّثِّر 1ۙ
اي (پاڻ تي چادر) ويڙهڻ وارا!
— عبدالسلام ڀُٽوقُمْ فَاَنْذِرْ ۽ 2
(هاڻي) اُٿ ۽ (پنھنجي قوم کي) ڊيڄار.
— عبدالسلام ڀُٽووَرَبَّكَ فَكَبِّرْ ۽ 3
پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.
— عبدالسلام ڀُٽووَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ ۽ 4
پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.
— عبدالسلام ڀُٽووَالرُّجْزَ فَاهْجُرْ ۽ 5
(هر قسم جي) گندگي کان پري رهه.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَا تَمْنُنْ تَسْتَكْثِرُ ۽ 6
(دنيا ۾) گهڻي ملڻ خاطر (ڪنھن تي) احسان نه ڪر.
— عبدالسلام ڀُٽووَلِرَبِّكَ فَاصْبِرْ 7ۭ
۽ پنھنجي پالڻھار خاطر صبر ڪر.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِذَا نُقِرَ فِي النَّاقُوْرِ 8
پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَذٰلِكَ يَوْمَىِٕذٍ يَّوْمٌ عَسِيْرٌ 9ۙ
اهو ڏينھن ڏاڍو ڏکيو هوندو.
— عبدالسلام ڀُٽوعَلَي الْكٰفِرِيْنَ غَيْرُ يَسِيْرٍ 10
ڪافرن جي لاءِ (هرگز به) هلڪو نه هوندو.
— عبدالسلام ڀُٽوذَرْنِيْ وَمَنْ خَلَقْتُ وَحِيْدًا ۙ11
(اي نبيﷺ!) ڇڏي ڏي مون کي ۽ جنھن کي مون اڪيلو ڪري پيدا ڪيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَّجَعَلْتُ لَهٗ مَالًا مَّمْدُوْدًا ۙ12
مون کيس (يعني وليد بن مغيره کي) تمام گهڻو مال ڏنو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّبَنِيْنَ شُهُوْدًا ۙ13
فرمانبردار پُٽ ڏنا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّمَهَّدْتُّ لَهٗ تَمْهِيْدًا ۙ14
۽ مون ان کي (دنيا ۾ سڀني کان) اڳتي رکيو.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ يَطْمَعُ اَنْ اَزِيْدَ ڎ 15
پوءِ به هو لالچ ڪري ٿو ته مان کيس اڃا به گهڻو ڏيان.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا ۭ اِنَّهٗ كَانَ لِاٰيٰتِنَا عَنِيْدًا ۭ16
هرگز نه! (هاڻي ايئن نه ٿيندو) بيشڪ هو اسان جي آيتن سان دشمني رکي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽوسَاُرْهِقُهٗ صَعُوْدًا ۭ17
مان کيس عنقريب تڪليفن جي چاڙهي چاڙهائيندومانس.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّهٗ فَكَّرَ وَقَدَّرَ ۙ18
بيشڪ هن سوچي سمهجي سازش تيار ڪئي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَقُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ19
مٿس لعنت پوي، ڪهڙي ته (بُري) سازش ٿو سِٽي.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ قُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ20
وري ٻيھر (به) مٿس لعنت پوي، ڪهڙي ته (بُري) سازش ٿو سِٽي.
— عبدالسلام ڀُٽو