072 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
قرآن مجيد
مُترجم: عبدالسلام ڀُٽو
قُلْ اُوْحِيَ اِلَيَّ اَنَّهُ اسْتَـمَعَ نَفَرٌ مِّنَ الْجِنِّ فَقَالُوْٓا اِنَّا سَمِعْنَا قُرْاٰنًا عَجَبًا 1ۙ
(اي نبيﷺ!) چؤ ته مون کي وحي جي ذريعي ٻڌايو ويو آهي ته جنن جي هڪ ٽولي (مون کان قرآن) غور سان ٻڌي (پنھنجي قوم کي وڃي) چيو ته: بيشڪ اسان هڪ عجيب قرآن ٻڌو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويَّهْدِيْٓ اِلَى الرُّشْدِ فَاٰمَنَّا بِهٖ ۭ وَلَنْ نُّشْرِكَ بِرَبِّنَآ اَحَدًا 2ۙ
جيڪو سڌو رستو ڏيکاري ٿو، تنھنڪري اسان ان تي ايمان آندو آهي ۽ (هاڻي) اسان ڪڏهن به پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪنداسين.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّهٗ تَعٰلٰى جَدُّ رَبِّنَا مَا اتَّخَذَ صَاحِبَةً وَّلَا وَلَدًا 3ۙ
۽ (اهو به چيو ته) بيشڪ اسان جي پالڻھار جو شان ته انتھائي بلند آهي. هن نه ڪنھن کي زال بڻايو آهي ۽ نه ئي پُٽ ٺاهيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّهٗ كَانَ يَقُوْلُ سَفِيْهُنَا عَلَي اللّٰهِ شَطَطًا 4ۙ
بيشڪ اسان مان ئي ڪن بيوقوفن الله تعالى جي لاءِ بيھوده ڳالهيون ٺاهيون آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ تَقُوْلَ الْاِنْسُ وَالْجِنُّ عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا 5ۙ
اسان اهو سمجهندا هئاسين ته انسان ۽ جن الله تعالى جي باري ۾ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّهٗ كَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْاِنْسِ يَعُوْذُوْنَ بِرِجَالٍ مِّنَ الْجِنِّ فَزَادُوْهُمْ رَهَقًا 6ۙ
بيشڪ انسانن مان ڪيترائي ماڻهو جنن جي پناهه وٺندا هئا. تنھن ڪري اسان جي ماڻهن (يعني جنن) جي مغروري اڃا به وڌي وئي.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّهُمْ ظَنُّوْا كَـمَا ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّبْعَثَ اللّٰهُ اَحَدًا 7ۙ
اسان جي ماڻهن وانگر انسانن به اهو گمان ڪيو هو ته الله تعالى ڪڏهن به ڪنھن کي رسول بنائي نه موڪليندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّا لَمَسْنَا السَّمَاۗءَ فَوَجَدْنٰهَا مُلِئَتْ حَرَسًا شَدِيْدًا وَّشُهُبًا 8ۙ
اسان آسمان کي (چڱي طرح) جاچي ڏٺوسين ته هو سخت پھريدارن ۽ شعلن سان ٽمٽار ٿيو پيو هو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْهَا مَقَاعِدَ لِلسَّمْعِ ۭ فَـمَنْ يَّسْتَمِعِ الْاٰنَ يَجِدْ لَهٗ شِهَابًا رَّصَدًا 9ۙ
بيشڪ اسان پھريان آسمان جي ڪيترين ئي جڳھن تي (ڪن ڏيئي) ٻڌڻ لاءِ ويھي رهندا هئاسين پر هاڻي (اهو حال آهي ته) اسان مان جيڪو به ڪن ڏئي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته هڪ اُماڙيءَ وارو تارو (اڳ ئي) اسان ڏانھن اچڻ لاءِ تيار هوندو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّا لَا نَدْرِيْٓ اَشَرٌّ اُرِيْدَ بِمَنْ فِي الْاَرْضِ اَمْ اَرَادَ بِهِمْ رَبُّهُمْ رَشَدًا ۙ10
(اها حالت ڏسي) اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته زمين وارن سان ڪو برو حشر ٿيڻ وارو آهي يا کين سندن پالڻھار سڌي رستي تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّا مِنَّا الصّٰلِحُوْنَ وَمِنَّا دُوْنَ ذٰلِكَ ۭ كُنَّا طَرَاۗىِٕقَ قِدَدًا ۙ11
اسان مان ڪجهه ماڻهو نيڪ آهن ۽ ڪجهه وري اُنهن کان مختلف آهن ۽ اسان مختلف مسلڪن (يعني طريقن) ۾ ورهايل آهيون.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ نُّعْجِزَ اللّٰهَ فِي الْاَرْضِ وَلَنْ نُّعْجِزَهٗ هَرَبًا ۙ12
بيشڪ اسان اهوئي سمجهندا هئاسين ته اسان الله تعالى کي زمين ۾ ڪڏهن به بي وس نٿا ڪري سگهون ۽ نه ان کان ڀڄي کيس ٿڪائي سگهون ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّا لَمَّا سَمِعْنَا الْهُدٰٓى اٰمَنَّا بِهٖ ۭ فَـمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِرَبِّهٖ فَلَا يَخَافُ بَخْسًا وَّلَا رَهَقًا ۙ13
بيشڪ جڏهن اسان هدايت جي ڳالهه ٻڌي ته اُن تي (فوراً) ايمان آندو پوءِ جيڪو به پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيندو ته هو ڪنھن به زيادتي (۽ ظلم) کان نه ڊڄندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّا مِنَّا الْمُسْلِمُوْنَ وَمِنَّا الْقٰسِطُوْنَ ۭ فَـمَنْ اَسْلَمَ فَاُولٰۗىِٕكَ تَحَرَّوْا رَشَدًا 14
اسان مان ڪي مسلمان آهن ته ڪي وري نافرمان. پوءِ جيڪي مسلمان آهن (حقيقت ۾) انهن ئي سڌو رستو ڳولي ورتو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَمَّا الْقٰسِطُوْنَ فَكَانُوْا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا ۙ15
باقي جيڪي نافرمان آهن سي ته جھنم جو ٻارڻ ٿيندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنْ لَّوِ اسْتَــقَامُوْا عَلَي الطَّرِيْقَةِ لَاَسْقَيْنٰهُمْ مَّاۗءً غَدَقًا ۙ16
(اي نبيﷺ!) جيڪڏهن هي ماڻهو سڌي رستي تي ثابت قدمي سان هلن ها ته اسان انهن کي خوب سيراب ڪري ڇڏيون ها.
— عبدالسلام ڀُٽولِّنَفْتِنَهُمْ فِيْهِ ۭ وَمَنْ يُّعْرِضْ عَنْ ذِكْرِ رَبِّهٖ يَسْلُكْهُ عَذَابًا صَعَدًا ۙ17
ته جيئن (خوشحاليءَ ۾ به) انهن جي آزمائش ڪريون ها ۽ جيڪو به پنھنجي پالڻھار جي ذڪر کان منھن موڙيندو ته ان کي الله تعالى (زندگيءَ ۾ ئي) وڏي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّ الْمَسٰجِدَ لِلّٰهِ فَلَا تَدْعُوْا مَعَ اللّٰهِ اَحَدًا ۙ18
بيشڪ مسجدون الله تعالى جون آهن سو انهن ۾ الله تعالى سان گڏ ٻئي ڪنھن کي به نه پڪاريو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّاَنَّهٗ لَمَّا قَامَ عَبْدُ اللّٰهِ يَدْعُوْهُ كَادُوْا يَكُوْنُوْنَ عَلَيْهِ لِبَدًا ۉ 19
۽ بيشڪ جڏهن الله تعالى جو ٻانهو کيس پُڪارڻ لاءِ اُٿي بيٺو ته ماڻهو مٿس اچي گهيرو ڪرڻ لڳا (ته جيئن هو الله تعالى کي نه پڪاري)
— عبدالسلام ڀُٽوقُلْ اِنَّـمَآ اَدْعُوْا رَبِّيْ وَلَآ اُشْرِكُ بِهٖٓ اَحَدًا 20
چؤ ته مان ته رڳو پنھنجي پالڻھار کي ئي پُڪاريندس ۽ اُن سان گڏ ڪنھن کي به شريڪ نه ڪندس.
— عبدالسلام ڀُٽو